حضرت عمر فاروق رضي الله عنه......شرف الدين مرکنڊ طاهري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    پهرين محرم الحرام يوم شهادت جي مناسبت سان....

    حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو يوم وصال.....

    تحرير: شرف الدين مرکنڊ طاهري



    محرم الحرام اسلامي ڪيلينڊر جو پهرين مهينو آهي، اسلامي مهيني ۾ پهريون مهينو محرم الحرام ۽ آخري مهينو يعني ذوالحج لازوال قربانين جا مهينا آهن، جن جي اچڻ سان ذهن ۾ قرباني جي لازوال خدمتن جو قدر محسوس ٿيندو آهي، محرم جي مهيني ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين شهادت جو جام پيتو، جڏهن ته آخري مهيني ذوالحج ۾ جڏهن الله جي پياري نبي حضرت ابراهيم عليه السلام کي پنهنجي فرزند کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ لاءِ حڪم ٿيو ته هن فوري طور تي ان حڪم جي تعميل ڪئي، پر سندس اڳيان فرزند جي جاءِ تي ان جانور کي آندو ويو.

    محرم الحرام جي اڄ پهرين تاريخ آهي، هن مهيني اندر ڪافي سارا واقعا جنم ٿيا آهن. تاريخ جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته پهرين محرم الحرام تي حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي وصال جي تاريخ آهي. سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه جا فضائل ۽ ڪارناما بي شمار آهن پاڻ مسلمانن جا ٻئي نمبر تي خليفا ٿي گذريا آهن. سندن کان اڳ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه مسلمانن جو پهريون خليفو ٿي گذريو آهي، ٻنهي جھانن جي سردار رحمت العلمين ﷺ، الله پاڪ کان جنهن جي ايمان آڻڻ جي دعا گھري. الله وٽ پنهنجي محبوب نبيءَ جي دعا قبول پئي ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله عنه اسلام آندو ته ميڙ ۾ وڃي ڪري پنهنجي مسلمان هجڻ جو اعلان ڪيائين، جڏهن ته ان دور ۾ مشرڪن جي ظلمن سبب مسلمان پنهنجو اسلام لڪائيندا هئا حضرت عمرفاروق جو لقب فاروق هو، سندس ڪنيت ابو حفصه هئي، جڏهن ته هي لقب ۽ ڪنيت حضور اڪرم ﷺ جن جي طرفان حضرت عمر فاروق رضي الله عنه کي مليل هيا ۽ والد جو نالو خطاب ۽ والده جو ختمه نالو هيو. حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو اٺين پشت (پيڙيءَ) ۾ رسول الله ﷺ جن سان سندن جو خاندان ملي ٿو.حضرت عمر فاروق رضي الله عنه مسلمان ٿيڻ ۾ چاليهي نمبر تي لکيا وڃن ٿا. سندن جي ولادت ۾مڪي شريف ٿي، سندن جو شمار لکيل پڙهيل گهراڻن سان هو، حضرت عمر فاروق رضي الله عنه اسلام آڻڻ کان پوءِ، پنهنجي سموري حياتي دين اسلام جي تبليغ ۽ الله جي پياري رسول الله ﷺ جي اطاعت ۽ محبت ۾ گذاري، پاڻ جڏهن مسلمان ٿيا ته سندن گھر واريءَ اسلام قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي پاڻ پنهنجي گھر واري کي اسلام جي خاطر طلاق ڏئي ڇڏيائون، غزوهه بدر 6 هجري کان وٺي غزوهه تبوڪ 9 هجري تائين هر غزوهه ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن سان وفاداريءَ سان نڀايائون،

    ٻنهي جهانن جي سردار پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته منهنجا ٻه آسمان تي وزير آهن ٻه زمين تي، زمين وارن مان پهرين نمبر تي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه ۽ ٻئي نمبر تي حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جن آهن. حضرت عمر فاروق رضي الله عنه پاڻ، ان ڳالهه تي فخر ڪندا هئا ته سندن جي تمنا جي مطابق ٽي چار دفعا قرآن ڪريم جون آيتون نازل ٿيون. حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي تقوى، اطاعت رسولﷺ، دين جي مٿان استقامت، قرباني ۽ ايثار بيمثال هوندا هئا، پاڻ انهن شخصيتن مان هيا جن جي تربيت خاص پنهنجي هٿن مبارڪن سان الله جي پياري پيغمبر رسول اڪرم ﷺ جن ڪرڻ فرمائي. اسلام جي پهرين خليفي سيدنا حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه پنهنجي هٿن سان سندن کي مسلمانن جو خليفو نامزد فرمايو. سندن جي خلافت جو دور اسلامي تاريخ جو هڪ شاندار باب آهي، جنهن جي باري ۾ مسلمانن خواهه غير مسلم به سندن جي خلافت واري دور کي مڃيو آهي. پاڻ هڪ حاڪم طور به مڃيا ويندا آهن. هڪ دفعي مسجد ۾ ميمبر رسول تي ويهي ڪري خطبه ڏئي رهيا هئا ته هڪ شخص اٿي بيهي رهيو، ۽ عرض ڪيائين ته اي حضرت صاحب اسان اوهان جو ان وقت تائين خطبه نه ٻڌنداسين جيسيتائين ته هي نه ٻڌائيندو ته هي جيڪو توهان ڪپڙو پاتو آهي اهو زياده آهي ۽ جڏهن ته بيت المال مان جيڪو ڪپڙو مليو هو اهو ٿورو هيو، ته حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جن فرمايو ته هن اجتماع ۾ منهنجو پٽ عبدالله موجود آهي ته سندن جو پٽ عبدالله بن عمر رضي الله عنه اٿي بيٺا ته حضرت عمر فاروق رضي الله عنه پنهنجي پٽ کي فرمايو ته اي منهنجا پٽ! هنن کي ٻڌاءِ ته تنهنجي پيءَ هي ڪپڙو ڪٿان آندو آهي، ورنا قسم آهي ان ذات پاڪ جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته مان قيامت تائين هن منبر تي نه ايندم، حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنهما جن ٻڌايو ته بابا سائين کي جيڪو ڪپڙو مليو هو سو تمام گھٽ هيو، جنهن مان سندن جي ڊريس نه پئي ٺهي سگھي جڏهن ته بابا سائين جا ڪپڙا ڪمزور ٿي ويا هئا. ان جي ڪري مان پنهنجو حصو پنهنجي والد گرامي کي ڏنو.

    حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو شان ۽ رعب دبدبو ايترو هيو جو هڪ طرف ته هي حال هيو ته محض نالي سان قيصر وڪسرى جي ايوان حڪومت ۾ ڏڪڻي پيدا ٿيندي هئي، ٻئي طرف تواضع ۽ انڪساري جو هي عالم هيو ته پنهنجي ڪلهي مبارڪ تي مشڪ رکي بيواهه عورتن جي لاءِ پاڻي ڀريندا هئا، مجاهدين جي گھروارين جي لاءِ بازار مان سودو سامان خريد ڪري ڏيندا هئا، پوءِ جڏهن ان حالت ۾ ٿڪجي پوندا هئا ته پاڻ مسجد ۾ گهڙي کن لاءِ آرام ڪندا هئا.

    سڀ کان پهريان پاڻ عدل پسند هيا ۽ دنيا جي سامهون مثالي نمونو پيش ڪري ڏيکاريون. حضرت سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه جو عدل ۽ انصاف صرف مسلمانن جي دائري تائين محدو نه هيو پر سندن جو ديوان عدل مسلمان،يهودي، عيسائي سڀن جي لاءِ هڪجھڙو هيو. سيدنا حضرت عمر فاروق رضي الله عنه کيرپياڪ ٻارڙن جا به وظائف مقرر ڪيائون.حضرت عمر فاروق رضي الله عنه بيمار جي عيادت نه ڪرڻ واري گورنر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيندا هئا.حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جن پوليس، جيل خانه بيت المال، تعليم جا ادارا قائم ڪيا.حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جن جي عهد خلافت ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ تراويح جي نماز شروع ٿي.

    پهرين محرم الحرام سندن جي شهادت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن اسان کي قرباني، ايثار، عدل، انصاف، محبت، ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو،اڄ جي ڏينهن تي سندن جي ياد ۾ پروگرام منعقد ڪيا ويندا، محفلون منعقد ڪيون وينديون آهن، ڇاڪاڻ جو سندن جي دين اسلام جي سربلندي خاطر ڪيل قربانيون ۽ خدمتون ايندڙ نسل قيامت تائين وساري نه ٿي سگهي، ۽ سندن جو دور حڪومت هر حڪمرانن لاءِ مشعل راهه آهي، سندن جو ئي اهو مشهور قول آهي جڏ جيڪڏهن نيل ندي جي ڀر ۾ جيڪڏهن ڪو ڪتو به مري وڃي ۽ اهو حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو دور هجي ته اهو مون کان ضرور پڇا ٿيندي، اها ئي اصل انسانيت، اها ئي خدمت، اها ئي حڪمراني، باقي پنهنجا پيٽ ڀري، پنهنجا کيسا ڀري، اقتدار جا نشا ماڻيندڙ حڪمرانن کي ان مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.

    سندن جي دور خلافت ۾ اسلامي سلطنت کي ايتري ته وسعت ملي جو فارس، روم جھڙيون سلطنتون سندن جي خلافت واري دور ۾ فتح ٿيون.اهڙي طرح مصر کان آذربائيجان تائين جيڪي به علائقا هيا اهي به فتح ٿيا. سيرة العمران لابن الجوزي ۾ آهي ته سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه قرآن ڪريم جي تعليم جي لاءِ باقائده قراء ۽ استاد مقرر ڪيا ۽ انهن جي ماهوار پگهار به مقرر ڪئي وئي. سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه جي دور حڪومت جو نظام عدل ۽ انصاف اڄ به مثال طور پيش ڪيو ويندو آهي. سندن جي وفات پهرين محرم الحرام سن 24 هجري بمطابق 7 نومبر 644ع ۾ مديني شريف ۾ ٿي.
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
  3. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    مهرباني ادا ڀاء
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو