1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٽيسٽ جي تياري جو طريقيڪار

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2018۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,744
    ورتل پسنديدگيون:
    5,800
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٽيسٽ جي تياري جو طريقيڪار
    عبدالحفيظ لغاري


    سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1998ع تائين انٽر جي رزلٽ جي بنياد تي ئي داخلا ڏني ويندي هئي پر اُميدوارن جي وڌندڙ تعداد ۽ انٽر تائين امتحانن ۾ ٿيندڙ ڪاپيءَ جي ڪري داخلا لاءِ رڳو اهو معيار مقرر ڪرڻ مُمڪن نه رهيو. سال 1999ع کان وٺي سنڌ يونيورسٽي به انٽري ٽيسٽ وٺڻ شروع ڪئي پر انهيءَ ٽيسٽ جو رڳو چاليهه سيڪڙو کنيو وڃي ٿو. باقي پنجاهه سيڪڙو انٽر جو رزلٽ ۽ ڏهه سيڪڙو مئٽرڪ جو رزلٽ رکي فائنل پرسنٽ ٺاهيو ويندو آهي. مثال طور هڪ شاگرد انٽري ٽيسٽجي100 مان 50 مارڪون کنيون، مطلب ته پنجاهه سيڪڙو مارڪون کنيون، مئٽرڪ ۾ ستر سيڪڙو ۽ انٽر ۾ سٺ سيڪڙو مارڪون اٿس ته پوءِ سندس فائنل رزلٽ هيئن ٿيندو؛پنجاهه جو چاليهه سيڪڙو ٿيو 20، مئٽرڪ جي ستر جو ڏهه سيڪڙو ٿيو 7 ۽ انٽر جي 60 سيڪڙو جو پنجاهه سيڪڙو ٿيو 30. ڪُل ملائي 57 سيڪڙو.(گُذريل 19 سالن کان وٺي اهو طريقيڪار آهي، جيڪو وقت سان بدلجي به سگهي ٿو).

    اڄڪلهه جيڪو حساب هلي ٿو پيو، انهيءَ ۾ شاگرد کي رڳو داخلا لاءِ ئي گهٽ ۾ گهٽ فائنل اسڪور پنجاهه کان ته مٿي کڻڻ کپي. مطلب ته سندس مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ بي گريڊ آهن ته کيس انٽري ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سيڪڙو مارڪون ته لازمي کڻڻيون آهن. باقي جيترو وڌيڪ اسڪور هوندو اوترو مقابلي ۾ مٿي هوندو.

    اها ته سڀني کي خبر ئي هوندي ته ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ۾ داخلا لاءِ ورتي ويندڙ ٽيسٽ ته انٽر جي ڪورس مان ئي ٿئي ۽ ان جي تياريءَ جا کوڙ سينٽر آهن جيڪي داخلا کان ڇهه مهينا اڳ ئي ڀريا ڏسبا آهن پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ جي تياري ڪرائڻ لاءِ ڪي سينٽر نه هُجڻ برابر آهن. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽري ٽيسٽ ڪُجهه الڳ ئي آهي. اها ٽيسٽ ڪنهن هڪ طرح جي شُعبي جي داخلا لاءِ نه پر ڪافي سارن (آرٽس سائنس ۽ ٽيڪنالاجي) جي شُعبن ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ آهي تنهنڪري ان کي اهڙي نموني تيار ڪيو وڃي ٿو جو گُذريل ٻارنهن سالن (پھرين کان ٻارنھن درجي تائين) ۾ شاگرد جي پڙهائي کي جانچي سگهجي. تنهنڪري انهيءَ ٽيسٽ ۾ انگريزي، جنرل سائنس، جنرل ناليج، بنيادي رياضي ۽ آئي قيو جا سوال هُجن ٿا. ٻين جي تياري ته کڻي ڪو ڪرائي به سهي پر آئي ڪيو ۽ جنرل ناليج اهڙا سيڪشن آهن، جيڪي ٽيسٽ جي رزلٽ ۾ معنى خيز تبديلي آڻين ٿا. آئي قيو لاءِ دماغي تيزي ۽ ان سبجيڪٽ ۾ دلچسپي هُجڻ لازمي آهي. جنرل ناليج لاءِ اخبارون ۽ ميڊيا (خاص ڪري بي بي سي) ٻُڌندڙ شاگردن جا ڪافي امڪان هوندا آهن ته اهي جنرل ناليج وارو سيڪشن سُٺين مارڪن سان پاس ڪن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شروع کان اها روايت رهي آهي ته اها هر سال داخلا لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ ٽاپ ٽين شاگردن کي انعام ڏيندي آهي. منهنجو ڳوٺائي محمد علي جنهن 2006 ۾ ٽيسٽ ڏني ۽ ٽيسٽ ۾ 73.5 سيڪڙو مارڪون کڻي سڄي سنڌ ۾ ٽاپ ڪيو. ڇهين ڪلاس کان ئي انگلش گرامر ۽ لفظن جي ذخيري وڌائڻ جو شوق هوندو هوس ۽ بي بي سي ٻُڌڻ بلا ناغه وارين عادتن مان هڪ هئس. اهو ئي سبب هو جو هُن ٻين جيان سائنس ۽ رياضيءَ ۾ ته مارڪون کنيون پر جنرل ناليج ۽ انگريزيءَ ۾ بہ ٻين کي مات ڏيئي ويو. هن کي داخلا به سندس فرسٽ چوائس تي فارميسي ۾ ملي ۽ انهيءَ ۾ به هو سٺو رهيو.تنهنڪري اهو ياد رهي ته سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ جو اڌواڌ نتيجو اڳ 12 ساله تعليم ۽ غير نصابي مطالعي تي ئي بيهي ٿو ۽ ڪُجهه وقت اڳ ڪيل تياري سان ڪنهن حد تائين اسڪور ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي.

    مٿي ڏَسيل سيڪشنز بابت هتي هر هڪ بابت ڪُجهه ٽپس ڏجن ٿيون.

    انگريزي

    هن سيڪشن جي شروعات ساڳي معنى (Synonyms) ۽ ضد (Antonyms) سان ٿئي ٿي. لفظ جيترا به ياد ڪجن اُهي ٿورا آهن ڇو ته انگريزي جي لفظن جو ذخيرو ياد ڪرڻ کان گهڻو آهي. پر ان جو هڪ طريقو اهو آهي ته انگريزي وڌ کان وڌ پڙهجي. ان ۾ ايندڙ نوان لفظ هڪ ڪارڊ تي لکي انهن جي معنى لکجي ۽ ايئن في ڪارڊ تي پنج کان ڏهه لفظ لکي اهڙا ڪافي سارا ڪارڊ گڏ ڪجن ۽ پوءِ روزانو اهي وري وري پڙهجن. لفظ ياد رکڻ لاءِ انهن کي پاڻ جملن ۾ استعمال ڪجي ته بهتر يا وري ياد ڪيل لفظ ٻيهر ڪنهن هنڌ پڙهجي ته لفظ جو مفهوم پڻ صحيح سمجهه ۾ ايندو ۽ لفظ ياد رهندو. Vocabulary کي بهتر ڪرڻ جا مناسب قيمت تي ڪتابن جي وڏين بازارن مان ڪتاب پڻ ملن ٿا جيڪي وٺي ان ۾ ڏنل مشورن تي پڻ عمل ڪجي جنهن لاءِ افضال انور مفتي سيريز ۽ جنرل انگلش جا ڪتاب (جهڙو ڪر ڪئمبرج وارن جو مرفي يا آڪسفورڊ جو پريڪٽيڪل انگلش گرامر) مفيد رهندا.

    جنرل سائنس:

    هن سيڪشن ۾ هرو ڀرو ڪا وڏي يا ائڊوانس سائنس نه ٿي اچي. جيڪڏهن Everyday Science جهڙا ڪتاب هڪ نظر ڏسجن ۽ ڇهين ستين اٺين ڪلاس جي سائنس کي سُٺي نموني نظر مان ڪڍجي ته هي سيڪشن حل ڪري سگهجي ٿو. هن سيڪشن ۾ گهڻو ڪري اهڙا سوال ڪيا ويندا آهن جيڪي دنيا ليول جي معاملن سان لاڳاپيل هجن. خاص ڪري ان وقت جي هلندڙ اشوز بابت مثال طور هن وقت عالمي گرمي پد.

    جنرل ناليج:

    جيئن مٿي چيو ويو ته هي اهڙو سيڪشن آهي جيڪو جيتري به محنت ڪجي پر جيڪڏهن شاگرد جي شروع کان عام معلومات ڏانهن دلچسپي نه هوندي ته سُٺي نموني حل نه ڪري سگهندو. اڪثر شاگرد Who is who and what is what تي ڀاڙين ٿا. اهو به برو ناهي پر گهڻو ڪري هن سيڪشن ۾ تازه ترين معلومات جي جانچ ڪئي ويندي آهي. ايستائين جو ٽيسٽ کان ڪُجهه ڏينهن اڳ تبديل ٿيل ڪنهن وڏي عُهدن بابت پڻ پُڇيو وڃي ٿو. ان لاءِ چئني صوبن جي نمايان عهدن (گورنر، وزيرن جج وغيره) بابت پاڻ کي اپڊيٽ رکجي ته بهتر. گهڻو ڪري ڪُجهه سوال مُلڪي سرحدن بابت پڻ پُڇيا ويندا آهن ان لاءِ سُٺو ٿيندو ته چهين کان اٺين ڪلاس جي جياگرافي يا سماجي اڀياس کي پڙهي وٺجي. ان کان علاوه مُلڪن جي گادي جا هنڌ ۽ ڪرنسي جا نالا پڻ پُڇيا ويندا آهن انهن کي به ذهن نشين ڪجي.

    بنيادي رياضي:

    هن سيڪشن ۾ بنيادي رياضي Arithmetic هوندي آهي. جنهن ۾ عام اڻ پور، انڊر روٽ، الجبرا ۽ ڪُجهه جياميٽري جا سوال هوندا آهن. گهڻو ڪري اهي سوال پڻ ڇهين کان اٺين ڪلاس جي رياضي ليول جا هُجن ٿا پر ان جي بهتر تياري لاءِ جي آر اي جي ساڳي سيڪشن ۾ ايندڙ سوال حل ڪجن ان سان سُٺي مشق ٿي ويندي. جي آر اي جي تياري جا ڪتاب به ايڏا مهانگا ناهن وٺي سگهجن ٿا. هونئن به هر شاگرد کي جي آر اي جي ٽيسٽ لاءِ ته انٽر کان ئي پڙهڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪرڻ گهُرجي.

    آئي قيو:

    هن سيڪشن ۾ دماغ تي زور وجهندڙ سوال پُڇيا ويندا آهن جيڪي پڻ جي آر اي جي تياري لاءِ ڏنل ڪتابن ۾ ملي ويندا ۽ آ ئي قيو جي تياري لاءِ ننڍا ننڍا ڪتاب ۽ چوپڙيون پڻ ملن ٿيون. هن سيڪشن ۾ سوال به گهٽ هوندا آهن ۽ تياري به سؤلي آهي. ڪُجهه سوال ڪُجهه اهڙي انداز ۾ ڪيا وڃن ٿا جيڪي مڪمل توجه سان ڪرڻ گهُرجن. مثال طور 2000ع ۾ هن سڪيشن جو هي سوال هو؛ اوهان جي گهڙي 6 منٽ پوئتي آهي. ٽرين جو وقت 11.30 آهي پر 5 منٽ ليٽ آئي آهي اوهان ٽرين ۾ چڙهيا ته ڪيترو وقت هوندو اوهان جي گهڙي ۾؟

    داخلا فارم ڀرڻ وقت به اهو احتياط ڪجي ته پنهنجي پسند جا ڏهه (وڌ کان وڌ مقرر حد) ڊپارٽمينٽس لکڻ جي ترتيب ڪيئن رکجي. ڇو ته انهيءَ ترتيب جي به اهميت آهي. مثال طور ٻه شاگرد هڪ جيترو اسڪور کڻي ٿا اچن ۽ ٻئي چاهين ٿا ته کين ڪمپيوٽر سائنس ۾ داخلا ملي پر هڪڙي انهيءَ ترتيب لکڻ مهل اهو ڊپارٽمينٽ پهرين نمبر تي لکيو ۽ ٻئي وري ٻيو يا ٽيون نمبر لکيو ته اهڙي صورتِحال ۾ اهو ڊپارٽمينٽ پهرين چوائس طور ڪمپيوٽر سائنس لکڻ واري کي ملندو.

    هتي اهو لکڻ ضروري ٿيندو ۽ پڙهندڙ ضرور پاڻ به ياد رکن ۽ ٿي سگهي ته وڌ کان وڌ انٽر جي هن وقت جي شاگردن کي اهو سمجهائين (جيڪي فل الحال ته ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جي داخلا ٽيسٽ ۾ مصروف هوندا) ته يونيورسٽي جڏهن داخلا جو اعلان ڪري ته وقت سر فارم وٺي وٺجي. هڪ ته آخر ۾ رش ٿيڻ سبب فارم ملڻ ۾ به ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ جمع ڪرائڻ مهل به ساڳيو خفو. ٻيو وڏو نقصان اهو ته فارم سان گڏ مليل ڪئٽلاگ وارو ڪتابچو پڙهڻ جو وقت نٿو ملي. جڏهن ته اهو شاگردن لاءِ ضروري آهي ته ڪئٽلاگ کي سُٺي نموني پڙهي وٺن. سنڌ يونيورسٽي ته هر سال داخلا جي اخبار واري اشتهار ۾ اهو واضح ڪري لکي ٿي ته ”مهرباني ڪري ڪئٽلاگ کي چڱي طرح پڙهو،“ پر اسان وٽ اڪثر شاگرد ڪئٽلاگ پڙهڻ کي وقت جو زيان سمجهي ڏهاڪو اڳ جي پاس آئوٽ ڪيل شاگرد کان صلاحون پيا پُڇندا آهن ۽ انهي وچ ۾ يونيورسٽيءَ پاران ڪا پاليسي تبديل ڪئي وئي هُجي ۽ سينيئرز ان بابت نه ٻُڌايو ته شاگرد جو نقصان يقيني آهي.

    سنڌ يونيورسٽيءَ جي الحاق ۾ هلندڙ بدين، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ دادو ڪئمپس ته اڃا نوان آهن. انهن ۾ به مخصوص ڪوٽا لاءِ داخلا انٽري ٽيسٽ جي بنياد تي ئي ٿئي ٿي. هاڻي سنڌ يونيورسٽي اها پاليسي به اختيار ڪئي آهي ته جتي جتي نوان ڪئمپس کوليا اٿن ۽ جيڪي ڊپارٽمينٽس باقاعده هلي رهيا آهن، انهن ضلعن جي شاگردن کي لاڳاپيل ڊپارٽمينٽس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مين ڪئمپس (ڄامشورو) ۾ داخلا نه ملندي يا وري سيٽس گهٽايون اٿن. ان ڪري به ڪئٽلاگ کي چڱي ريت پڙهجي ته خبر پئي ته ڪهڙي ضلعي جو ڪيتريون سيٽون ڪيئن ورهايل آهن.

    انٽر جي شاگردن کي اهو ذهن ۾ رکڻ کپي ته سنڌ ۾ هزارين شاگرد هر سال انٽر پاس ڪن ٿا ۽ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ سيٽن جو تعداد ايترو ناهي جو سڀني کي داخلا ملي وڃي.ڪافي شاگرد جيڪي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ داخلا نه ٿا وٺي سگهن کين گريجوئيشن لاءِ جنرل اسٽڊيز جي ڊپارٽمينٽس ۾ پڙهڻو پئجي سگهي ٿو. بهتر آهي ته اهي اڳواٽ ئي اهو فڪر ڪن ۽ انهيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ گهُربل اهليت جي تياري وٺن. اجاين شين ۾ وقت وڃائڻ بدران معلوماتي ڪتاب پڙهڻ تي زور ڏين. بي بي سي ٻُڌن. دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن جي خبر رکن پر ايترو به نه جو پنهنجي سبجيڪٽ کي ڇڏي ڏين ۽ ايئن به نه جو سبجيڪٽ تي عُبور هُجي پر عام معلومات ڪمزور هُجي مُلڪ جي شهرن جا نالا به ياد نه هُجن. جاگرافيائي حدن جي خبر نه هُجي. وغيره وغيره.

    Sindh University Admission

    Sindh University Entry Test
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,608
    ورتل پسنديدگيون:
    27,103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ بهترين معلوماتي بلاگ ..... ڪم وڻيو. اميد ته هي سلسلو جاري رهندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو