رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو..!!! تحرير: شرف الدين مرکنڊ طاهري

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو..!!!

    تحرير: شرف الدين مرکنڊ طاهري

    اسلامي سال جي ابتداء محرم الحرام جي مهيني سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ حضرت سيدنا امام حسين رضي الله عنه، سندن جي جان نثار ساٿين جي عظيم قيمتي قرباني جو واقعو ايمان وارن جو توجهه، سندن جي دين استقامت، همٿ، ۽ جرئت ڏانهن ڇڪائيندي، سندن جي ايمان کي تازگي بخشيندو آهي. حضرت سيدنا امام حسين رضي الله عنه جي هن عظيم قرباني ڪري اوهان ۽ اسان سڀني کي ڪلمو، قرآن،دين ۽ ايمان جھڙي بي بها دولت نصيب ٿي. هي سڀ ڪجھ سندن جي شهادت جي صدقي ۾ مليو. ان ڪري سنڌ جي مشهور ومعروف شاعر حضرت عبدالطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جن فرمايو آهي ته:

    سختي شهادت جي نسورو ئي ناز
    رند پروڙين راز، قضيي ڪربلا جو

    سيدنا الامام حسين رضي الله عنه جو احوال:

    نالو مبارڪ امام حسين رضي الله عنه، نسب مبارڪ سندن والد علي بن ابي طالب بن عبد المطلب بن هاشم قريشي، هاشمي. امير الؤمنين آهي. والده سيده فاطمہ رضي الله عنهما. نانو الله جو پيارو محبوب نبي ڪريم ﷺ جن آهن. ناني ام الؤمنين سيده خديجة الڪبرى رضي الله عنهما جن هئي.

    حضرت سيدنا امام حسين رضي الله عنه جي ولادت جي تاريخ

    الزبير بن بکار فرمايو آهي ته حضرت امام حسين رضي الله عنه جي ولادت مبارڪ 5 شعبان المعظم سن 4 هه ۾ ٿي. بعض مؤرخن تاريخ جي مقرر ڪرڻ کان سواء صرف ايترو لکيو آهي ته پاڻ سن چار هجري ۾ ٿي ۽ ان ئي گھر ۾ وڌي وڏو ٿيو جنهن گھر ۾ سندس ڀاءُ حضرت حسن رضي الله تعالى عنه وڏو ٿيو هو. عفت، پاڪائي ۽ دينداريء جو گھر ۽ مشهور اهڙي طرح آهي ته سيدنا رسول الله ﷺ جن سندن جو نالو مبارڪ رکيو ۽ کارڪ چٻاڙي ان جي مٺي رس سندس وات مبارڪ ۾ وڌي ۽ سندس تارونء کي به لڳائي. (البداية والنهاية)

    خِلقت ۽ خُلق

    حضرت سيدنا امام حسين رضي الله عنه خلقت ۾ نبي ڪريم ﷺ جن سان ملندو جلندو هو. عبيدالله بن يزيد کان روايت آهي ته مون حسين بن علي کي ڏٺو ته سندن مٿي ۽ ڏاڙهي مبارڪ جا وار ڪارا هئا. ڏاڙهي مبارڪ جي سامهون واري حصي ۾ ٿوڙا ڇا وار هُيس.(البداية والنهاية)

    حضرت امام حسين رضي الله عنه جا حديث جي روايت ڪرڻ ۾ استاد ڪرام

    سيدنا امام حسين رضي الله عنه پنهنجي ناني رسول الله کان ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله عنه ۽ پنهنجي پيء حضرت علي المرتضى شير خدا رضي الله عنه ۽ پنهنجي ما۽ بيبي فاطمہ رضي الله عنهما ۽ مامي هند بن ابي هالہ کان حديثون روايت ڪيو آهن.

    حضرت امام حسين رضي الله عنه جون روايت ڪيل احاديث مبارڪه:

    ابن حزم ذڪر ڪيو آهي ته سندن روايت ڪيل حديثن جو تعداد اٺ (8) آهي ۽ طبراني سندن روايت ڪيل حديثون پنجويهه ذڪر ڪيون آهن.(معجم الطبراني الکبير)

    حضرت امام حسين رضي الله عنه جي بهادري:

    پاڻ نهايت زبردست بهادر هئا جنگ جي ميدان ۾ اڳيان هلڻ وارا بلڪه انسان جي ڪپڙن ۾ شينهن هئا.

    حضرت امام حسين رضي الله عنه جو مقام ۽ مرتبو:

    حضرت سيدنا امام حسين رضي الله عنه جو مقام ۽ مرتبو نهايت بلند هو، اصحاب سڳورا رضي الله تعالى عنهما سندن کي وڏي اهميت ڏيندا هئا. سندن پوٽي محمد بن عقيل بن الحسين رضي الله عنهما کان روايت آهي ته حضرت عمر بن خطاب رضي الله عنه جن ٻنهي ڀائرن کي خزاني مان حصو سندن جي پيء حضرت علي ڪرم الله وجھ جي حصي جيترو مقرر فرمايو هو.

    الله تعالى کي وڌيڪ پيارو :

    العيزار بن حريث کان روايت آهي چيائين ته:ان دوران جو حضرت عمرو بن العاص رضي الله عنه ڪعبة الله شريف جي ڇانو ۾ ويٺو هو ته سامهو حضرت حسين بن علي رضي الله عنهما کي ايندي ڏسي ڪري فرمايائين ته “اڄ هن دور ۾ هيء امام حسين رضي الله عنه جن آسمان وارن سڀني کي ۽ زمين وارن کان وڌيڪه پيارو آهي.

    يزيد جي بيعت نه ڪرڻ:

    جڏهن (60)سٺ هجريء ۾ يزيد پنهنجي پيء امير معاويه جو مسند نشين ٿي حاڪم بڻيو ۽ ان وقت ان جي عمر چوٽيهه (34) سال هئي ته حضرت حسين ۽ عبدالله بن زبير رضي الله عنهما بيعت نه ڪئي ۽ جڏهن انهن کان يزيد لاءِ بيعت طلب ڪئي وئي ته: حضرت عبدالله بن الزبير چيو ته “ٺيڪه آهي”. جڏهن رات پئي ته “حضرت عبدالله بن الزبير ” مدينه منوره مان نڪري مڪہ مڪرمہ ڏانهن آيو ۽ اتي اچي ڪري رهي پيو. ۽ جڏهن حضرت حسين رضي الله عنه کي يزيد جي بعيت لاءِ چيو ويو ته ان فرمايو“مان لڪ ۾ بيعت نه ڪندس کلي بيعت ڪندس جو سڀ ماڻهو ڏسن” ۽ جڏهن رات پئي ته اهو به پنهنجي خاندان سميت مدينه منوره مان نڪري مڪہ مڪرمہ ۾ پهچي ويو.
    حضرت امام حسين رضي الله عنه جون گھرواريون ۽ انهن مان کيس اولاد :

    (1)حصرت آمنة بنت ابي مرة بن مسعود الثقفيہ:هن سانئڻ مان کيس حضرت علي اڪبر رضي الله عنه پٽ ڄائو هو.(2)حضرت قبيلي بن عمرو بن الحاف بن قضاعة مان السلافہ هڪ عورت هئي. هن سانئڻ مان کين پٽ ڄائو هو جنهن جو نالو جعفر رکيو هيائون.(3) ام اسحاق بنت طلحه بن عبيد الله: هن بيبي سانئڻ مان هڪ پٽ ڄائو هو جنهن جو نالو عبدالله رکيو هيائون ۽ هڪ نياڻي ڄائي هئي جنهن جو نالو فاطمة رکيو هيائون (4) الرباب بنت امرء القيس بن عدي بن اوس بن جابر: هن سانئڻ مان کين هڪ نياڻي سکينة ڄائي هئي.پر سندن فرزند ارجمند علي اصغر زين العابدين سائين ۽ ان جي امان آزاد ڪيل ٻانهي هئي، جنهن کي اسلافة چيو ويندو آهي. هڪ ٻيو قول آهي ته ان کي غزالہ ۽ ٻيو قول آهي ته ان کي سلافہ چيو ويندو آهي.

    سهڻي تربيت:

    حضرت امام حسين رضي الله عنه جي تربيت به ان گھر مبارڪ ۾ ٿي جنهن ۾ حضرت امام الانبياء نبي ڪريم ﷺ جن گھڻو ايندا هئا.۽ حضرت امام حسين جو پيء حضرت علي المرتضى ۽ امان سانئڻ سيدہ فاطمہ رضي الله عنهما موجود هوندا هئا. اهو گھراڻو هو جنهن لاءِ رسول ﷺ جن دعا گھري هئي “اي الله ! انهن کان پليدي کي دور ڪر.”

    ثابت قدم رهڻ:

    حضرت امام حسين رضي الله عنه يزيد جي بيعت نه ڪرڻ واري معاملي ۾ انتهائي ثابت قدمي ڏيکاريندي هر لاچ کي ٺڪرايو ۽ هر ڏک کي منهن ڏنو تانجو شهادت جو تاج ڍڪيائون.


    يوم شهادت :

    ڏينهن محرم الحرام جمع جي ڏينهن سنه 61 هجري ۾ پاڪ پيغمبر رسول اڪرم ﷺ جن جي پياري نواسي حضرت امام حسين ميدان ڪربلا عراق جي شهر ۾ شهيد ڪيو ويو. ان وقت سندن جي عمر مبارڪ ڇاونجاهه (56) سال ۽ پنج مهنيا هئي. پر ڪن بزرگن چيو آهي ته سندن جي عمر مبارڪ اڻونجاهه سال هئي...(روزاني ڪلياڻ اخبار 21.09.2018)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو