انقلاب آڻڻ جو “ابتدائي ڪورس“ شوڪت لوهار

'ڪالم' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2018۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    اِهي به ڏاڍا وڻندڙ ڏينهن هئا، جڏهن جُون ۽ جولاءِ جي گرمي ۾ ساهه نڪري رهيو هوندو هو. پکي پرندا سڀ ڪو ڇانورو ڳولهي ان جي اوٽ يا اڙ ۾ ويهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. اصل صفا ڪانءُ جي اک نڪري رهي هوندي هئي. ڌرتي مينهن ڪڻين لاءِ آتي هوندي هئي. سج ديوتا باهه جا اُلا اڇلائي رهيو هوندو هو. اصل ماڻهو صفا گرمي ۾ رجي رهيا هوندا هئا، تن ڏينهن ۾ منهنجي ڳوٺ جا ”ڪامريڊ“ ڪوٽ پائي هلندا هئا. اسين گرمي ۾ صفا مرڻ جي حالت ۾ هوندا هئاسين، بجلي نه هئڻ ڪري نمن جي ڇانو پيا ڳوليندا هئاسين، جڏهن ته ڪامريڊ ڪوٽ اوور ڪوٽ پائي پيا هلندا هئا. پڇا ڪرڻ تي ته ”ابا خير هي هيڏو قهر ڇو پيا ڪريو پاڻ سان؟“ جواب ۾ چوندا هئا ته جيئن ته روس جي رياست سائبيريا ۾ سردي آهي، ان ڪري انهن سان يڪجهتي ملهائڻ خاطر پاتا آهن. ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه ايندي هئي جو سردي ٿئي سائبيريا ۾ اوهين هتي جُون ۽ جولاءِ جي ڪاڙهي ۾ ويٺا ڪوٽ پايو. اها هڪ عجيب صورتحال هئي جيڪا سنڌ جي تقريبن انهن سڀني ڳوٺن، واهڻ وستين ۾ هڪ جيتري پذيرائي سان جاري هئي. ڪامريڊ سائبيريا جي سخت ٿڌ ۽ برف کي محسوس ڪرڻ لاءِ ڪوٽ پائيندا ۽ سڄو سڄو ڏينهن وڏا وڏا گرم گرم بحث ڪندا هئا. ان سڀ ڪجهه ڪرڻ سان انقلاب جي خبر ناهي آيو الاءِ نه پر مٿي ۾ چاندي ضرور اچي ويئي. وري جڏهن اسان وٽ سخت سرديون پنهنجي ڦوهه جوڀن ۾ هجي ته ڪامريڊن جو ڪو ڏس پتو به ڪو نه. پڇا ڪرڻ تي خبر پيئي ته ڪامريڊ هاڻ انڊر گرائونڊ ٿي ويا آهن جو روس ۾ هن وقت موت مار برف باري آهي. اهڙن خيالن جي مکڻ ماڙين ٺاهڻ ۾ اسان جا ڪامريڊ روس جي ٽٽڻ تائين اِهي عجيب و غريب حرڪتون ڪندا رهيا. وري جڏهن روس ٽُٽو ته ڪن وڃي عبادتگاهون وسايون ته ڪن وري پنهنجيون اسٽيٽ ايجنسيون کوليون، ڪي وري تمام گهڻا پڪا ڪامريڊ ٿي ويا جو انهن جو انقلاب ۾ يقين ٿي ويو ته ”ڏسو ڪا ته شيءِ هئي، جيڪا ٽُٽي“ معنيٰ اڳ ۾ جڙيل هئي.

    ان ڪري انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان جو انقلابي هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اوهان انقلابي ناهيو ته اوهان انقلاب نٿا آڻي سگهو، بلڪه اوهان جولاب آڻي سگهو ٿا. جولاب به انقلاب جو هم قافيا لفظ آهي. ٻنهي لفظن جي ظهور سان تبديلي بهرحال ضرور ايندي. تبديلي جيڪا اڻ ٽر آهي. سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. تون ختم ٿي ويندين مان ختم ٿي ويندس پر تبديلي قائم رهندي. تبديلي اها شيءِ آهي جيڪا گهڻين شين کي تبديل ڪري ڇڏي. اوهين پاڻي ۾ کنڊ ملايو پاڻي کنڊ کي تبديل ڪري ڇڏيندو. اوهين کنڊ ۾ پاڻي ملايو تڏهن به تبديلي اچي ويندي. ڇاڪاڻ ته اچڻ واري شيءِ کي ڪير ٿو روڪي سگهي. اسين ته وڃڻ واري شيءِ جو به ڪجهه ڪو نه ٿا بگاڙي سگهون. ڪيترائي پير پيغمبر آيا ۽ هليا ويا، ڪيترا جنرل ڪرنل آيا ۽ عوام جي خدمت ڪري پرڏيهه هليا ويا. ڪجهه ٻيا وڃڻ جي تيارين ۾ آهن. اسين ڪنهن جي رستا روڪ جيڪڏهن ڪرڻ به چاهيون تڏهن به ڪامياب ڪو نه وينداسين. ڇاڪاڻ ته انقلابي ريلو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي. اوهين انقلاب کي سمجهي نٿا سگهو. اوهان جو عقل ۽ سمجهه سڀ وڃايل آهي. اوهان جي مت ماريل آهي. ڌسو وهندڙ پاڻي اڳيان ٿوري مٽي ڏينداسين ته اِها مٽي پاڻي پاڻ سان لوڙهي کڻي ويندو پر جڏهن اها مٽي جهجهي تعداد ۾ اچي ويندي ته پاڻي رڪجي ويندو ۽ انقلاب اچي ويندو. انقلابي ٿيڻ ڪو سولو ڪم ڪو نه آهي. انقلابي ٿيڻ لاءِ انقلابي سوچ هجڻ گهرجي، انقلابي گهر گهرجي. انقلابي ڪپڙا هجڻ گهرجن. انقلابي ڪتاب هجڻ گهرجن، ٻولي انقلابي هجڻ گهرجي. دليل هجڻ گهرجن، بلڪه دليلن جا وڏا وڏا ڊرم هجڻ گهرجن، ڳالهين جا ٽينڪر هجڻ گهرجن. اکرن جي چونڊ انقلابي هجڻ گهرجي. لفظن جي جوڙجڪ انقلابي هجڻ گهرجي. اوهان انقلابي نظر ايندا هجو. اوهان جي نس نس ۾ انقلاب ڀريل هجڻ گهرجي.

    انقلابي ٿيڻ لاءِ ۽ تبديلي پسند ٿيڻ لاءِ اوهان انقلابي ٽُڪن جو ڪورس ڪرايو. اوهان انقلابي ڪئپسول کائو، اوهان انقلابي ڊرپون لڳارايو اوهان جي چهري مان انقلاب ٽمڻ لڳي.

    انقلابي ٿيڻ لاءِ اوهان چي گويرا جي ڊائري مان ڪجهه ورق روزانو پڙهو. تبديلي آڻڻ لاءِ اوهين ڪميونسٽ مينوفيسٽو کي روزانو هڪ گلاس پاڻي سان واپرايو. انقلابي ٿيڻ لاءِ اوهين ڪامريڊ استاد مارڪس جو ڪتاب ’سرمايو‘ ائين ياد ڪيو جيئن ننڍي لاءِ اوهان کي اوڻهين جو کوڙو ۽ جدول ياد هوندي ئي. ٻيو ڪو به طريقو ڪو نه آهي صرف ۽ صرف انهن ڳالهين کي پنهنجي انقلابي نصاب جو حصو بڻايو. اوهان جو اٿڻ ويهڻ سڀ ڪجهه انقلاب هجي. اوهان جڏهن به ڳالهايو ته هميشه ڪازان زاڪس ۽ ڪامريڊ اسٽالن جو حوالو ضرور ڏيو. اوهان جڏهن به ڪاوڙجو ته ٽراٽسڪي تي پنهنجا ڇوهه ڇنڊيو. اوهان کي جڏهن به بک لڳي ته اوهان ڪي ايف سي ۽ ۽ پيزا کائيندي عوام ۾ طبقاتي نظام تي ڳالهايو ۽ هيمنگوي جي ناول Have and Have not’s تي ليڪچر ڏيو.

    انقلاب بس انقلاب ئي هوندو آهي. انقلاب نه چورس هوندو آهي نه مستطيل نه ٽڪنڊو! انقلاب بس انقلاب هوندو. انقلاب ڪو مٺائي جو دٻو ته ڪونهي جيڪو اوهان سوغات شيرين تان خريد ڪري وٺو. انقلاب ڪو بمبئي بيڪري جو ڪيڪ ڪو نه آهي جو اوهان کي قطار ۾ بيهڻو پوي. انقلاب بس انقلاب آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي انقلابي ٿيڻو پوندو. انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان کي وڏيون وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون. انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان کي سوپاريون کائڻ تان هٿ کڻڻو پوندو. انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان کي گٽڪا پان ڪو نه کائڻا پوندا. انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان کي اسٽار پلس جا ڊراما ڇڏڻا پوندا. انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي ننڊ حرام ڪرڻي پوندي. انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي مائٽن سان وڙهڻو پوندو. انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان کي روايتي تعليم کي ڇڏڻو پوندو.

    انقلاب آڻڻ لاءِ اوهان جي گيٽ اپ ۽ ميڪ اپ جو پڻ وڏو ڪردار آهي. اوهان کي چي جون شرٽون پائڻيون پونديون. اوهان جڏهن به انقلاب تي ليڪچر ڪندؤ ته اوهان پنهنجي سامهون هڪ گلاس پاڻي جو رکندؤ، ان جي مٿان هڪ ننڍڙو ڍڪ رکندؤ، جنهن تي ڪنهن وڏي انقلابي جي تصوير هوندي. رات ڏينهن اوهان پنهنجو نور نچوئيندؤ. انقلاب آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان وٽ هر وقت ڪو نه ڪو انقلابي ڪتاب هٿ ۾ هجي يا اوهان جي انداز مان لڳي ته اوهين انقلابي آهيو. انقلاب ۽ سگريٽ جو پاڻ ۾ اهڙو ئي تعلق آهي جهڙو اوڏ ۽ گڏهه جو پاڻ ۾ تعلق هوندو آهي سو جيڪڏهن سڀ انقلابي خوبيون موجود آهن ۽ اوهان سگريٽ نٿا پيئو ته پوءِ اوهان انقلابي ڪو نه آيو. ان ڪري انقلابي هجڻ لاءِ سگريٽ واپرائڻ ۽ ٻين انقلابين، ننڍڙن ننڍڙن چي گويرن ۽ چي گويراڻين کي ان جي لاءِ ترغيب ڏيڻ اوهان جي منشور جو حصو هجڻ گهرجي. ان سان يقينن اوهان انقلابي سڏبؤ.

    انقلابي ماڻهو ٺاهڻ لاءِ اوهان کي ننڍڙن ننڍڙن نون انقلابي گوريلن ۽ گوريلين لاءِ ڪا انقلابي ليبارٽري کولڻي پوندي يا انقلابي دواخانو قائم ڪرڻو پوندو، پوءِ روزانو جي حساب سان انهن کي انقلاب آڻڻ ۽ تبديلي آڻڻ لاءِ انهن جي ڳٽن تي انقلابي ٽيٽوز بنائڻ گهرجن ۽ انهن کي انقلاب جا انجيڪشن لڳائڻ گهرجن، جيئن اهي ماڻهو انقلابي بڻجي سگهن.

    جيڪڏهن اوهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ورتو آهي ته اوهان دير نه ڪريو ڇاڪاڻ ته هي انقلابي آفر محدود مدت لاءِ آهي ۽ هن انقلاب ۽ تبديلي جي ڪورس جي ٻي ڪا به برانچ ڪو نه آهي. اوهين هاڻي ئي پنهنجي فون تان نمبر ڊائل ڪريو ۽ هن آفر مان ڀرپور فائدو وٺو ته، پوءِ دير نه ڪريو ۽ هي سڀ لوازمات ۽ انهن سان گڏ ڪجهه ”اضافي انقلاب“ حاصل ڪري انقلابي بڻجي وڃو.

    نوٽ, انقلابي پيڪيج جي رعايتي سيل جاري آهي ۽ هاڻ اها آخري مرحلن ۾ آهي. انقلابي ڪورس سان گڏ موسيقي ۽ ڌوم ڌڙڪ بلڪل فري. پهريان اچو ۽ پهريان حاصل ڪريو! پراڻن ڪامريڊن جا ڪوٽ، سلفيون ۽ ٽوپيون به مفت
    .........................................................................
    10 سيپٽمبر 2018ع جي سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ شايع ٿيل
     
    صدا حسين هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو