سڪندڙ سنڌ

'مختلف موضوع' فورم ۾ صدا حسين طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2018۔

  1. صدا حسين

    صدا حسين
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2018
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺري ميرواہ
    ترجمو. ۽ جڏھن ماڻھن تي پنهنجو فيصلو سادر ڪيو ته عدل ۽ انصاف سان حڪم ڏيو
    “الـــــــقـران“

    اگر عدل ۽انصاف سان ڏسجي ته پنجاب ۾ بارشون به تمام گهڻيون ٿينديون آھن جن ۾ اڪثر پنجاب جا شهر ٻڏي به ويندا آھن ۽ ڪافي ڊيم جهڙوڪ منگلا تربيلا ، سمبلي ڊيم ۽ ٻيا کوڙ سارا ننڊا وڏا ڊيم پنجاب ۾ موجود آھن،،

    ۽ پوء بہ سرسبز خوشحال صوبي ۾ ڊيم ٺاهي مستقبل جي اتفاقي ضروتن لاء پاڻي اسٽور ڪري رکجي ۽ ٻئي پاسي ننڊن صوبن کي پنهنجي روز مرھ زندگي جي حصي جو پاڻي به نه ملي رهيو آھي ڪجه ٽائيم پهريائين جناب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ اندر پيڻ جي پاڻي جي چڪاس لاء پاڻي جي ماهرن ۽ معزز جج صاحبان جي هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي جنهن انڪواري کانپوء رپورٽ ڏني ته سنڌ جي اڪثر شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب ناهي اتي استعمال ٿيندڙ پاڻي صيحت لاء ھاڃيڪار آھي

    ڊيمن جي ضرروت تڏھن پوندي آھي جڏهن پاڻي زرعي پورائي کان گهڻو هجي ٻيو ته اهو به ضروري آھي ته ڊيم اهڙي جڳه تي ٺاهڻ کپن جتي پاڻي جي پهچ نه جي برابر هجي اچو ته ڏسون پاڪستان ۾ ڪٿي اهڙي ضرورت آھي ڪهڙو صوبو آھي جيڪو زرعي لحاظ کان تمام پٺ تي آھي،،

    تڏھن خبر ٿي پوي ته سنڌ يا بلوچستان ۾ اهڙي ضرورت آھي سنڌ جي ڪجه ضلعن ۾ جتي ووئڻن جو فصل ۽ ڪمند جو فصل تمام گهڻي مقدار ۾ ٿيندو آھي انهن ضلعن ۾ پاڻي جي گهٽ اچڻ ۽ دير سان اچڻ جي ڪري %20 زمينون رهجي ويو باقي 2 مهينن جي دير سان فصل ڪاهيا ويا ۽ ننڊن ننڊن واٽرن (ڪڙين) تي پاڻي جي واري تان تمام گهڻا جهڙا ٿيا،،

    جيڪي سب پوري پاڻي نه ملڻ جي ڪري ٿيا ، سب کان وڏو مسئلو اينڊس ڊيلٽا جتي درياھ ئي سنڌ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو جتي هن مهل درياء جو مٺو پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي ڪاهي پيو آھي جنهن جي ڪري کارو ڇاڻ جون لکين ايڙ زرخيز زمينون هن مهل موت مار سمنڊ جي زهر جهڙي کاري پاڻي جي ور چڙھي ويون آھن ،

    ان سان گڏوڏ ھن علائقي جي آس پاس تمام وڏيون ماحولياتي تبديليو رونما ٿيون آھن جٿي هزارين ايڙ زمينن تي ڪڻڪ جوء مٽر جوئر ۽ چانورن جي بهترين جنس ڳاڙھي چانور جو فصل ٿيندو ھو سو هن مهل راڪاس سمنڊ جي ور چڙھي ويو آيو آھي،

    جنهن ڪري لکين بني آدم سچن سٻاجھڙن پاڪستانن کي پنهنجا اباڻا مستقل گهر زمينون ، قاروبار ڇڏي بي گهر ٿيڻو پيو آھي پر سلو پائزن جئيان هنن سٻاجهڙن کي ان شئي جي اصلي ڪارڻ جي خبر نه هجڻ ڪري صبر ڪرڻو ٿو پوي ٻيو ته هي سڀ آھستي آھستي سالن کان ٿي رهيو آھي ان جي ڪري ڪنهن کي ان مسئلي تي ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس ڪان ٿي آھي،،

    ٺٽي کان بدين تائين 200 ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقو سمنڊ جي ور چڙھي هر طرح جي زندگي کان محروم ٿي ويو آھي کاري پاڻي جي اچڻ کانپوء ٻي هر شئي سان گڏوگڏ سامونڊي طوفانن کان بچاء جو پهريو ۽ بهترين هٿيار ساحلي تمر جا جهنگلات به تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آھن،،


    اينڊس ڊيلٽا جو شمار دنيا جي وسيع ترين ڊيلٽائن ۾ ٿيندو آھي جتي پندرهن لک ايڪڙ تي ساحلي جهنگلات هئا جن مان %85 تباھ ٿي چڪا آھن سنڌ جا ادارا هن جهنگلات کي بچائڻ ۾ گهڻي قدر ناڪام ٿي چڪا آھن
    سڌريل ملڪن جي طريقيڪار مطابق يڪو سسٽم جي ذريعي اينڊس ڊيلٽا ۾ مقررا مقدار ۾ درياه جو پاڻي ڇڏي هن علائقي کي بچائي سگهجي ٿو؛

    پراڻي طعي شده مُحائدي تحت ڏھ ھزار ملن ايڪڙ پاڻي اينڊس ڊيلٽا ۾ روزانو جي بنياد تي ڇڏڻو آھي جنهن جي ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ انساني ابادي کي تباہ ٿيڻ کان بچائي سگھجي ٿو

    شاید کے تیرئے دل مین اتر جائے میري یے بات
     
    سليمان وساڻ ۽ ثاقب بلوچ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو