ھڪ خيال ;

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2018۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    هي سڄو ڊرامون صرف ۽ صرف ڊيم کي ٺاهڻ جو آ
    عمران ۽ نواز جو تضاد نواز شريف کي ان جي حڪومت ۾ ان کي مات ڏئي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ جيل ڀيڙو ڪرڻ،

    عمران جي ان قدم عوام جي دل کٽي هن کي هر هڪ تي آڱر کڻڻ جي کلي ڇوٽ ملي جنهن سان صرف چند ماڻهن کي نقصان پهتو ائين آخر عمران قوم جي 50% ماڻهن جي دلين تي راج ڪرڻ لڳو هن کي اليڪشن ۾ سيلڪٽ ڪري عهدي تي بهاريو ويو،

    ملڪ جا 10%ماڻهون ته اڳي ئي ڊيم جي حامي هيا ان جي حڪومت ۾ اچڻ سان ان جي پارٽي جا سڀ ميمبر هڪ ٿي بيٺا

    نواز شريف جي حڪومت ۾ ڊيم ٺهڻ ممڪن نه هيو ڇو ته قوميت هر صوبي ۾ عروج تي هئي نواز شريف جي حڪومت ۾ اگر ڊيم جو ڪم ڪيو وڃي هان ته قومپرستي جي حوالي سان ملڪ جا 3 صوبا ان کي رد ته 1992 کان ڪندا آيا آهن ۽ ڪن هان عمران نيازي جو ڊيم ۾ هٿ پٺاڻ سان گڏ ملڪ جو باقي عوام به ان جي ها ۾ ها ملائيندو جنهن کي ڪوڙا فائدا ٻڌائي صوبائي سنڌ کي مڪمل طور تي غلام بڻائي ڇڏبو، اهو مڪمن ڪيئن هيو اچون ٿا هاڻي ان پوانٽ تي

    سنڌ جا شعوروند جيڪي سنڌ جي راھ ۾ سرگرم هيا انهن کي کنمڀي گم ڪيو ويو هڪ هڪ ڪري جيڪي اڃان تائين نه موٽيا آهن نه ئي وري سندن کي جيلن ۾ ظاهر ڪيو ويو آ جنهن جو ڪنهن وٽ به ڪوئي جواب ناهي
    سنڌ جي دشمن پارٽي جنهن کي عوام جي ڀلائي نه صرف اقتدار عزيز آ جنهن کي صرف اهو کپي ته هي آزادي سان هلڪا فلڪا ڪم ڪرائي سنڌ جو ڪمايل پئسو با آساني ٻاهر عماڻي سگهي

    ملڪ جي ليڊرن لاء جيل يا گهر ڳالھ ساڳي آهي جيڪو اسان ڏسون ٿا اهو آهي نه جيڪو اسان نٿا ڏسون اصل ڪم اهو آ جنهن جي پٽي اکين تي ٻڌي شخصيت جا پيروڪار کوکلا نعرا هڻي محب وطن جو ثبوت ڏين ٿا انهن بيوقوفن کي اها خبر ناهي ته فلم صرف ٽي وي شوز ۾ نه حقيقي زندگي ۾ به ٺهنديون آهن
    نواز شريف جو جيل ۾ رهڻ صرف ۽ صرف ڊيم ٺهڻ جو منصوبو آ
    چيف جسٽس نواز شريف کي سزا ٻڌائي مهان ٿي ويو ۽ عمران نواز شريف کي سزا ڏيارائي مهان ٿي ويو،
    چيف جسٽس به ڊيم جي فڪر ۾ آ ۽ عمران به ڊيم جي فڪر ۾ آ،
    احتجاج ڇو نٿا ٿين اگر ڊيم نقصان دي آهي ته؟ دوستن جا سوال؟

    اهي ان ڪري ته هن وقت عوام کي آزادي سان ساھ کڻڻ جي به اجازت ناهي ملڪ جا محافظ عوام تي ايترو ڪنٽرول ڪري ويٺا آهن جو اهي جائز حقن جي لاء احتجاج به نٿا ڪري سگهن روڊن تي نڪرڻ ته پري جي ڳالھ اهي پنهنجي موبائل توڙي ڪتاب ۾ حق سچ تي ۽ ٿيندڙ ظلم تي به نٿا لکي سگهن ۽ جيڪي لکن ٿا اهي ڊرامي جا حصو آهن ڀلي اڻڄاڻائي ۾ ئي سهي،

    هن ملڪ جو عوام ذهني توڙي جسماني مڪمل تور تي غلام آ جنهن جي خبر هنن کي مرڻ گهڻي تائين نه پوندي ڇو ته هنن جي سوچڻ جي صلاحيت پڻ ختم ڪئي وئي آ
    هي اهو به نٿا سوچن ته جيڪي ماڻهون کنڀجن ٿا انهن کي جيلن ۾ ڇو نٿو آندو وڃي انهن کي سري عام سزا ڇو نٿي ڏني وڃي

    اهو ان ڪري ڇو ته هي پاڻ چور آهن جيڪي رات جي اونداهي ۾ ڪنهن جي گهر تي ڌاڙهيلن وانگر چڙهائي ڪري عام ماڻهن کي کڻي گم ڪري انهن جي تصديق ڏيڻ کان به لهرائيندا آهن اهو به تسليم ناهن ڪندا ته اسان انهن کي ڪنهن جرم ۾ کنيو آ نهايت ئي افسوس ٿيندو آ سنڌي عوام تي جيڪي پنهنجي نسلن جي تباهي جي منصوبي تي خوش ٿيندا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو