عمراني سرڪار به ٻوٽو نه ٻاريو..! ڪامريڊ منان چانڊيو

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    عمراني سرڪار به ٻوٽو نه ٻاريو..!

    ڪامريڊ منان چانڊيو

    عمراني سرڪار جي باني ڪپتان کي حڪومتي ذميواريون سنڀاليندي اڃان شروعاتي مھينا مس گذريا آھن، انڪري اھو چوڻ ته اھا سرڪار به ٻوٽي ٻاري نه سگھي درست نه آھي. پر اھا حقيقت آھي ته ھر محاذ يا شعبي ۾ ھن وقت تائين ڪائي بھتري نظر نٿي اچي. ھڪ طرف ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان برپا ٿي ويو آھي، ۽ ٻئي پاسي مخالف ڌر جي اڳواڻ شھباز شريف جي نيب ھٿان گرفتاري کان پوءِ حڪومت تي انتقامي ڪاروائي جا بھتان به لڳي رھيا آھن. اھڙي ريت آءِ ايف ايم اڳيان بيک وٺڻ لئه ڪشتو ھٿ ۾ جھلڻ جا طعنا به يارن کي ملي رھيا آھن، اھڙين ڪٺن حالتن کي منھن ڏئڻ شايد عمران خان جي وس جي ڳالھ نه آھي، يا وري کيس سياست ڪرڻ، حڪومت ھلائڻ ۽ مالي معامرن کي سنڀالڻ جو وٽس ڏاءُ ئي نه آھي. بھرحال قصا ڪھڙا به ھجن پر ڪپتان جي اقتداري گاڏي گير نه پر ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آھي، جتان نڪرڻ جا فلحال چانس گهٽ نظر اچن ٿا، عمراني سرڪار ملڪي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن وقت تائين وڏا جتن ڪيا آھن مثال طورتي اڳوڻي وزيراعظم جي ڌاريل اٺن مينهن کي نيلام ڪرڻ جا جيڪي ڏوڪڙ مليا ان کان وڌيڪ انهن جي وڪري لاءِ سرڪار پاران هلايل اشتهارن تي رقم خرچ ٿي، لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال پي ايم هائوس ۾ بيٺل گاڏيون تين وال ڪرڻ تي ڏسڻ ۾ آئي باقي ملڪ جي مختلف صوبن جي گورنر هائوسز کي عوام لاءِ کولڻ مان جيڪا آمدني ٿي رهي آھي اها ضرور پاڪستان جي گوڏن ڀر ويٺل معيشت کي اڀ پيرو بيهاريندي، ڪپتان صاحب جي سياست ۽ حڪومت ڪرڻ لاءِ اپنايل حڪمت عملي تي ڪيترائي ليکڪ کيس جس ڏيندا يا وري 25 جولاءِ جي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ هڪ مهيني اندر حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان اڳ واريون هنيل ڊاڙون توڙي حڪومت جي پهرين ڏينهن ۾ پاڪستاني عوام کي ڪيل خطاب کي انقلابي اعلان چئي رهيا هئا، اهي هاڻ به ڀلي ڪپتان کي تبديلي پسند چئي دلي سڪون محسوس ڪن، پر الائي ڇو مان هن کي سياستدان مڃان ئي ڪونه ٿو ڇو ته اڃان جڏهن هو خلائي مخلوق جي اشاري تي نوازشريف حڪومت خلاف آسلام آباد ۾ ڪنٽينر تي ويٺو هيو ته مونکان هڪ دوست پڇيو ته ڪيئن پيا ڪپتان صاحب کي محسوس ڪريو، مون کيس چيو ته هن جي سياست وارھ شھر جي اچانڪ هوٽل واري آھي ان هوٽل جو قصو ڪجھ هن ريت آھي، وارھ شھر ۾ هڪ نيو سٽي هوٽل نالي هڪ هوٽل اڳوڻي ايم پي اي نجم ابڙو جي آھي ان هوٽل مالڪ ڪجھ مزدورن کي بنا جواز بي دخل ڪري ڇڏيو، انهن ويچارن بيروزگار ٿيڻ کان پوءِ مزڪوره هوٽل جي سامهون خالي پيل هڪ پلاٽ جي مالڪ کي منٿ ڪئي ته بنا مسواڙ جي کين جهوپڙي هوٽل قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان معزز ماڻهو مزدورن تي احساس ڪري هوٽل هلائڻ جي اجازت ڏني بس پوءِ رات جي پيٽ ۾ هوٽل قائم ٿي پيو، ۽ صبح جو باقائده هوٽل هلڻ لڳو، ان جي سروس ايتري بهتر هئي جو چند ڏينهن اندر شھر جي ٻين سڀني هوٽلن کان وڌيڪ مشهور ٿي ويو. سو ان ڪهاڻي وانگي عمران خان 2013ع جي اليڪشن ۾ ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهڻ کان سواءِ قومي اسيمبلي ۾ ٽين نمبر تي پوزيشن اچڻ کان پوءِ ٽنهين صوبن ۾ ڳڻپ جيتريون صوبائي نشستو به حاصل ڪري ورتيون، ۽ هاڻ آخرڪار اقتدار جي مٺي ديڳ تائين اچي پهتو آھي. هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آھي ته ڪپتان صاحب ملڪ جي ٻين سياستدانن جي ان روايت کي برقرار رکندي ته اقتدار تائين پهچڻ لاءِ عسڪري ادارن جي حضور ۾ پهچڻ ضروري آھي ۽ حقيقتن ايئن ئي ٿيو ڪپتان پرويزمشرف جي صدارتي ريفرنڊم ۾ چيف ورڪر ٿي پوري ملڪ ۾ ورڪ ڪئي، ان کان پوءِ 2002ع جي عام چونڊن ۾ ان اميد سان قمر بند ٿيو ته کيس وزيراعظم جي منصب تي وردي وارو همراھ رسائيندو، مگر همراھ کي ڳڻپ جيتريون سيٽون ڪونه نصيب ٿيون اهڙي صورتحال کان پوءِ ڪيو ليگ جي پليٽ فارم تان بلوچستان جي مير ظفرالله جمالي کي پرائيم منسٽر هائوس برجمان ڪيو ويو، ان جي آيامڪاري دوران نواب اڪبر بگٽي، مير بالاچ خان مري سميت سوين بلوچ قومي ڪارڪنن کي ڪٺو ويو، يعني لوھ سان لوھ کي ڪٽڻ جو ڪم جمالي صاحب کان وٺي کيس ڪياڙي تي هٿ رکي گهر ڀيڙو ڪيو، بعد ۾ وزارت عظميٰ جو هلالو ڪرائڻ لاءِ چوڌري شجاعت کي ڪجھ وقت وزيراعظم جو زائقو چکائڻ کان پوءِ باقي وقت پرڏيھ مان گهرايل شوڪت عزيز کي ڏئي فوجي آمر پنهنجا مقصد ماڻيان، ان کان پوءِ زرداري صاحب وڏي شان شوڪت سان اقتدار تي رسي مفاهمت جا پڙھا ڏياري سڀني ڌرين کي واري ونڊي سان حڪومتي حصو پتي ڏيئي پورا پنج سال ڪڍي ويو سندس جي اهڙي سياسي ۽ اقتداري وسيع نظر سخاوت ۽ حڪمت عملي جا جٿي ڪٿي واڄٽ وڄي ويا، رئيس وڏي جي رخصتيءَ کان پوءِ ميان صاحب ٽيون ڀيرو اقتداري سيج تي پهچي ويو، مزي جي ڳالھ ته کيس حڪومت جون ذميواريون هٿ ۾ کڻندي هڪ سال مس گذريو ته ڪپتان صاحب، نيم ولايتي مولوي ۽ ڪنواري سياستدان اسلام آباد ۾ اچي ڪنٽينر تي سوار ٿي از غئبي قوتن جي آڱر کڄڻ جي آسري تي ٽن مهينن تائين حساس ۽ صاف سٿري شھر تي يلغار ڪئي، مگر بدقسمتيءَ سان امپائر اشارو ڪونه ڪيو ۽ يار بوڇڻ ڇنڊي ڪلهي تي رکي راهي ٿيا هنن جي روانگيءَ کان پوءِ وري الائي ڪٿان ۽ ڪنهن جي ڏس پتي تي خادم رضوي صاحب پنهنجي سنگت ساٿ ۽ معتقدن سوڌو مينهن واچ ڪري اچي کيمان کوڙيا، ۽ ڪيترين ئي ڏينهن تائين نون ليگ حڪومت جي قيادت کي خوب گاريون ڏيندو رهيو، دلچسپ قصو اهو به منظر عام تي آيو ته جن حضرات کيس موڪليو هيو انهن ئي رضوي ۽ ان جي ساٿين کي وڏي احتمام سان آرامده ڪوچن ۾ ويهاري گريبي ۾ خرچ کاٻاري لاءِ ڪجھ ڏوڪڙ هديي طور ڏيا ويا، مٿي ڄاڻايل ڌرين جا سرزمين تان پيرا اڃان ڪونه ڊٺا هئا ته وري هزارين ڪوھ پري کان پاناما پيپرز وڏڦڙي مينهن ۽ طوفان وانگر اچي ميان صاحب تي ڪڙڪيو جنهن جي آڌار تي ڪپتان صاحب انصاف جي عدالت جو ڪڙو کڙڪايو جتان ڪيتريو ئي جي آءِ ٽيون ۽ احتساب عدالتون ايئن ظهور پزير ٿيون جيئن مارئي جي ماڳ ٿر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ کنبيون پيدا ٿينديون آھن، انهن سڳورين انتهائي چستي چالاڪي ۽ غير جانبداري پر اڳواٽ طئي شده فارمولي تحت ميان صاحب کي پهريون پي ايم هائوس مان ايئن ڪڍي ڇڏيو جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آھي، مگر پوءِ به ڪپتان صاحب کي قرار ڪونه آيو تان جو ميان صاحب ٻن گهرڀاتين سميت جيل ڀيڙو ٿي ويو، هن وقت وڏو ميان ته ٻاهر آھي پر اها جڳھ وڃي ننڍي ميان سنڀالي آھي اڳتي ڇا ٿو ٿئي اهو فيصلو ته عدالت سڳوري کي ڪرڻو آھي، پر عمراني سرڪار سان هن وقت اها ڪار ٿي رهي آھي، جهڙي ڪجھ وقت اڳ رليز ٿيل باليوڊ فلم جنهن سموري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هيو ان جو هيرو پي ڪي جڏھن مٿان يعني خلا مان اچي زمين تي لٿو ته پوءِ کيس اها خبر ڪونه پئي ته هتي ڪيئن هلڻو چلڻو آھي، مزي جي ڳالھ ته جهڙي طرح پي ڪي کان ريڊيو رموٽ کسجي ويو اهڙي طرح عمراني سرڪار کي به خلائي مخلوق اقتدار تي ويهارڻ کان پوءِ حڪومتي رموٽ کسي ورتو آھي ۽ همراھ ھاڻ پيو پٿڪي، سنڌيءَ ۾ هڪ لوڪ ۽ مشهور چوڻي آھي ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي،اڃان هڪ ٻيو پهاڪو به همراھ تي ٺهڪي اچي ٿو، چون ٿا ته هڪ نوجوان جي شادي ٿي ۽ جڏھن هن جي ڪنوار جي گهر مان رخصتي ٿي رهي هئي ته ان وقت ڪنوار روئڻ شروع ڪيو اهڙي روئڻ کان پوءِ خود گهوٽ به روئي ڏنو ان ماجرا کي ڏسندي مڱڻھار به روئي ڏنو،اتي موجود ماڻھن مڱڻھار کان پڇيو ته تون ڇو رني ته هن جواب ڏيندي چيو ته ڪنوار ته پنهنجي پيءُ ماءُ جو گهر ڇڏڻ جي ڪري رني پر گهوٽ جي روئڻ مان مونکي ايئن پئي محسوس ٿيو ته هي گهر به نه هلندو انڪري مون به روئي ڏنو، سو تنهنڪري ڪپتان صاحب سان به ساڳي ويڌن ٿيڻ واري آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو