سنڌو ـ لکت جي ڀاڃ: ممڪن مشڪلاتن جو توڙ سُوزين ريڊاليا سنڌيڪار: رشيدالله زهراڻي

'مقالا' فورم ۾ رشيد الله زهراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2018۔

  1. رشيد الله زهراڻي

    رشيد الله زهراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    سنڌو ـ لکت جي ڀاڃ: ممڪن مشڪلاتن جو توڙ

    سُوزين ريڊاليا

    1970 ع جي ڳالھ آهي جڏهن منهنجو خاندان ڏکڻ ڪليفورنيا ۾ رهندو هو. اتان جي ڀيانڪ دونهي ۽ ڌُنڌ جي سبب سانوڻ جي رُت ۾ اسڪول بند ڪيا ويندا هئا. مون کي ياد ٿو اچي ته مان اکين منجهان پاڻيءَ جا نار وهائي ڇڏيندڙ شوخ هوا سان مهاڏو اٽڪائيندي گهر ڏانهن واپس ورندي هُيس. مڇيءَ جي شڪارتوڻي تفريح خاطر ٻاهر گهمڻ ڦرڻ واسطي اسان کي سمونڊ جوڪنارو ڏسڻ لاءِ پڻ ڪافي عرصو لنگهي ويندو هو.

    سانوڻ جي موڪلن جي گذاري خاطر مان مقامي ڪُتب خاني مان پنج يا پنجن کان وڌيڪ پڪي پاٺي وارن غير افسانوي ڪتابن جو مطالعو ڪندي هيس ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ئي بستر خاني ۾ لڪائي ڇڏيندي هيس. هڪڙي هفتي مان جان چاڊوِڪ John Chadwick جو ڪتاب بعنوان “ لِينيئر بِي جي ڀاڃ“ پاڻ سان نيئي آيس.

    هي ڪتاب مائيڪل وينٽَرس (Michael Ventris) جي باري ۾ هو جيڪو ڪُتبن جو غير پيشيور پڙهاڪ هو۽ انهي ڪريٽ (Crete) جي ٻيٽ ۾ واقع هڪڙي محلات جي قديم کنڊر مان هٿ آيل مٽِيءَ جي تختتين تي لکيل اَڄاتل لکتي سرشتي جي ڀاڃ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي هئي. هي ڪتاب ڪافي اتساهيندڙ هو ۽ ان جي مطالعي هميشه لاءِ منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. ڪيئن؟ ڪتاب جي پُٺئين پاسي واري هڪڙِي حصي ۾ ٻين اڄاتل لکتي سرشتن جي وضاحت ڏنل هئي، جنهن ۾ سنڌو ماٿُر جي ڪجھ مهرن جون تصويرون پڻ ڏنل هيون.

    مون سنڌو ـ لکت جي ڀاڃ بابت پڪو پھ ڪيو، جلد بازي وچان ان جي ناڪام ڪوشش ڪري ويٺيس ۽ اٻهرائي سبب ان جو پنهنجي خاندان وارن سان ذڪر به ڪري ويٺيس جنهن ڪري انهن کي مون تي ڪافي مَٺيان پڻ لڳ ڇاڪاڻ جو انهن کي هندستان چاهي پراچين لپين ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به دلچسپي ڪو نه هئي.

    هاءِ اسڪول جي پوين ٻن سالن جي گذرڻ کانپوءِ مان UCLA ۾ داخل ٿي ويس ڇاڪاڻ جو منهنجو SAT ۾ هاءِ اسڪور آيو. علم الانسان جو مون مکيه مضمون طور انتخاب ڪيو، جنهن سان گڏ لسانيات کي مائنير سبجيڪٽ (ننڍڙي موضوع) طور پڻ کنيو پرلسانيات جي نظرياتي ڪلاسن وٺڻ بجاءِ مون ٻوليون سکيون. گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ مون کي ڪم جي ڳولها ڪرڻي هئي. مون وٽ گريجوئيٽ اسڪول لاءِ رقم ڪو نه هئي. مون مختلف قسم جون نوڪريون ڪيون، شادي به ٿي ويئي ۽ هڪڙو ٻار به پيدا ٿي ويو. سنڌو لکت واري ياد کي مون اڃا تائين ڪونه وساريو هو، پر ان کي ملتوي ڪندي آيس، ٻيو وري سنڌو ـ لکت لاءِ مون وٽ مطالعاتي مواد به ميسر ڪو نه هو.

    سالن کانپوءِ، پنهنجي من پسند موضوعن کي آن ـ لائن تلاشيندي مون هڪ دفعو ٻيهر سنڌو ـ لکت جي درشن ڪرڻ بابت ويچاريو. مون سمجهيو يقينا هن ڀيري شايد ڪنهنن نه ڪنهن ان جي ڀاڃ ڪري ورتي هوندي؟ پر مون کي هن موضوع بابت هيلسنڪي يونيورسٽي طرفان شايع ڪرايل ڪتاب بعنوان ”سنڌو ماٿر جي مهرن ۽ نقشن جو جَسد“ جي ٻيو ڪجھ به نظر ڪونه آيو. هي سال 2010 ع وارو زمانو هو. مان هڙاپا ڊاٽ ڪام واري سائيٽ تي موجود ڪالمن کي پرهڻ لڳيس ۽ انهن سائيٽن تي پڻ نظرڦيرائي جن بابت مون کي لڳو پئي ته انهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي سنڌو لکت جي ڀاڃ موجود هوندي، نه ته به ماهرن ۽ واسطيدار اختيارين طرفان ڪجھ قيمتي مشورا ملندا.هڪڙي ڪالم ۾ سنڌو لکت جي پراميد ڀاڃ ـ وندن کي مشورو ڏنو ويو هو ته اهي بِراهمِي لکت ۽ اِيلَم (Elamite) واري سنئين سڌي لکت جو سنڌو لکت جي نشانين سان موازنو ڪن.



    اتر ۽ ڏکڻ هندستان ۾ براهمي لکت جي لوه واري دور کان وٺي واهپي ۽ ان جي ڀاڃ جي تاريخ اڳ ۾ ئي مقرر ٿي چڪي هئي پر اها ڪانسي / ڪنجهي واري دور واري سنڌو لکت کان بعد جي احوال تي مشتمل هئي.

    سنئين سڌي نموني لکيل اِيلمي لپِي واري لکتي سرشتي جو قديم فارس سان تعلق هو، جيڪا سنڌو لکت جي همعصر ۽ ان سان ڪافي مضبوط هڪجهڙائي رکندڙ هئي. لوور ( Louvre) واري عجائب گهر ۾ ٻن ٻولين وارو يادگار موجود هو جنهن کي معلوم ڪيل عڪادي ڀاشا ۾ شينهن جي ميز ڪوٺيو ويندو هو ۽ ان ۾ نامعلوم ايلمي سنئين سڌي لکت وارو متن پڻ ڏنل هو.

    هن ٻن ڀاشائن واري يادگار جي وسيلي عالمن کي سنئِين سِڌِي لکت وارين ايلمي نشانين جي آوازن جي قدرن جي قليل مقدار ۾ معلومات ملي. ڊاڪٽر سِرِينِوِيسن ڪلياڻ رامڻ جي طرفان سندس ويبسائِِٽ تي رکيل سنڌو سڀيتا وارين مهرن جي تصويرن جي مدد سان مون اڳ ۾ ئي سنڌو لکت جي نشانين جي فهرست تيار ڪري ورتي هئي. مون سنڌو لکت جي نشانين جو سنئين سڌي لکت واري ايلمي لپيءَ سان موازنو ڪيو ۽ مون کي انهن جي درميان هڪجهڙائي نظر آئي. مون هڪڙي ٽٽل لڪير جو ملھ (نا) ۽ ٽن ايسن S (ٽن سينن (س) وارن آوازن (شُو) وارا حرف معلوم ڪيا. ان کانپوءِ مون پاڻ وٽ موجود سنڌو لکت جي فهرست جي براهمي سان ڀيٽ ڪئي، مون کي اهو ڏسي ڪافي حيرانگي ٿي ته هڪڙي درجن کان وڌيڪ نشانيون هوبهو انهن جهڙيون هيون جهڙوڪ، a، ا، o، او، ka، ڪا، ga، گا، da، دا، dha، ڌا، ja, جا، nya، نِيا، tha، ٿا، ta، تا،pa، پا، ba، با، ma، ما، la، لا، ya، يا ۽ sa، سا وغيره.

    تجرباتي طور تي مون کي انهن مان ڪجھ آوازن جا ملھ موصول ٿيا. اتي ساڳين نقشن واريون سنڌو لکت جون ڪجھ نشانيون پڻ موجود هيون جهڙوڪ مڇي ۽ تير وغيره. مون دراوڙي ۽ هند ـ ايراني ۾ مڇيءَ لاءِ ڪتب آندل لفظن جي بنياد تي ڄاتو پئي ته سنڌو لکت ۾ آيل مڇيءَ واري نشانيءَ جو ملھ مِين meen يا ما ma هو. اهو فرض ڪندي ته مان ڪنهن قديم تاملي نالي ڏانهن نهاري رهي آهيان مان babynology.com واري ويبسائيٽ کي کوليو ۽ ان ۾ تامل ڀاشا واري ڀاڱي ۾ منڍ کان مِين ۽ ما، کان شروع ٿيندڙ ٻن پدن وارن نالن لاءِ جانچڻ شروع ڪيو. اتي مون کي هڪڙو ”مانِي“ نالو نظر آيو (جنهن جي معنيٰ آهي موتي) ۽ اهو سنسڪرت واري ڀاڱي ۾ ڏنل هو.


    آخرڪار مون کي تير جي نشانيءَ جو آوازي ملھ معلوم ٿي ويو جيڪو سنڌو لکت جي ڪافي عام نشاني آهي. نشانين جي ٻين جوڙن ۾ ٽٽل لڪير + مڇي + ٽٽل لڪير وارا ٽي نقش مليا.


    نمَن namna لفظ کي آنلائن جانچڻ کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته اهو سلام / کيڪار سان وابسته آهي. پر مسئلو اهو هو ته نَمَن سنسڪرت جو لفظ هو جڏهن ته ماهر ان راءِ تي سهمت هئا ته سنڌو لکت جي اندر پڪ سان ڪنهن درواڙي ڀاشا جي ضابطيڪاري ( Encoded) ڪيل هئي جنهن تحت هند ـ فارس جي ٻولين جي ممڪنات کي ڪو دخل نه پئي مليو.

    وقت گذرندو رهيو. هڪڙي جاءِ تي کوپو کوڙي، ڪمپيوٽر جي پردي ڏانهن مسلسل ٽن هفتن تائين نهارڻ جي سبب منهنجي اکين ۽ ٻُنڊڻن ۾ سور پئجي ويو. مون سنڌو لکت جي ڪيترين ئي نشانين جا ملھ معلوم ڪري ورتا. انهن نشانين جي فهرست ڪجھ هن نموني واري بيٺي:





    مون پنهنجي دريافت ڪيل معلومات کي دنيا جي اڳيان پڌرو ڪرڻ پئي چاهيو. ان سلسلي ۾ مون پِڪزو (Piczo) تي سنڌو لکت سان منصوب هڪڙي صفحي جو آغازپڻ ڪيو جيڪو ڀڃ ڊاه جو شڪار ٿيڻ سبب ختم ڪيو ويو. جيئن ته مون “سنڌو لکت جو جسد ۽ نقش“ جي ڪاپي حاصل ڪري ورتي هئي ان ڪري مون وٽ سنڌو سڀيتا جي مهرن جون ڪافي تصويرون دستياب ٿي ويون ۽ مون انهن کي پنهنجن فائيلن ۾ اسڪين Scan ڪري ڇڏيو.

    ٻه جلد ٻيا به اچي ويا جيڪي پڻ مون هٿ ڪري ورتا. مان انهن کي فيس بوڪ ۽ وِڪِيپيڊيا تي ترجمي جي سهائتا واسطي رکيو. منهنجي هڪڙي آنلائن دوست مون کي ڪولون Cologne يونيورسٽي پاران ڏنل آنلائن سنسڪرتي ـ انگريزي ڊڪشنري مان مدد وٺڻ جو مشورو ڏنو.

    اهو مسودو ڪتابي صورت اختيار ڪري ويو جنهن جو عنوان هو ” سنڌو لکت جي ڊڪشنري“ مون ان ڪتاب جون ڪاپيون ان اميد سان وڪرو ڪيون ته مون کي ضرور موٽ ملندي. مون ان کي هڪڙي سِي.ڊي ۾ پڻ اوتيو ڇاڪاڻ جو مون ان کي هندستان ڏانهن ٽپال وسيلي روانو ڪرڻ واري خرچ کي گهٽائڻ پئي چاهيو، جتي ان موضوع سان گهڻي تڻي دلچسپي رکي وڃي ٿي.

    توهان ان بابت حيرانگي سان پڇي سگهو ٿا ته اسان جو ڀلا ان لکت سان ڪهڙو واسطو؟ ته ان جو جواب آهي، ها توهان جو۽ اسان جو ان لکت سان لازمي واسطو جڙي ٿو. جيڪڏهن توهان منجهان ڪنهن جو به ڪو عام هندي ـ فارسي عام (سَنسڪِرتي ـ پِراڪََرتي) نالو آهي ته توهان ڏسي سگهو ٿا ته اهو سنڌو سڀيتا جي ڪنهن مهر تي پڻ لکيل آهي جنهن جي سنڌو لکت ۾ ضابطيڪاري ڪئي ويئي آهي. انهي جا ڪجھ مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:




    کاٻي کان ساڄي پاسي :

    1. اَل ـ نِي ـ تَ ـ رِي (النِيتَرِيا) (انَتَر، دل)

    2. اَل ـ نُو ـ نُو (اَنُونا، مهان)

    3. اَل ـ رِيا ـ وِي ـ آـ رت ـ يَم (آري اوتار يَم , ماتر ڀوميءَ جو ڦهلاءُ)

    4. اَ ـ نا ـ بِي ـ نا ( شِوا)

    5. اَ ـ سُر ـ شَ ـ يَم (شِوا، خدائن جي برابر)

    6. اَ ـ گنِي (اَگنِي، باه)

    7. اَ ـ نَن ـ را ـ وِي ( اَنَن راوِي، راويءَ جو رُخ)

    8. اَن ـ اَ ـ يَم (اَن آيَم ، ِيَم جو رُخ)

    9. اَن ـ داج ـ اَن (اَنداجَن ، آني مان ڄميل، برهما جو هڪڙو لقب)

    10.اَن ـ مَ ـ ڌَ ـ وِي ـ چَريا ( ماڌوِيچَريا جو ماڻهو)



    1. اَن ـ ناـ نَدا ـ اَن ( اَننانَدااَن ( خوشي)

    2. اَن ـ رَـ وِي ـ ما ـ نَـ ـ جـ َـ نِي (اَن رَوِي ما نَجَنِي، رَوِي جو ماڻهو، (سندس ماءُ جيان)

    3. اَن ـ رَوِي ـ شـ ـ ن ـ (اَن روِي شن، ڀڳوان رَوِي جو ماڻهو)

    4. اَن ـ وِي ـ يا ـ مَ ـ نِي ( اَن وِي يا مَنِي، وِيامَنِي جو ماڻهو)

    5. آش ـ نَت ـ سَئو ـ رِيا (شِوا، سُوريائي (شمسي) ٻَلوان (سُورمو)

    6. آش ـ وِي ـ هِي ما ـ ڌَ بِي ـ رِيه ـ اَن ( شمسي ٻلوان لاءِ گهوڙي جو نظرانو)

    1. اَش ـ راـ را ڪا ـ اَڪش ـ را ـ نِگا ـ بُو ـ را (اَشرارا ڪااَڪشرا نِگابُورا، رنگپُور جو راڄڌاني لوڪ سڀا (ايوان).

    2. ايش ـ يوـ ما دَشريا (شوا، انڌ انڌوڪار ۾ حيرت انگيز ڪارناما ڪرڻ وارو).

    3. با ـ ڀُرُو راـ وِي اي ـ ما ـ هِي ـ اَن ـ ت ـ رِيا ( باڀُرُو راوِي ايماهِي انَترِيا، سُرخِي مائل ـ خاڪِي ، مهان دل وارو دوست)



    1. بِي ـ چا ـ نا ـ ٿ (بِيجناٿ، شِوا جو لقب)

    2. بِي ـ چا ـ واهـ ـ ن ( بِيچاواهن، بيجاوان، شِوا جو لقب)

    3. بِي ـ ماـ ناٿ (بيماناٿ، ڀييمناٿ، شِوا جو لقب)

    4. بِي ـ رِيا. ن (بِيرِيان، سُورمن جو ڌڻي)

    5. بِي ـ رِياـ نَ ـ جا ـ جا ( بِيرِيانَجاج ، جنگي آقا / سپه سالار)

    6. بِي ـ رِيَ ـ اَن سُرـ شَ ـ يَم (بِيرِيَن سُرشَيَم، خدائن جي برابر جنگي آقا / سپه سالار)




    1. بِرا ـ بِرا ـ ائوش ـ اَن ـ اَ ـ چا ـ رِيا ( باڀُرُو اُسا ايڪاڪارا، سُرخ ـ ڀُورِي باک ۾ رهندڙ تارڪ الدنيا وارو راهب)

    2. چَ ـ اَن (چئَن ، خالص) هي سِيهي جي تختي آهي.

    3. چَ ـ ندرـ ن (چَندرَن، چنڊ)

    4. چَ ـ رِي (چَرِيا) (ڪا رسم ڪو رواج)

    5. دي ـ ند ـ اَش ڱ يَم (ڪارو عملو)

    6. دي ـ نِي (ڏينهن جهڙو)


    1. دي ـ وان (ديوان) ڪو ديوتا

    2. ديوا ـ وِي ـ جا ـ شن (ديوا وِيجاشن ، ٻه دفعا جنم وٺڻ واروڀڳوان شِوا).

    3. ڌا ـ ل ـ روِي ـ چَرِيا ( ڌال روِيچريا، روِي ڏئي ٿو، روِي هلائي ٿو).

    4. ڌُو ـ نَت ـ هِي ـ رُو ـ پَ ـ اَن (رات جي وقت جو معتبر نمونو)

    5. ڌُو ـ نَت ـ اَن اَش ـ وا ـ نَ ـ م ـ ن ( ڌُونَتن اَشوانَمن ، سلام / کيڪارون، رات وارو گهوڙو).

    6. ڌُو ـ نَت ـ ناٿ (ڌُونَت ناٿ، اونده جو ديوتا)



    1. ڌُو ـ نَت ـ اَن ـ جَگ ـ ت (ڌُونَت اَنجگت، اونداهيءَ وارا انسان).

    2. ڌُوـ نَت ـ اَن ماـ دي ـ رُو (ڌُونَتَن مديرُو، تعريف جوڳي رات).

    3. ڌُو ـ نَت ـ مَنِي ( ڌُونَت مَنِي / مانِي، رات جو کَرو موتي).

    4. ڌُو ـ نَت ـ سيلوَ ـ اَم ـ اَن (ڌُونَت سيلوَمن، رات جو خزانو).




    1. ايڪا ـ را ـ بِي ـ ندر ـ نا ـ ٿ (ايڪا رابندرناٿ، شهزادو رابندرناٿ).

    2. گَ ـ نا وِي ـ ش ـ ش ـ شِي (گنا وِيشَششِي، زهريلو فوجي دستو).

    3. حي ـ در ـ ب ـ ل (حيدربَل / حيدرابَل، حَسدُرُوبل، پُونائي نالو) (مهاراشٽر، هندستان)

    4. هَ ـ اَن (هئَن / هان ، پاڻي)

    5. هي ـ بِي ـ رِيا ـ اَن ـ ايڪا ـ چاريا (هِيبِيرِيان ايڪاچاريا، اڪيلي سر وڙهڻ وارو عزت ماب جنگي آقا / سپه سالار)

    6. هِي ـ ديوندرـ اَن ( هِيدويندَرَن، خدائن جو عزت ماب سردار)

    7. هِي ـ ديويندرـ واه ـ ان ـ ل ( هِيديويندر وااَنل، خدائن جي خدا جي عزت ڀري سواري / گاڏي)

    8. هِي ـ ما ـ ڪَن ـ وـ ڪَن (هِيما ڪَنوڪَن، سون ورنو چندن / صندُل)

    9. هِي ـ ما ـ لِي ـ اَن (هِيمالِي اَن ، سونِي چوڙي / ڪنگڻ / ڪڙو).

    10. هِي ـ ما ـ مانِي / مَنِي ( هِيما مانِي / منِي ، سچو موتي / نگِينو)

    11.هِي ـ ما ـ نَج ـ نِي ( هِيما نَجنِي، سون ورنو جسم)



    1. هِي ـ ما ـ ندر ـ اَن سُر ـ ش ـ يَم ( هِيماندَرَن سُرشَيَم، خدائن جي برابر سونو سردار).

    2. هِي ـ م ـ نِي (هِيمانِي ـ هِيمَنِي، مانوارو / شانائتو موتي)

    3. هِي ـ ما ـ وِي ـ واهِي ـ جا ـ ڪُو ـ وارِيا (ڪُبيرا کان پرتي ڪيل سون)

    4. اِن ـ اَن ـ اَل بِي ـ اَ ـ اَ ـ نُو ـ نُو (اِننن ، جنهن جو طاقت ۾ ڪو مٽ ثاني ڪونهي).

    5. اِن ـ دراـ اَن ( اِندرا)

    6. اِن ـ لا (شهنشاه اِندر).


    [​IMG]


    1. جا (وِشنُو)

    2. جا ـ اَل ـ وِي ـ نا ـ ٿ ٿا ـ لا ـ تَزا (جَلوِيناٿ ،ٿَلاتزا، ڀڳوان وِشنُو، ماهر ڀڳوان)

    3. ج ـ گت (جَگَت، دنيا، انسان ، سنسار)

    4. جا ـ جا (جاجا، شڪتِي شالِي) .

    5. جا ـ جا ـ گ ـ نَت ـ هِي ـ م ـ نِي ( جاجاگَنَت هِيمَنِي، شڪتي شالي سونو چَڙو).

    6. جا ـ جا ـ م ـ نِي راـ ڌُو ( جاجا منِي راڌُو، راڌُوءَ جو شڪتي شالي موتي).

    7. جا ـ جا ـ رِيا (جاجارِيا، وِشنُو جو عاشق).


    [​IMG]


    1. جا ـ ما بِيرِين (جنگي سپه سالا، يَم)

    2. جا ـ مَ ـ نِي (جَمنِي، يَم جي گهرواري).

    3. جا ـ اَن (جااَن، ڪافي عام نالو).

    4. جا ـ نُو ـ نُو جاـ يَم (جا نُونُو جايَم، نئين پيدا ٿيل ڀڳوان جي سوڀ).

    5. جا ـ راـ وِي پا ـ پاـ اَن ( جاراوِي / جاروِي، پاپن ، گناهن تي غالب رَوِي).


    [​IMG]


    1. جا ـ اش ـ ش ـ ڊش ـ ندر ـ اَن (جااَشش دشَندرن، وِشنُو، ڏهن مُکين جو اڳواڻ ).

    2. جا ـ اَش ـ نُو ـ نُو ( وِشنُو ـ شِوا جي ثنا / واکاڻ ).

    3. جَ ـ ٿ ـ اڪ ـ اَن (جٿاڪَن، نئون ڄاول).

    4. جا ـ وا ـ ڪُو ـ اَن (جَواڪُن، ننڍڙو ۽ ڦُڙتِيلو).

    5. ڪا ـ ما ـ بِيرا (ڪامابِيرا / ڪَمبِيرا، من پسند سُورمو).

    6. ڪَ ـ نَت ـ اَن ـ ب (ڪَنتا / ڪنت اَنَب، پياري امڙ).

    7. ڪا / ڪَ ـ نت ـ چَ ـ رِيا (ڪَنت چَرِيا ، ڀڳوان سَڪيندا هلائي ٿو).

    8. ڪا / ڪَ ـ نت ـ ڌُو واهِي ـ نِي (ڀڳوان سَڪيندا جي فوج جو جهنڊو).


    [​IMG]


    1. ڪا / ڪَ ـ نت ـ جَگت (ڀڳوان سڪندا جو لوڪ / ماڻهو / عوام).

    2. ڪ ـ نت ـ مَ / ما ـ ها / ه ـ اَن ( ڪنت ماهَن / مهان ، ڀڳوان سڪيندا مهان آهي).

    3. ڪ ـ نت ـ پَرِي ـ اَن (ڪَنت پِرِي اَن، محافظ / پنهنجي امان ۾ رکندڙ ڀڳوان سڪيندا).

    4. ڪ ـ نت ـ اَش ـ مَ ـ مَ ـ نِي (ڪَنت اَشمَمَنِي ، ڀڳوان سَڪيندا جو قيمتي پٿر).

    5. ڪا / ڪَ ـ وا ـ را ( ڪاوارا / ڪَويرا ، خطيب / خطاب ڪندڙ).

    6. ڪام / ڪَم ـ اَن (ڪَمَن /ڪامَن ، من پسند / دل گهريو / من کي لُڀائيندڙ ).

    7. ڪام / ڪَم ـ را / ر (ڪامرا / ڪَمرا / قَمر ، پيارو) .

    8. ڪَم / ڪام ـ را وِي ـ وا ـ مَ ـ مَ نِي ( ڪَمرا وِيوام مَنِي، پيارو تمام اعليٰ موتي).


    [​IMG]

    1. ڪَن ـ او ـ ڪَن (ڪَنوڪَن، چندن / صندل)

    2. ڪَن ـ او ـ يَم (ڪَنويَم، ڪَنوا يَم آهي).

    3. ڪَن ـ واهِي ـ اَن جا ـ ڪَ ـ اَن (ڪَنواهِي اَن جَڪَن، ڪَنوا جيان پيدا ٿيل).

    4. ڪو ـ چَرِيا (هڪڙو شهنشاه هلائي ٿو).

    5. ڪو ـ جَگَت (هڪڙي بادشاه جو عوام / راڄ).

    6. ڪِروـ اَن ـ شَ ـ مَ ـ مَ ـ نِي ( هنج پکيءَ جو موتي).


    [​IMG]


    1. ڪِرئو ـ نُو ـ ت ـ ايڪا ـ چَرِيا (اڪيلو هنج پکي ).

    2. ڪُو ـ اَن (ننڍڙو).

    3. ڪُو ـ اَل ـ اَن ـ مَ ـ ش ـَ اَن (ڪُوئَل اَنمَشَن، ننڍڙو چنڊ).

    4. ڪُو ـ سئو ـ بِرا ـ اَن (ڪُوسئوبِران، ٿورڙي سوم رس (ڀنگ) پُڄائيندڙ).

    5. ڪُو ـ جاـ مَ ـ اَن ـ نِي (ڪُوجامـَنـنِي، ڌرتيءَ مان پيدا ٿيل موتي).

    6. لَ ـ با ـ ايڪا جَگت (شهزادي لئو (رام جو پٽ) جي دنيا).

    7. لا ـ ئي ـ وِي ( لائيوِي، عبراني ڀاشا ۾ راهب کي ڪوٺيندا آهن).


    [​IMG]


    1. ما ـ پِرِي ـ اَن (ماپِرِيئَن، محافظ خدا / ديوتا/ ڀڳوان).

    2. ما ـ پِرِي ـ ان ـ آ (ماپِرِيئَنا، محافظ ديوي).

    3. ما ـ شُو. ندرـ اَن (ماشوندرَن، خوبصورت ديوتا).

    4. ما ـ ٿَ ـ اَن (درياه يا مندر).

    5. ما ـ تَوـ اَن (ماتَوان ، حڪومتي ادارو/ دفتر / حڪم نامو / اختياري).

    6. ما ـ يَم (ڀڳوان يَم)

    7. ما ـ يو (هرڻ)


    [​IMG]


    1. نَ ـ بِي ـ نا اُ ـ پَ ـ ندرـ اَن (نابِينا اُپيندرَن، نئون (ڀڳوان) اُپيندر).

    2. نا ـ هِي ـ نا ( ناهِينا، جيڪو ڪمتر پيدا نه ٿيو آهي).

    3. ناهِي ـ نا لا ـ واهِي (ڀڳوان لَئو جهڙو، جيڪو ڪمترطور تي پيدا نه ٿيو آهي (ڀڳوان رام جي ٻن جاڙن پٽن ڪُش ۽ لئو منجهان).

    4. نَ ـ مَ ـ ن ( نَمَن،سلام وارائڻ/ نَمَستي)

    5. نَ ـ را ـ وان (نَرواڻ/ نَروان ، جهنگلي سُورمو / ويڙهاڪ).

    6. نَ ـ ش ـ رِي ـ نا (نَشرِينا، جهنگلي گلاب).

    7. نا ـ بَ ـ نت ـ آ (نابَنتا، نابنطلا، سِيتا جو لقب).


    جيتوڻيڪ مٿي بيان ڪيل ڇنڊڇاڻ جو انهي کيتر سان تعلق رکندڙ ماهرن طرفان ڪو به جائزو نه ورتو ويو آهي پر پوءِ به سوراجيا ان کي سنڌو سڀيتا کي سمجهڻ واري ڪارج خاطر شايع ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو آهي.

    ليکڪا بابت :

    سُوزين ريڊاليا ( Suzanne Redalia) ه1976 ع ۾ ( UCLA ) مان علم الانسان ( anthropology ) ۾ بيچلر جي ڊگري ورتي. هوءَ ڪيلِيفورنيا ۾ قيام پذير آهي ۽ هن جو ڪورا (Quora ) ۾ اڄاتل لکتي سرشتن بابت هڪڙو بلاگ ( blog ) پڻ موجود آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو