بکيو سماج ۽ مايا ميڙڻ جو جنون!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    مصيبتن ۽ مسئلن جي ماريل هن عوام لاء اهو ناٽڪ نئون ۽ اهو تماشو پهريون ته ڪونهي.مافيائن جي هن ملڪ ۾ گذريل ايڪهتر سالن جي ڊگھي تاريخ ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي.جڏهن پئسو ڪمائڻ،پئسو گڏ ڪرڻ،پئسو اڇلائڻ ۽ پئسي جي نمائش ڪرڻ ئي واحد عظيم فن ۽ شاندار شاهڪار ڪارنامو بڻجي وڃي اتي اخلاقيات،قدر،قيمتون،ڪسوٽيون،مشغوليون ۽ مصروفيتون سڀ جو سڀ انهيء رنگ ۾ ئي رنگجي وڃي ٿو.اصولن جي لاشن جا عظيم ۽ بلند مينار تعمير ٿيڻ لڳن ٿا ۽ نطرين،سوچن،جذبن ۽ احساسن جو اجتماعي جنازو پڙهجي وڃي ٿو،هڪ ڊوڙ جنهن ۾ رڳو انسانيت ئي لتاڙجي ٿي.اهڙو جنون جنهن ۾ دلين کان درد دل جي دولت ئي کسجيو وڃي،اهڙو سفر جنهن جي ابتدا هوس ۽ انتها حرص آهي.هڪ اهڙي بيماري جنهن ۾ عقل شڪار ٿئي ٿو،اهڙو شغل جنهن ۾ صرف روح کي رهنڊون اچن ٿيون.اهڙي وندر جنهن ۾ هوش حواس خطا ٿين ٿا. ياريون دوستيون،مٽيون مائٽيون،الفتون عداوتون،قربتون ۽ دوريون،نفرتون ۽ محبتون ،احساس ۽ اڌما سڀ جو سڀ ان بند دائري ۾ گردش ڪرڻ لڳن ٿا جنهن دائري ۾ داخل ٿيڻ جا ته کوڙ رستا پر ان مان نڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو “موت” آهي.هڪ اهڙي عجيب ڌٻڻ جنهن مان نڪرڻ لاء جيترو هٿ پير ٿو هڻجي اوتروئي انسان وڃي ٿو وڏيڪ اونهو گچندو.بي حسي ۽ بيوسيء جي ان سفر جي ڪا منزل به آهي؟ان چرپڻ واري ڊوڙ جو ڪو دنگ به آهي؟انساني شڪل ۾ حرص ۽ هوس جي انهيء شاهڪار جي اڻ ڳڻين خواهشن جي ڪا انتها به آهي؟“تڪاثر” يعني گھڻي کان گھڻو هئڻ جو حرص،جھجھي کان جھجھو هئڻ جي هٻڇ،دولت جا انبار لاڳيتو وڏائڻ جو مرض.هو جو ڪو ابهم غريب ٻار ڪنهن مرض ۾ مبتلا ٿي ڪنهن سرڪاري يا خيراتي اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ ڇت ۾ اکيون هڻي بيوسيء وچان پنهنجون کڙيون رڳڙيندي موت جي هنج ۾ پناهه ڳولهي ٿو ان جي اداس اکڙين ۾ جن خوابن آپگھات ڪيو ،سندس پتڪڙي ذهن ۾ جن سخت سوالن جنم ورتو اهي بنان ڪنهن جواب ملڻ جي ساڻس گڏ دفن ٿي وڃن ٿا.هن جو هڪڙو ڏوهه ئي ڪافي هو جو هن ڪنهن اشرافيا جي آغوش ۾ جيون جي اک نه کولي،هو هڪ عام مزدور،ڪنهن ڪمي يا ڪسبيء جي گھر ڄمي پيو.هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي قانون مطابق ڪڏهن به ڏاڍو نٿو بدلجي پر ڏاڍي کي ڏسي قانون پنهنجو رستو بدلائي وٺي ٿو.جتي حق جو فيصلو سچ ۽ ڪوڙ جي ڪسوٽيء تي نه پر صرف لٺ جي برڪت سان ٿيندو آهي.جتي انصاف جي ديوي صرف تڏهن حرڪت ۾ ايندي آهي جڏهن انصاف جي زنجير ڇڪڻ وارو هٿ ڪنهن پهلوان جو هجي.جتي ميرٽ اهليت تي نه پر ڏوڪڙ،پئسي ،طاقت ۽ اختيار جي بنياد تي جڙندي آهي.هن ويچاري وٽ ته انهن گھربل لياقتن مان ڪجهه به ڪونهي.نه اعليٰ عظيم خاندان يا قبيلي سان ڪو تعلق،نه اشرافيا جي ڪنهن محل جو رهائش ڪارڊ،نه وات ۾ ڄائي ڄمندي ڪو سونو چمچو، نه ڏوڪڙ نه پئسو،نه اقتدار نه اختيار،نه طاقت ۽ نه ئي ڪا پيراڻي گادي.ان ڪري هتي حق اهو آهي ته هن کي ايئن ئي تڙپندي ۽ سسڪيون ڀريندي مرڻ گھرجي. مرضن کان وڌيڪ سندس ڏيل بکن ۽ ڏکن ڏٻرو ڪيو آهي، هن کي وقت تي مانيء ويلو نصيب ڪونهي جو قدرت طرفان يا اتفاق سان نه پر هن ملڪ جي روايت مطابق هن جي حصي جون سموريون مسرتون اشرافيا جي اولاد جي حصي ۾ ئي وڃڻيون آهن.هي هڪ عام جاندار آهي جنهن کي اشرافيا جي هن سماج ۾ جيئڻ جي اجازت ڏيئي مٿس عظيم احسان ڪيو ويو آهي.هن کي ته پيدا ئي ان اشرفيا جي خدمت چاڪري،ملازمت ،نوڪري ۽ غلاميء لاء ڪيو ويو آهي.هو جيڪر انهن “عظيم”انسانن جي ڪتن جي بچيل باسي کاڌي مان پنهنجو رزق تلاش ڪندي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اها ان جي قسمت آهي جيڪا ان اشرافيا پنهنجي هٿن سان سوچي سمجهي هن لاء لکي آهي.جيڪر هن جي پتڪڙي ۽ ڪمزور سريڙ تي سورن ۽ سختين، صدمن ۽ ستمن جو ڳرو جبل وقت کان پهرين ليٽي پيو آهي ته ان ۾ ڪنهن جو ڪهڙو قصور . هن کي ته پيدا ئي سور سهڻ لاء ڪيو ويو آهي.هو روز اهو تماشو ڏسندو ٿو رهي ته اهي جيڪي اربن جا انبار گڏ ڪري انهن تي ”هاذا من فضل ربي” جو ڪتبو سجايو ويٺا آهن انهن جي شاهي درٻار مان هن کي ٻن وقتن جي ماني به خيرات ۾ نٿي ملي.هو ڏسندو ٿو رهي ته ڪيئن نه پهلوان پهلوانن جي مدد ڪن ٿا،هڪ ٻئي جو درد ونڊين ٿا.ڪيئن نه هڪ ٻئي ۾ محبتون ورهائين ٿا،ڪيئن نه هڪ ٻئي لاء محفلون سجائين ٿا ۽ ڪيئن نه هڪ ٻئي جو شاندار آڌر ڀاء ڪن ٿا.انهن لاء ڪيئن نه ميلا سجن ثا ۽ سندن شان شوڪت جا شاديانا ۽ سندن ساراهن جا گھنڊ وڄا يا وڃن ٿا.پر هو اڄ به اڪيلو ئي آهي ان ڪري جو هو ان خاص مخلوق منجهان ناهي.هو ڪمزورن جي قافلي مان آهي جنهن تي بيوسي،لاچاري، بک،بدحالي ۽ غلامي مڙهي ويئي آهي.هن هر قانون کي هر وقت پنهنجي حق ۾ مضبوط ۽ اڻ ٽر پر ان خاص مخلوق لاء ڪشن جيان نرم پاتو آهي.هو ڏسي ٿو ته سندس قافلي مان ڪنهن ڪمزور پيء پنهنجن جگر جي ٽڪرڻ جون بکن کان نڪرندڙ دانهون برداشت نه ڪندي مجبوريء وچان اٽي جو ڪٽو چوري ڪيو ته سندس هٿ ڪپيا ويا پر هو قانون جي ان ڄار مان واڳن کي آرام سان گذرندي ۽ آزاد ٿيندي ڏسندو ٿو رهي .هو سوچي ٿو ته آخر خدا جي هن زمين تي سندس به ڪجهه حق تسليم ڇو نٿو ڪيو وڃي.رياست ته ماء جي ممتا جيان هوندي آهي پوء ٻارن سان روين ۾ ايڏو فرق ڇو؟رياست جي اها ممتا هن لاء به ڪڏهن جاڳندي؟ڪير آهي جيڪو هن کي به پنهنجائپ جو ڪو احساس ڏياري سگھي؟ هن جي زخمن مان رسندڙ رت تي ڪا ملم پٽي رکي سگھي.هو هر ڀيري تبديليء ۽ ترقيء جا نت نوان نعرا ٻڌندو ٿو رهي،جمهوريت ۽ آئين جون ڪهاڻيون سڻندو ٿو رهي،انساني بنيادي حقن جي حفاظت جي گونجندڙ گونج به ٻڌندو ٿو رهي پر سندس زندگيء ۾ نه ته ڪا تبديلي اچي ٿي ۽ نه ڪو انقلاب.نه کيس جمهوريت ڪو درمان مهيا ڪيو نه وري آئين سندس ڦٽن تي ڪي پها رکيا.نه انساني بنيادي حقن جي دعويدار تنظيمن ڪڏهن ڪو سندس مقدمو وڙهيو ۽ نه عدالتن سندس ڏٻري ڏيل کي حالتن جي ڪنهن ڏاڍ کان بچايو ۽ نه ئي ترقِي ۽ خوشحاليء جي ڪنهن منصوبي سندس سورن ۾ ڪا ڪمي ڪئي نه ئي نت نون وعدن ۽ نعرن سندس بکئي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي.هو رياست هوندي بي رياست، وطن هوندي بي وطن ۽ وسيلن هوندي محروم ئي رهيو.محروميون جن جو احساس ئي جيء جلائي ۽ ساهه ساڙي خاڪ ڪرڻ لاء کوڙ آهي.ناانصافين جي هڪ ڊگھي تاريخ آهي جيڪا هن جي وجود سان ويڙهيل آهي،بدنصيبين جي هڪ نه کٽندڙ ڪهاڻي آهي جيڪا هن جي جيء سان جڙيل آهي.بيوسين جو هڪ داستان آهي جيڪو هن جي ساهه سان سلهاڙيل آهي.جيڪر دنيا ۾ رياست جو ڪردار هڪ مهربان ماء وارو تسليم ٿيل آهي،جيڪر جمهوريت دنيا ۾ عوام جي اهنجن ۽ آزارن جي دوا ۽ دارون شمار ڪئي وڃي ٿي،جيڪر قانون دنيا ۾ ڪمزور جو سهارو مڃيو ويو آهي ته پوء هتي رياست پنهنجو اهو مقرر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اڃا تائين ڇو ناڪام آهي؟جمهوريت صرف هڪ طاقتور طبقي جي جاگير ڇو بڻيل آهي؟اڃا تائين عوام انهن غير جمهوري ۽ غير اخلاقي روين هٿان ڇو يرغمال بڻيل آهي؟عوام جي نالي تي حاصل ڪيل اختيار ۽ طاقت ان عوام خلاف ئي ڇو استعمال ٿيندي رهي آهي؟صدين جي ان فرسودا،ظالماڻي ۽ غير منصفاڻي نظام جون پاڙون اکيڙي کيس ڦٽو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟انهن دولت جي پوڄارين کان ضرورت کان وڌيڪ دولت کسي انهن انگ اگھاڙن ۽ پيٽ بکين کي عيدون ڇو نٿيون ڪرايون وڃن؟جن جي جائز حصي جون سموريون خوشيون،مسرتون ۽ مرڪون ڪجهه جنونين پنهنجي ڏاڍ ۽ طاقت جي زور تي کسي ورتيون آهن. انهن جي حصي جون خوشيون جيڪي اصل پاڪستان آهن.جيڪي پنهنجن سمورين محرومين ۽ مصيبتن باوجود اڄ به جڏهن دل جي سچي جذبي سان پاڪستان زندهه باد جو نعرو بلند ڪن ٿا ته اميدن ۽ آسن جون نيون جوتون جرڪن ٿيون پر افسوس جو انهن جا پنهنجا ابهم وجود هر جوت کان اڄ به ويڳاڻا نظر اچن ٿا.
     
    صدا حسين هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو