ٿئي ٿو تماشو هتي روز نئون!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 سيپٽمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ملڪ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان احتساب جي نالي تي جيڪو تماشو هلندو رهيو آهي پوري قوم حيرت وچان وات پٽي ڪاوڙ ۾ پنهنجون آڱريون چٻاڙيندي نظر اچي ٿي.ايئن به ناهي ته ان قسم جو تماشو پياري ملڪ پاڪستان ۾ ڪو پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي،جيڪو به آئيني يا غير آئيني حڪمران آيو تنهن اها ئي تسبيح پڙهي ته گذريل حڪومت ملڪ جي خزاني جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو،ملڪ قرضن ۾ ڦاسي ويو آهي،ڪرپشن ۽ بدديانتيء جي ڪري غريب عوام جا هيترا اربين ۽ کربين ڊالر هضم ٿي ويا،ملڪي حڪمرانن پنهنجن حڪومتن دوران غير ملڪن ۾ ڏوڪڙ گڏ ڪري عوام سان صريح ظلم ڪيو وغيره وغيره.ڳالهه سچي آهي پر ان دهل وڄائڻ جو مقصد ڇا؟جڏهن ڪنهن به طاقتور سان ڪو حساب ڪتاب ڪرڻو ئي ناهي يا اهو ڪنهن جي به وس ۾ ئي ناهي يا وري ڪنهنجي اهڙي نيت ۽ ارادو ئي ڪونهي ته پوء عوام جو پئسو ۽ وقت برباد ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟عوام جي ڦٽن تي ويتر لوڻ ٻرڪڻ جو ڪهڙو مقصد؟پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين انهن نام نهاد “احتسابين” مان ڪنهن هڪڙي جو ته نالو کڻو جنهن عوام جي ڦريل پئسي مان هڪ روپيو به ڪنهن کان واپس ورتو هجي؟ها! سامهون ٻڌڻ لاء اهڙيون انيڪ خوشخبريون ضرور ملنديون ته هيترا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،هيترن قومي چورن خلاف جاچ شروع يا مڪمل ڪئي ويئي آهي؟ هيترا رفرنس داخل ڪيا ويا آهن،هيتريون شاهديون ۽ گواهيون گڏ ڪيون وييون آهن،هيتريون ڪميشنون ۽ جي آئي ٽيون جوڙيون ويون آهن.ٻاهرين ملڪن سان اهڙا ڏوهاري پڪڙڻ ۾ مدد لاء هيترا ٺاهه ڪيا ويا آهن.هيتريون قانوني ڪاروائيون مڪمل ڪيون وييون آهن پر اسڪور بورڊ تي وصوليء واري خاني ۾ اها ئي زيرو زيرو لڳي پيئي آهي.اسان جو مثال شايد ان اٺ جهڙو آهي جيڪو ڪنهن نار جي گول دائري ۾ صبح کان شام تائين اکيون ٻوٽي سفر ڪندو ٿو وڃي ۽ سندس خيال مطابق هن ڪوهين پنڌ جي منزل طيء ڪري ورتي آهي پر جڏهن اکين تان پٽي کلي ٿي ته اهو پنهنجو پاڻ کي ساڳي هنڌ بيٺل ڏسي ٿو.احتساب جي اهڙن فضول ۽ بي نتيجا ناٽڪن جي ڪري ئي طاقتور ڏوهارين جو هر ڀيري نه رڳو حوصلو وڌي ٿو پر کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ واريون سندن من گھڙت ڪهآڻيون وزن کائين ٿيون ۽ عوام کي ڦرڻ،لٽڻ ۽ کين فقير بنائڻ باوجود هر ڀيري عوام ساڻن همدردي ڪرڻ لڳي ٿو.اڄ جيڪر ماڻهو ۽ دنيا اسان جي رياستي ۽ حڪومتي ادارن جو مذاق اڏائڻ جي جسارت ڪري رهيا آهن ته ان جا ذميدار خود اهي ادارا آهن جيڪي ڪنهن طاقتور جو حقيقي احتساب ڪرڻ کان اڄ به مجبور ،بيوس يا لاچار آهن.انهن ادارن کي عوام کي غصي وچان اکيون ڏيکارڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگيء جو جائزو وٺڻ گھرجي. ڪنهن جائز تنقيد جي ڏوهه ۾ ڪنهن کي توهين عدالت جي ڏوهه جو مرتڪب بنائي سزا ته ڏيئي سگھجي ٿي پر ڇا ان عمل سان انصاف جو پورو نظام درست ٿي ويندو؟جڏهن هر عام ماڻهوء کي به پتو آهي ته هيٺين عدالتن ۾ ڪهڙيء طرح مظلومن کي تپايو،ساڙيو ۽ ايذايو وڃي ٿو.ڪهڙيء طرح ماڻهو پوري زندگي انصاف جي اوسيئڙي ۾ عدالتن جا چڪر هڻندي قبرن حوالي ٿي وڃن ٿا پر انهيء عدالتي نظام خلاف ڪجهه به ناهي ڪڇڻو جو ان سان عدالتن جي توهين ٿي پوندي.اها خبر اسان جي اعليٰ عدالتن جي معزز جج صاحبان کي ڪيئن ناهي؟جيڪر خبر آهي ته ان نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاء اڄ تائين ڇا ڪيو ويو آهي؟ان ۾ شڪ ناهي ته نئين قانونسازي عدالتن جي نه پر حڪومتن ۽ پارليامينٽ جي ذميداري آهي پر جيڪي قانون هن وقت موجود آهن انهن تحت ٿيندڙ ڪاروائين ۾ به ڪافي ڪمزوريون،سستيون ۽ خاميون ڏسڻ لاء ملن ٿيون.آخر انهن کي درست ڪرڻ ڪنهنجي ذميداري آهي؟ڪرپشن ۽ بدديانتيء جي باري ۾ اڄ تائين جيڪو به ان حقيقت کي قبول ڪري ٿو سو ان جي اڌوري حقيقت کي قبولي ٿو.اهو ڪوبه مڃڻ لاء تيار ناهي ته اسان جو پورو سماج هن وقت ڪرپٽ بڻجي ويو آهي.ان صورت ۾ رڳو سياستدانن خلاف ئي ڏنڊو کڻڻ سان ڪرپشن ڪيئن ٿي ختم ڪري سگھجي؟جن ادارن کي ٻين جو احتساب ڪرڻو آهي انهن جو ڪردار مٿانهون ۽ هر داغ کان پاڪ ۽ صاف هئڻ گهرجي؟انهن کي سڀ کان پهرين پنهنجو ڪڙو احتساب ڪرڻ گھرجي.ڳالهه ٿئي ٿي ته اسان جي قانوني نظام ۽ انصاف جي طريقه ڪار ۾ اهڙيون خاميون موجود آهن جو ڏوهاري سولائيء سان عدالتن مان ڇٽي وڃن ٿا پر اهو ماتم ته سالن کان ٻڌندا ٿا اچون،اهو نظام آخر درست ڇو نٿو ٿي سگھي؟ان ڪري جو اهڙو پڪو ارادو ئي موجود ناهي.هتي هرڪو ٻئي کي ڦاسائي پاڻ کي پاڪ ۽ پوتر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.ان ۾ ڪهڙي شڪ جي ڳالهه آهي ته اسان جي موجوده عدالتي نظام جي برڪتن سان ڪيترائي بي ڏوهي ڦاسي کايو وڃن ۽ سوين ماڻهن جا ڏٺا وائٺا قاتل بري ٿيو وڃن.جيڪر اسان ۾ ان نظام کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي همت ئي ناهي ته پوء حتساب جو اهو راڳ بند هئڻ گھرجي . “جيڪو ڏاڍو سو گابو ” وارو قانون آئيني طور تي تسليم ڪري ان کي قانون جو حصو بنائي ڇڏڻ گھرجي.تازو ميان نواز شريف جي سزا معطل ڪرڻ واري فيصلي تي گھڻو ڪجهه خيال آزمائي ڪئي پيئي وڃي.سڀ جا سڀ ان معاملي جو پورو وبال نيب تي وجھي رهيا آهن ته انهن ڪيس مضبوط نه جوڙيو، پراسيڪيوشن صحيح نه ٿي، عدالت ۾ ججن جي سوالن جا اطمينان بخش جواب نه ڏنا ويا. انهن مان ڪوبه نيب سان گڏ عدالت عاليا جي فيصلي کي تنقيد جو نشانو نه بنائي رهيو آهي جو ان حد ۾ پر سڙڻ جو انديشو آهي. ان ڪري اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڀلي اهڙي تنقيد کليل نموني سامهون نه ايندي هجي پر سوشل ميڊيا تي هن فيصلي جي حوالي سان عدالتن جي باري ۾ جيڪي سوال اٿاريا پيا وڃن تن کي نظرانداز ڪري نٿو سگھجي.نيب جون نا اهليون پنهنجي جاء تي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته لنڊن ۾ موجود جيئرا جاڳندا ايون فيلڊ فليٽ ڪنهن جا آهن؟فليٽ جي مالڪن ئي اڄ تائين انهن جي مالڪ هئڻ کان انڪار ناهي ڪيو ته پوء اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته جڏهن مالڪ ان ملڪيت جا اقراري آهن ته پوء نيب جي وڪيل کان اهو سوال ڪرڻ ته اوهان وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته اهي فليٽ شريف فيمليء جي ملڪيت آهن ؟ هڪ عجيب سوال لڳي ٿو.ٻيو سوال اهو به اٿاريو پيو وڃي ته نيب جي موجوده قانونن جڏهن ڪنهن به سرڪاري يا حڪومتي عهديدار جي اهڙي ملڪيت معلوم ٿئي جيڪا هو پنهنجي موجود آمدنيء مان خريد ڪري يا ٺاهي سگھڻ جي قابل نه هجي ته پوء انهيء ملڪيت جو جائز ذريعو ثابت ڪرڻ استغاثه نه پر ملزم جي ذميداري آهي پوء عدالت ۾ بار بار اهڙو ثبوت ملزم کان گھرڻ بدران استغاثه کان ڇوگھريو ويو؟ سوال اهو به آهي ته اهڙيون نرميون عام ملزمن ۽ مجرمن سان روا ڇو نٿيون رکيون وڃن جيڪي سالن کان ڪوڙن ۽ سچن الزامن هيٺ جيلن ۾ سڙي رهيا آهن.انهن کي ته سندن ماء،پيء يا ڪنهن پياري جي جنازي ۾ پيرول تي ايترو آسانيء سان آزادي نصيب نٿي ٿئي جيتري آسانيء سان طاقتورن کي سموريون سهوليتون ۽ رعايتون جيل اندر به مهيا ۽ ميسر رهن ٿيون.حڪومت جو هر وقت اهو ماتم آهي ته ملڪي خزاني ۾ پئسو ڪوني،ڪيڏانهن ويو پئسو؟ چون ٿا چوري ٿي ويو،لٽجي ۽ کسجي ويو.ٻاهرين ملڪن جون بينڪون ڀريون پييون آهن.پوء اهو پئسو واپس ڇو نٿا وٺو؟ ماڻهن کي روز اهو داستان ڇو ٿا ٻڌايو؟انهن جاچن ۽ ڪيسن تي عوام جا وڌيڪ اربين روپيا ڇو ٿا ٻوڙيو؟جڏهن ڪرڻو ئي ڪجهه ناهي،ڪنهن جي خلاف ڪو ڪيس به فضيلت سان ٺاهڻو ناهي، هڪڙي هڪڙي ڪيس جي پويان جيڪر صدين جو عرصو ۽ مهلت گھرجي ته پوء بهتر آهي ته ان افساني کي اتي ئي بند ڪرڻ گھرجي ۽ مصيبت جي ماريل غريب عوام تي ٽيڪسن جو بار هميشه جيان وڌيڪ وڌائبو هلجي جو حڪومت هلائڻ لاء پئسو کپي ۽ طاقتور چورن کان پئسو واپس وٺڻ نه ڪنهن جي وس جي ڳالهه آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪنهن جو ارادو آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو