شاهه لطيف وطن پرست ۽ انقلابي شاعر

'مختلف موضوع' فورم ۾ سارنگ جويو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2018۔

  1. سارنگ جويو

    سارنگ جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، ڪراچي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي، سنڌ.
    اڄ کان 3 ڏينھن اڳ ۾ محترم امان للہ شيخ پاران محترم اڪبر ڍڪڻ جي شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي واري ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو ھو تہ، ” شاھ لطيف ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو آھي“ سندس ان موقف کي دليلن ذريعي مضمون لکي رد ڪيو آھي، ھي مضمون 15 آڪٽوبر 2018 جي سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ ڇپيو آھي، جيڪو اوھان دوستن سان ونڊ ڪريان ٿو تہ اوھان اھو مضمون پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪندا.

    شاهه لطيف وطن پرست ۽ انقلابي شاعر

    سارنگ جويو

    سنڌ جي ڏاھپ جو الميو چئجي يا ٻيو ڪجھ، جو سنڌ جي قومي سُڃاڻپ ۽ علامت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي نام نھاد دانشور پاران ان دور جي اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو قرار ڏنو ويو آھي، جنھن لاءِ دليل اھو ڏنو ويو آھي تہ شاھ لطيف جو ان وقت اسٽيبلشمينٽ جي اھم ماڻھو ھاشم ٺٽوي سان دوستي ھُئي، جيڪا ڳالھ منھنجي سمجھ کان ٻاھر آھي، ڇو تہ منھنجي مطالعي موجب ھاشم ٺٽوي شاھ لطيف جو سخت مخالف ھو. سائين جي ايم سيد بہ پنھنجي ڪتاب ”پيغام لطيف“ ۾ اھو لکيو آھي تہ، ” ھڪ ڀيري شاھ لطيف مڪليءَ ۾ مندر جي حاضري ڀري ھُئي، مندر جي سنڀالو لطيف سائينءَ کي تِلڪ لڳايو ھو، ۽ جڏھن لطيف سائين ٻاھر نڪتو تہ مُلان ھاشم ٺٽوي جي طالبن لطيف سائين جو اچي گھيرو ڪيو ۽ لطيف سائين کي ھندو سمجھي چيائونس تہ اسان توکي مسلمان ڪنداسين تہ لطيف سائين کين چيو تہ ھلو ڀلي مون کي مسلمان ڪيو، جنھن تي اھي طالب شاھ لطيف کي ھاشم ٺٽوي وٽ وٺي ويا ۽ جڏھن لطيف سائين کي ھاشم ٺٽوي مسلمان ڪرڻ لاءِ سندس طھر ڪرائڻ جو چيو تہ شاھ لطيف ھاشم ٺٽوي کي نالو کڻي مخاطب ٿيندي چيو تہ، ھاشم ٺٽوي تون ھڪ مسلمان کي مسلمان ڪيئن ٿو ڪري سگھين، جنھن تي ھاشم ٺٽوي پنھنجن ماڻھن ذريعي لطيف سائين خلاف جلوس ڪڍي سندس تذليل ڪئي ھُئي.“ اھا لطيف سائين جي ھاشم ٺٽوي سان پھرين ملاقات ھُئي، پر ان کان پوءِ بہ لطيف سائينءَ جي ھاشم ٺٽوي جي استاد معين ٺٽوي سان دوستي ۽ شھيد شاھ عنايت سان ويجھڙائي ھجڻ جي ڪري بہ ھاشم ٺٽوي لطيف سائين جو ڪٽر مخالف ھو. جنھن جو ھڪ مثال اھو بہ آھي تہ ھاشم ٺٽوي وحدت الشھود جو پوئيلڳ ھو جڏھن لطيف سائين، شاھ عنايت ۽ معين ٺٽوي وحدت الوجود جي فلسفي جا ھُئا، ان ڪري ھاشم ٺٽوي لطيف جو ڪٽر مخالف ھو ان جي باوجود بہ چئجي تہ لطيف ھاشم ٺٽويءَ جو دوست ھو ان ڪري ھُو اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو ھو تہ ان ماڻھوءَ تي ڪھڙي ميار ڏجي.
    ان تي مون کي ھڪ واقعو ياد ٿو اچي، شايد ڪٿي پڙھيو ھيم تہ ضياءُ الحق جي دور ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي سرڪار پاران بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، تہ شاھ لطيف پنھنجي شاعري ذريعي ماڻھن کي ملڪ ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڀڙڪائي ٿو، انھن عقل جي انڌن کي ايتري بہ ڄاڻ نہ ھُئي تہ شاھ لطيف 3 صديون اڳ جو انقلابي شاعر ھو. اھي تہ ھُـئا اسٽيبلشمينٽ جا ماڻھو، جن کي گھٽ ۾ گھٽ ايتري تہ خبر ھُئي تہ شاھ لطيف ھڪ انقلابي شاعر آھي ۽ ان جي شاعري پڙھي ماڻھو ملڪ کان بغاوت پيا ڪن، پر افسوس تہ ان دانشور جي سوچ تي ڪجي ٿو، جنھن جا حواس ايترا تہ خطا ٿي ويا جو لطيف جھڙي انقلابي ۽ باغي شاعر کي اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو قرار پيو ڏئي.
    جيڪڏھن شاھ لطيف اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو ھُجي ھا تہ پوءِ وقت جي حڪمران نورمحمد ڪلھوڙي لطيف سائين کي ٻہ دفعا مارائڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي ھُئي، ۽ ان کان علاوہ شاھ عنايت شھيد سان ويجھڙائپ جي ڪري پڻ لطيف کي عتاب جو نشانو ڇو بڻايو ويو ھو، جنھن ۾ ان وقت جي بلڙي شاھ ڪريم جي گادي نشين عبدالواسع شاھ، لطيف جي مخالفت ڪندي لطيف سائين پاران شاھ ڪريم جي مزار تي ھڻايل تختي پٽرائي اڇلائي ڇڏي ھُئي.
    ان کان علاوہ محترم سائين دلشاد ڀُٽي سينيئر، بدر ابڙي ۽ منھنجي تحقيق موجب شاھ لطيف شھيد شاھ عنايت جي سامراج مخالف تحريڪ جو نہ صرف ميمبر ھو پر ان جدوجھد جو حصو بہ رھيو ھو، جنھن جي شاھدي سندس ئي ڪلام جي سُر رامڪلي، يمن ڪلياڻ، کاھوڙي ۽ سُر ڪيڏاري جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ملي ٿي. جن ۾ شاھ لطيف شھيد شاھ عنايت جي مغل سامراج خلاف ڪيل گوريلا جنگ ۾ زخمي ٿيل جوڌن جي ذڪر ڪرڻ کان وٺي انھن جي روپوشين، ۽ رازداري وارن عملن جو چٽيءَ طرح ذڪر ڪيو آھي.
    محترم بدر ابڙو پنھنجي تحقيقي ڪتاب ” سنڌ جو شاھ“ ۾ اھا دعويٰ ڪندي لکي ٿو تہ، ”شاھ لطيف شاھ عنايت جي تحريڪ جو حصو بڻجي انھن گوريلن سان گڏ روپوشين ۾ پڻ گُذاريو آھي، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف سُر رامڪلي جي داستان ٻئي ۾ ڪيو آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف پورا 12 بيت چيا آھن، جيڪي دراصل شاھ لطيف انھن انقلابي گوريلن سان روپوشي واري حالت ۾ رھڻ دوران چيا ھُئا. “
    ( ابڙو، بدر.( 2000). سنڌ جو شاھ،)

    آئون پنھنجي مطالعي ۽ تحقيق جي آڌار تي محترم بدر ابڙي جي مٿئين راءِ سان مُتفق آھيان، تہ شاھ لطيف شھيد شاھ عنايت جي تحريڪ جو نہ صرف حمايتي ھو، پر شاھ سائين ان تحريڪ جو حصو پڻ ھو، جنھن حوالي سان مختلف روايتن ۾ بہ بيان ڪيو ويو آھي تہ شاھ لطيف جون شھيد شاھ عنايت سان چند ملاقاتون بہ ٿيل آھن. خاص طور تي جڏھن شاھ لطيف پنھنجي تڙ ڏاڏي شاھ ڪريم بلڙي واري جي مزار پڪي ڪرائڻ ۽ ان تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪرائڻ بلڙي ڪريم آيو ھو ۽ جڏھن پاڻ ان وقت ٺٽي جي وڏي عالم معين ٺٽوي سان ملاقات ڪرڻ آيو ھو، ان دوران ئي سندس ملاقاتون شاھ عنايت سان ٿيون ھيون.
    ھتي پاڻ انھن روايتن کي کڻي نہ بہ مڃيون، پر شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪو شاھ عنايت ۽ ان جي تحريڪ سان سندس ويجھڙائيءَ جون شاھديون ۽ ثابتيون ملن ٿيون، اھي اھم ثبوت آھن سندس وطن دوستيءَ ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف ھجڻ جون.
    انھن ثابتين جا ڪجھ مثال شاھ لطيف جي بيتن جي صورت ۾ ھيٺ ڏجن ٿا:

    ڪَيمَ ڪاپڙين جي، پھرئين ڏينھن پروڙ،
    سَِگھا ساعت نہ ھيڪڙي، چارئي پَھر چُور،
    سدائين سيد چئي، ھونِ سناسي ۾ سۡور،
    جوڳي ساڻ ضرور، لِڪا ڀُڻنِ لوڪَ ۾.

    ( آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006 ). شاھ جو رسالو، سُر رامڪلي، داستان ٻيو، بيت 1، ص. 485.)

    يا

    ٽئين ڏينھن ٽِمڪائين، دونھيون دائرن ۾،
    ميڙيو ڪِڙڄ ڪاٺيون، جوڳي جلائين،
    سَنديون کامَڻ خبرون، آديسين آھين،
    ڳُجھ نہ ڳالھائين، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.

    ( آڏواڻي ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، سُر رامڪلي، داستان ٻيو، بيت 3، ص. 486.)

    يا

    اڄ نہ اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
    آديسي اُٿي ويا، مَڙھيون مُون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا.

    (آڏواڻي، ڪلياڻ.(2006 ). شاھ جو رسالو، سُر رامڪلي، داستان اٺون، بيت 5، ص. 506)

    يا

    ڪاناريا ڪُڻڪن، جنين لوھُ لِڱن ۾،
    محبت جي ميدان م، پيا لال لُڇَن،
    پاڻھين ٻَڌَن پَٽيون، پاڻھين چِڪيا ڪَنِ،
    وَٽان واڍوڙين، رھي اچجي راتڙي.

    آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 6، ص. 67)

    اھڙا ٻيا بہ ڪيترائي بيت آھن، جيڪي ثابت ڪن ٿا تہ لطيف سائين وطن پرست ۽ آزدي پسند انقلابي شاعر ھو ۽ وقت جي حڪمران توڙي اسٽيبلشمينٽ سان نہ صرف عملي طور تي ھُن بغاوت ڪئي، پر پنھنجي شاعريءَ ذريعي اسٽيبلشمينٽ ۽ وقت جي حڪمران سان بغاوت ڪرڻ ۽ ڪنھن بہ صورت ۾ ان جي آڏو نہ جُھڪڻ جو سبق پڻ ڏنو آھي. ان کان علاوہ حڪمرانن پاران فارسي ٻولي مڙھڻ واري عمل جي بہ مخالفت ڪئي آھي، جڏھن تہ شاھ لطيف پاڻ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو ھو، جنھن جو اظھار شاھ سائينءَ ھن ريت ڪيو آھي تہ:

    گولو توءِ غلام، جي تو سِکي فارسي،
    اُڃيو تان آب گُھري، بُکيو تان طعام،
    عامن سندو عام، خاصن منجھان نہ ٿئي.

    شاھ سائين جي وطن دوستي ۽ حب الوطن ھجڻ جي شاھدي سُر مارئي مان بہ ملي ٿي.
    سُر مارئيءَ جا ڪجھ بيت مثال طور ھيٺ ڏجن ٿا:

    الست بربڪم، جڏھن ڪَن پَيوم،
    قالوٰ بَليْ قلب سين، تڏھن تِت چيومِ،
    تَنھين ويرُ ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين.

    ( آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، سُر مارئي، داستان پھريون، بيت 1، ص. 341.)

    يا

    ايءُ نہ مارن ريت، جي سيڻ مَٽائين سونَ تي،
    اچي اَمر ڪوٽ ۾ ڪَنديس، ڪانہَ ڪُريت،
    پَکن جي پريت، ماڙين سين نہ مَٽيان.

    (آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 6، ص. 347.)

    يا

    جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا،
    مون جيڏيون، ملير ۾ چونڊين موڪَ ميھا،
    مُنھنجي آھ اھا، ڪڏھن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

    آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، داستان

    يا

    واجھائي وطن کي، آئون جي ھت مياس،
    گور منھنجي سومرا، ڪج پنھوارن پاس،
    ڏج ڏاڏاڻي ڏيھ، جي، منجھان ولڙين واس،
    مُيائي جياسِ، جي وڃي مَڙھ ملير ڏي.

    آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، سُر مارئي، داستان ڇھون، بيت 9، ص. 355.)

    مٿي پيش ڪيل سمورين شاھدين ۽ دليلن موجب شاھ سائين جيڪو سُر مارئيءَ ۾ حب الوطنيءَ جو برملا اظھار ۽ وقت جي حڪمران ۽ اسٽيبلشمينٽ سان بغاوت جو جيڪو درس ڏنو آھي، اھو لطيف سائين کي ھڪ انقلابي، آزادي پسند ۽ وطن دوست شاعر ثابت ڪري ٿو، ان جي باوجود بہ ڪي نام نھاد دانشور لطيف سائينءَ کي اسٽيبلشمينٽ جو حامي ڄاڻائين ٿا تہ انھن لاءِ لطيف جون ھي سٽون ئي ڪافي آھن تہ:

    سڄڻ ۽ ساڻيھ، ڪنھن اڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين ھوءِ، وطن جن وساريو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو