امن امان اسان جي پياري ملڪ جي امانت ۽ علامت آهي...!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    امن امان اسان جي پياري ملڪ جي امانت ۽ علامت آهي...!!

    تحرير: شرف الدين مرکنڊ طاهري


    امن امان انسان جي سڃاڻپ آهي،امان امن انسان جي شان جي برابر آهي، امن امان انسان جي جان ۽ حفاظت آهي، امن امان انسان جي ملڪيت آهي، امن امان انسان جي سونهن ۽ مان آهي،امن امان انسان جي عزت آهي، امن امان انسان جي دولت به آهي ته انسان جو پيار به آهي،امن امان اسان جي پياري ملڪ جي امانت ۽ علامت آهي، جنهن کي اڄ جي حڪمرانن ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ امن هوندو ته انسان به سڪون سان ملڪ ۾ رهي ڪري پنهنجي زندگي گذاري سگھي ٿو،ڇو ته امن سان ئي انسان پنهنجي جان، مال، عزت، اولاد، ۽ خاندان جي باري ۾ اطميان سان رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته تعمير ۽ ترقي جي بنيادي حيثيت امن امان ئي آهي، ان ۾ ذهني سڪون ۽ اڄ جي دور ۾ امن امان جي انسان کي اهم ضرورت آهي، ان ڳالهه تي هر عقل مند راضي هوندا آهن، ڇو ته امن جي ڳالهه جي ڪو به مخالفت نه ٿو ڪري سگھي، ۽ نه وري ڪندو سگھندو. امن الله تعالى جي اعلى نعمتن مان هڪ وڏي نعمت آهي، جنهن جو الله تعالى پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ به ذڪر ڪيو آهي، امن جو زوال تمام هڪ وڏي سزا آهي. آسان زندگي گذارڻ هڪ امن جي نشاني آهي. ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو ته هڪ بزرگ جو قول آهي ته اهو چوي ٿو امن هجي ته انسان اڪيلائي ۾ به وحشت محسوس نه ڪندو آهي. جڏهن ته خوف جي ڪري انسان مجلسن ۽ پروگرامن ۾ به مايوس ۽ پريشان نظر ايندو آهي. ٻيو قول هي به آهي ته بدامني جي تنگري کان امن جي تنگدستي بهتر ۽ ڀلي آهي اڄ جي اسان پنهنجي معاشري جي طرف ٿيندڙ موجوده حالتن کي ڏسنداسين ته هڪ عجيب قسم جي افراتفري ۽ هنگامي حالت نظر ايندي. جنهن امن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري اڄ اسان جو معاشرو اناپرستي، قوم پرستي، تعصب، حسد، نفاق، ۽ انتشار جي انتها تي نظر ايندو آهي. جنهن ۾ اسان کي قبائلي جھيڙا ۽ خوني جھيڙا اڪثر ڪري نظر ايندا رهندا آهن. جن ۾ نوجوانن جا قتل سرعام هوندا آهن. جن ۾ عورتن جا قتل، معصوم ننڍن ٻارن جا قتل ٿيندا رهندا آهن، جيڪي روزاني اخبارن جا ورق ۽ چينلن جا آواز بڻجندا رهندا آهن، جن کي اسان روزاني اخبارن ۾ پڙهندا آهيون ۽ روزاني هلندڙ چينلن تي ڏسندا رهندا آهيون، ته اڄ فلاڻي شهر، ڳوٺ ۾ مڙس پنهنجي گھرواري کي ڪارنهن جو الزام هڻي ڪري ماريو ڇڏيو آهي، ته وري ڪٿي ننڍي معصوم ٻارن جا لاش گٽر ۾ يا وري ٻورين ۾ بند پيل ملايا آهن، ته ڪٿي وري سڳاوتي تڪرار تي قتل جا واقعا، ته ڪٿي وري پوليس جي بي ڏوهي جي مقابلي جي روپ ۾ قتل، ته وري ڪٿي خدڪشي جا آواز، ته ڪٿي بمن جا آواز، ته ڪٿي وري عورتون تي حراست جا وار ڪيا وڃن ٿا، ڪٿي وري يونيوريسٽي جي طلباء جا قتل، مسجد، امام بارگاهه، ۽ اسڪولن تي حملا، يا وري بازارن ۾ ٿيندڙ حملا جنهن جي ڪري اڄ اسان جي معاشري مان امن موڪلائي ويو آهي، جنهن جي ڪري اڄ اسان کي اڪثر خونن جا تحفا ملندا رهن ٿا.جن جي ڪري اڄ امڙن پيارن جي جھولي کان انهن جا جگر جدا ڪيا وڃن ٿا، ننڍن معصوم ٻارن کان پيءَ جو سهارو جدا ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي يتيم ڪيو وڃي ٿو، عورتن کان انهن جا پيارا گھروارا (مڙس) جدا ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي بيواهه ڪيو وڃي ٿو. آخر ڪار هي سلسلو ڪيسيتائين هلندو رهندو اسان جي معاشري ۾،ڇا هي اهڙو سلسلو اسان کان اسان جا نوجوان هميشه جدا ڪندو رهندو.؟ جنهن ملڪ ۾ امن سلامت هوندو آهي اهو ڪڏهن به هيٺ نه ٿو ٿي سگھندو، ان ملڪ جي تعليم، صحت کاتو، سرڪاري ادارا به سلامت هوندا آهن، جھڙي طرح اسان پنهنجي ملڪ کي ڏسو ته اسان جي ملڪ جي ڇا صورت حال آهي، جنهن جي تعريف روزاني اسيمبلن ۾ ٿيندي رهي ٿي. روڊ رستا، اسپتالون،اسڪول، پاڻي جي کوٽ،۽ سرڪاري ادارا تباه لڳا پيا آهن، جنهن جي ڪري اڄ اسان اهڙي زندگي بسر ڪري رهيا آهيون جنهن جو حوالو به ڏيڻ به درست ناهي. امن سان ئي هي سڀ ڪجھ قائم ٿيندا آهن جيڪڏهن امن ۽ سچائي جي سهولت نه هوندي ته عوام هر سهولت هوندي به خاموش نظر ايندو آهي اگر جي امن جي سهولت هوندي ته هر سهولت جي نه هوندي به انسان خوش نظري ايندو رهندو آهي ، ان جو سبب هي آهي ته امن سان ئي ملڪ ۾ ترقي ۽ تبديلي ڪري سگھي ٿو. امن سان ئي انسان تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو.امن سان ئي انسان پنهنجي خاندان، ملڪيت جي حفاظت ڪندو آهي. اڄ انسان جي لاءِ جيئن ماني پاڻي ۽ ٻيو ضروري شيون هونديون آهن، اهڙي طرح امن به ضروي شين مان هڪ اهم شيءِ آهي. جنهن ملڪ، شهر ۽ ڳوٺ ۾ امن هوندو آهي ان ملڪ، شهر ۽ ڳوٺ ۾ انساني حياتون به سلامت هونديو آهن. امن جي ڪري انسان هر هنڌ سلامتيءَ سان هوندو آهي. عالم انسانيت جو پهريون مسئلو امن امان آهي.آخر ۾ اسان سنڌ سرڪار ۾ اميد ڪريون ٿا ته خدارا امن جي مسئلي تي گھڻو ڌيان ڏنو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو