آخر ڇو اسان جو اسپتالون جديد ناهن ٿي سگھيون؟ شرف الدين مرکنڊ طاهري

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    آخر ڇو اسان جو اسپتالون جديد ناهن ٿي سگھيون؟

    شرف الدين مرکنڊ طاهري

    اسان جي ملڪ جون اسپتالو بدقسمتيءَ سان کڻي چئجي ته دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ علاج جي حوالي سان تمام گھڻو پوئتي پيل آهن،جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ هر شيءِ موجود آهي.ان جي باوجود به اسان جي ملڪ جي اندر ته وڏين وڏين بيمارين جو علاج ته ٿئي ئي
    نٿو،جيئن جگر جي پيوندڪاري آهي يا ٻيون به کوڙ سارين بيمارين جي باري ۾ اسان جي ملڪ جا اڪثر ڊاڪٽر چوندا آهن ته فلاڻي فلاڻي بيماريءَ جو علاج هن ملڪ ۾ ناهي وغيره وغيره. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جو امير طبقو ته بنا ڪنهن پريشانيءَ جي ٻاهر ملڪ هليو وڃي ٿو، اتي وڃي ڪري علاج ته ڪرائي وٺي ٿو، پر غريب عوام ڪاڏي وڃي، ڇو ته غريب هڪ ويلو کائي ٿو ته هڪ نه ٿو کائي، جيڪو هڪ ويلو کائي ٿو ڪٿان وري ٻاهري ملڪ مان علاج ٿو ڪرائي سگھي،اسان جي ملڪ جون اسپتالون تمام خراب آهن، خاص ڪري سنڌ جي اسپتالن جي حالت ڪنهن کان ڳجھي ناهي،جٿي اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته غريب عوام جي اولاد کي وڻن جي هيٺان دوا ڏني ويندي آهي يا وري حمل واري عورت کي به گاڏي يا ٻئي ڪنهن شيءَ تي ويهاري ڪري ان کي دوا ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن اسان ڪيترو به حقيقت کان منهن موڙيون پر اها ئي سچائي آهي ته اسان جو اسپتالون جديد ناهن. انهن اسپتال جي ڪري مريض بهتر علاج حاصل ڪرڻ جي بدران ويتر ڀوڳي ٿو، جڏهن ته اسان جي حڪمران جو ڪم صرف اسپتالن جو دورا ڪرڻ هوندو آهي. ۽ ڳالهين جي مٿان ڳالهيون هونديون آهن.عمل ٽڪي جو نه. ڇا انهن سان ملڪ ۾ تبديلي ايندي .ڪاش جيڪڏهن اسان جا حڪمران هڪ ڀيرو پنهنجي گهر ڀاتين کي انهن غريبن جي جگھ تي پاڻ کي رکي ٿورو سوچين ته کين احساس ضرور ٿيندو ته پنهنجن پيارن جو بهتر علاج نه ڪرائي سگھندڙن جي دل تي ڇا گذرندو آهي. خدارا ڪجه غريبن جو احساس ڪريو صحت اسان سنڌ واسين جو بنيادي حق آهي اسان کي اسان جو حق ڏيو





    [​IMG]
    ReplyForward
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪنهن به حڪمران کي عوام سان سچي همدري ته هئي ڪان پهنجو علاج ڪرائڻ سڀ ٻاهرين ملڪ وڃن ٿا،

    الله تعالي عمران خان کي همت ڏئي جو اهو هڪ منفرد سوچ رکي ٿو ٻين سياستدانن کان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو