1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

بي اي پاس

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ثاقب بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2018۔

  1. ثاقب بلوچ

    ثاقب بلوچ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2018
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ
    ماڳ:
    تعلقو ٺري ميرواھ ضلعو خيرپور ميرد
    ڪهاڻي:
    (بـــــــــــــــي.اي) پـــــــــــــــــــــاس
    صدف ۽ ساگر هڪ ئي ڳوٺ جا پاڙيسري هئا سندن وچ ۾ گهڻي گهرائپ هئي ٻنهين جي وچ ۾ بچپن کان ئي هڪ ڳنڀير ناتو جوڙيل هئو هو ٻئي شرارتون حرڪتون بچپن ۾ ڪٺي ئي ڪندا هئا هلانڪي ايتري قدر جو ٻئي هڪ اسڪول ۾ ۽ ھڪڙي ئي ڪلاس ۾ پڙھندا هئا,
    صدف جو پيء سول انجنئير هئو ۽ ساگر جو پيء هڪ پرائمري ماستر هئو قدرت جو هڪ عجيب اتفاق هيو ساگر پنهجي پيء کي هڪ اڪيلو پٽ ھئو ۽ صدف به سندي پيء کي هڪ اڪيلي نياڻي هئي ساگر کي چار ڀينرون پڻ هيون ۽ صدف کي ٻه ڀائر پڻ هئا,,,,, ساگر ۽ صدف جي دوستي گھڻي مظبوط هئي هڪ ٻئي سان هر ڳالھ اوريندا هئا هڪ ٻئي کي گهڻو ڀائيندا هئا,,, وقت جي گهڙيال سان گڏ انهن جو قد ڀت به وڌندو ويو پر منجهن محبت اڃا به سندي اوج تي هئي,,
    بچپني وقت کان بلوغت جي دروازي تائين هي هڪ ٻئي کي دل ڏئي ويٺا هئا ڄڻڪ هنن هڪٻئي جي روحن تي هڪٻئي جا نالا لکي ڇڏيا هئا, ايتري بي لوث محبت ۽ اعتبار مضبوط هئن جو ائٽم بم سان به نه ٽٽي, وقت جي ڊوڙ سان ٻئي انٽر ڪلاس تائين اچي پهتا,.
    ساگر عشق ۾ قرباني لاء ڪمال هئو, انڪري صدف جيڪو چوندي هئي هو ائين ڪندو هيو, نيٺ هنن جي امتحانن جا ڏڻ به آخر اچي پهتا
    ساگر به پڙھائي ۾ سٺو هئو پر صدف اڃا وڌيڪ هوشيار هئي
    ۽ ائين ئي هنن جا ڪجھ پيپر ٿي ويا هئا ۽ باقي هڪ پيپر رهيل هئن جنهن ساگر جي زندگي بدلاء ڇڏي هئي, ان ڏنھن هنن جي فزڪس جو پيپر هئو ۽ معمول جي تحت پيپر شروع ٿي چڪو هئو اڃا اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته مٿان بورڊ طرفان جوڙيل ٽيم ڇوڪرن تي اچي ڪاھ ڪئي ائين ئي ڪلاس روم ۾ ڦرندي بورڊ جي طرفان آيل وفد جي هڪ فرد صدف جي ڪرسي هيٺ ڪاغذ جو هڪ ٽڪڙو ڏٺو جنهن مان قانوني طريقي سان اهو ثابت ٿي چڪو هو ته صدف ڪاپي ڪري رهي هئي پر حقيقت ۾ اهو ڪاغذ جو ٽڪڙو صدف جي پويان ويٺل هڪ ٻئي ڇوڪري اڇلايو هو, پر ان فرد کي حقيقت جي ڪهڙي ڪل ان ڪاوڙ مان صدف ڏانھن نهاريو ۽ پيپر ڪڍيائينس صدف روئڻ لڳي پر هن کي ڪو رحم نه آيو ائين ئي هو دروازي ڏانھن وڌيو ته اوچتو هڪ آواز فضا ۾ گونججڻ لڳو, ”اسڪيوزمين سر“
    ھن آواز ڄڻڪ ان فرد آڏو بند ٺاھي ڇڏيا هئا اهو آواز هڪ عاشق جو هئو جيڪو عشق ۾ ڪسجڻ لاء بلڪل تيار هئو اهو عاشق ساگر هئو جنھن ٽيم جي فرد کي چيو سر ڪاغذ جو ٽڪڙو صدف جي ڪرسي هيٺان مون اڇلايو هئو, حقيقت ٻڌي هو ساگر تي ڏمرجي پيو ۽ صدف کي ڪاپي واپس ڪري ساگر کان ڪاپي ڪڍيائين ۽ چيائين ڏسان تون ڪئين ٿو پاس ٿئين,,, ان عمل سان صدف آڏو ساگر جو ڳاٽ اڃا بلند ٿي ويو ۽ سندس محبت اڃا به وڌي وئي... ڪجھ مهينن کانپوء جڏهن سندن رزلت آيو ته صدف اي گريٽ ۾ پاس ٿي هئي ۽ ساگر سي گريٽ ۾ پاس ٿيو هئو ، ساگر حيران ٿيو ۽ عجيب وسوسن ۾ پئجي ويو ”مان ته ڪاپي ڪيس ٿيوهئس پوء سي گريٽ ڪئين آيو آھي ساگر ان الميي کي سمجھي ويو ته بورڊ طرفان منهجي لاء مقرر ڪيل سزا آھي,,, اهڙي ريت صدف جي پيء سندس داخلا يونيورسٽي ۾ ڪرائي ۽ ساگر کي سي گريٽ تي ڪٿي به داخلا نه ملي جنهن سبب ساگر ڏاڍو پريشان هئو ته هاڻي هو ڇا ڪري ساگر ڳنبير سوچ و فڪر کانپوء ڪاليج ۾ بي اي لاء ايڊميشن ورتي ۽ ڪاليج ويندو رهندو هو ۽ ان دوران صدف سان سندس رابطو گهٽ رھندو هئو صدف تقريبن يونيورسٽي جي رنگ ۾ رنگجي چڪي هئي انڪري هي ساگر سان گهٽ رابطي ۾ رھندي هئي ۽ جڏھن ٻئي پاڻ ۾ گڏبا هئا ته صدف ساگر کي گھڻي قدر مصروفيت جا سبب ٻڌآئيندي هئي,,,
    ائين ئي زندگي جو گاڏو دڪبو رهيو
    صدف هاڻي گريجيوٽ ٿي گھر ويٺي ۽ ساگر کي بي اي پاس ڪندي ٻه سال ٿي چڪا هئا ۽ جڏھن ته صدف کي تعليم مڪمل ڪندي ڪجھ مھينا اڃا مس ٿيا هئا,,,
    اهڙي ريت صدف جي شادي جي ڳالھ ٿي,
    ايتري قدر جو تاريخ به تع ٿي چڪو هئو,
    ۽ جڏهن ان ڳالھ جي خبر ساگر کي پئي,,
    تـ ساگر پنهجي ڀيڻ عائشـ کي چيو ته هو صدف تائين نياپو پهچائي ته ساگر کيس ملڻ ٿو چاهي ڀاء جي التجائن تي عائشـ صدف جي گهر وئي جتي عائشـ صدف سان ملي ۽ کيس ساگر جو نياپوڏنائينس پر صدف ساگر سان ملڻ کان مڪمل انڪاريندي چيو ته ادي عائشـ مان ۽ ساگر گڏ کيڏياسين گڏ پڙھياسين پر انجو مطلب اهو هرگز بـ ناهي ته مان ساگر سان گڏ سڄي زندگي گذاريان مان يونيورسٽي مان گريجيوئٽ آھيان ۽ ساگر صرف بي اي پاس آھي ان لاء هو مونکي خوش نٿو رکي سگھي انڪري ساگر کي چئو ته مونکي وساري ڇڏي ائين چئي ٿوري دير لاء خاموش ٿي وئي، وري وڏي غرور ۽ خوشي سان چيائين ادي خبر اٿئي منهجو جنهن سان رشتو ٿي رهيو آھي اهو ڪير آھي, نه ادي مان تـ نٿي ڄاڻان عائشـ جواب ۾ وارڻيو,, صدف مسڪرائيندي چيو ته هو منهجو سڳو ماسات آھي جيڪو هڪ اسيسٽنٽ ڪمشنر آھي, ان ڳالھ تي عائشـ حيران ٿي چيو جائي,,, وري عائشـ ماٺ پئجي ۽ دل و دل ۾ سوچڻ لڳي ته ڪاٿي منهجو ڀاء ۽ ڪاٿي هنجو ماسات هتي ته زمين و آسمان جو فرق آھي, ان سوچ جي جهان مان نڪري عائشـ صدف کان موڪلائي گھرسندي ڏانھن نڪتي جڏھن اچي سندي گهر جي دروازي تي پهتي ته ڏٺائين ته ساگر جون نماڻيون اکيون سندس اوسئيڙي ۾ آھن, ساگر جواب ٻڌڻ لاء اوتاولو ٿيو ويٺو آهي پوء صدف سندس ڀر ۾ ويهي کيس سڄي حقيقت ڪندي چيائين منهجا ڀاء هو اها صدف ھاڻ ناهي رھي جنهن سان تو محبت ڪئي هئي ان لاء ادا جي منهجو مڃين ته صدف کي وساري ڇڏ“ اھو سڀ ڪجھ ٻڌي ساگر صفا سن ٿي ويو ڄڻڪ هن جهان ۾ ئي نه هجي, آخر صدف جي شادي سندي ماسات زاهد سان ٿي وئي جيڪو هڪ اسيسٽنٽ ڪمشنر هو,..
    ھاڻ صدف جي شادي کي چار سال ٿي چڪا هئا ۽ هيل تائين کيس ٻه ٻار به ٿي ويا هئا صدف هڪ هائوس وائف جو ڪم ڪندي هئي کيس مڙس ڏاڍو ڀائيندو هو,,,صدف گذريل چئن سالن ۾ ڪڏھن به ساگر کي ياد نه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪڏھن ڪنهن کان ساگر بابت ڪي احوال ورتا هئائين,, پوء ھڪ ڏنھن صدف کي زاھد فون ڪري چيو ته رات واري ماني نه پچائجان ڇو ته رات ڊپٽي ڪمشنر طرفان دعوت مليل آهي بهترين ڪارڪردگي جي سبب، ۽ ها تون به تياررهجان,,
    ائين ئي ڪجھ پهر گذريا ته صدف زاهد جي انتظار ۾ هئي ته ائين ئي زاهد به اچي نڪتو پوء ٻئي زال مڙس سرڪاري گاڏي ۾ ڊي سي هائوس روانه ٿيا ۽ جڏھن اتي پهتا ته ڊي سي هائوس جي نوڪر کين ويهاريو ۽ پاڻي وغيره پياريو پاڻي پي زاهد نوڪر کان پڇيو ته سر ڪٿي آهن، ان تي نوڪر وراڻيو ته سر اوهان ويهو آء صاحب کي اوهانجي پهچي وڃڻ جي خبر ڏيان ٿو,, ڊي سي کي جڏھن اها خبر ملي ته اي سي پهچي چڪو آھي ته هي هال ڏانهن وڌيو جتي مهمان ويٺل هئا,
    پوء جڏھن حال تي اچي اسلام اعليڪم چيائين ته ٻن ڄڻن مان صرف هڪ زاهد وراڻيو واعليڪم اسلام ڇو ته صدف ڄڻ سن ٿي وئي ڄڻڪ حواس موڪلائي ويا هئس تارا پٽيل ۽ ڊي سي صاحب تي ٽڪيل هئس ڇو ته اهو ڊي سي ساگر ئي هئو اهو ساگر جنهن کي ڪالھ هڪ ڇوڪري ان لاء ٺوڪرايو هئو جو هي صرف بي اي پاس هيو,, ساگر جو ڳاٽ اوچو هو ڇو ته هن ٺوڪرائيندڙ ان ڇوڪري کي وقتي طور چماٽ ھنيو هو, جڏھن ساگر کي صدف سان ڪجھ ڳالهائڻ جو موقعو مليو ته هن چيو,, مس صدف زاهد پئسو ڪجھ به ناهي محبت جي آڏو،، ڪالھ مونکي تون بي اي پاس چئي ڇڏي وئين هوئين اڄ ھي بي اي پاس ڊي سي آھي جنهن مڙس جي پيسي لاء تو مونکي ڌڪاريو هئو اڄ اھو منهجي هيٺان ڪم ڪري ٿو مونکي سر چوي ٿو,, مان اڃا به ان صدف سان محبت ڪريان ٿو جيڪا مونسان گڏ کيڏندي هئي ۽ ان صدف سان پڻ محبت ڪريان ٿو جنهن جي عشق مونکي ڪاپي ڪيس ڪرايو هو پرمان ان صدف سان اڄ بـ نفرت ڪندو آهيان جيڪا اسيسٽنٽ ڪميشنر جي ڪري مونکي ڇڏي وئي,,,,,,,, مان جي چاهيان ها ته سندي غربت تي به خوش رهان ها پر مان توکي ٻڌائڻ پئي چاهي رهيو هئس ته وقت وڏو تماشو اٿئي هي انجو آھي جيڪو هن کي هڪ پل به واندو نه ڇڏي,,,,,
    برهال توسان ملي ڏاڍي خوشي ٿي ,
    ”نائس ٽو ميٽ يو“..............
    ثاقب بلوچ
     
    صدا حسين ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو