اڄوڪي هلال پاڪستان ۾ پڙهندا: ارتقا جي عمل کي روڪي نہ ٿو سگهجي

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ارتقا جي عمل کي روڪي نٿو سگهجي

    هن ڪائنات کي جوڙڻ مهل قدرت واري هن ڪائنات کي هلائڻ ۽ سندس بقا کي هڪ اڻ ٻڌايل مدي تائين سلامت رکڻ لا۽ ڪجھ فطري قانون بہ جوڙي رکيا هئا، جن ۾ هڪ اهم قانون ارتقا جي عمل کي روا دوا رکڻ بہ هو.

    جڏهن کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي ۽ اُن سان گڏ هن ڌرتي تي انسان جو رهڻ ممڪن ٿيو آهي تڏهن کان وٺي ارتقا جي عمل شروع ٿيو آهي، ڌرتي جنهن شڪل و صورت ۾ هاڻ وڃي باقي بچي آهي يا هن مهل ڌرتي جي جيڪا بيهڪ توڙي جهلڪ آهي، اُها يقينن پهريان ائين نہ ٿي هوندي، ابتدا ۾ ڌرتي تي گهاڻا وڻ توڙي جنگلات، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل، مختلف قسم جا خطرناڪ ۽ نقصان ڪار جانور بہ رهندا هئا، اُهي جنگلات، جبل ۽ جانور ارتقائي عمل جي دائري ۾ اچي ڪري وقت سان نست ۽ نابود ٿي ويا، هن ڪائنات ۾ موجود هر شئي ارتقا جي قانون مطابق يا تہ تبديل ٿيندي رهي يا وري فنا ٿيندي رهي، اسان ڪهاڻين ۽ قصن ۾ جن ازدا بلائن، جنڙين يا وري ڊائنوسارن جو ذڪر ٻڌندا آهيون يا پڙهندا آهيون اُهي در حقيقت ڪنهن دور ۾ پنهنجو وجود رکنديون هيون، پر وقت ۽ حالاتن جي بدلجڻ سان اُهي ختم ٿي ويون.

    اڄڪلھ بزرگن يا وڏڙن جي ڪچهرين ۾ اهو جملو اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي تہ ” اڄوڪي دور جو نوجوان موبائل، ڪمپوٽر ۽ انٽرنيٽ کي استعمال ڪندي انتهائي ڪاهل ۽ سُست ٿي ويو آهي کيس سماجي قدرن توڙي ذميوارين جو احساس نہ ٿو ٿئي ۽ نہ ئي هو انهن ذميوارين کي نڀائڻ جي صلاحت رکي ٿو “، اها ڳالھ بلڪل درست آهي تہ اڄڪلھ جو نوجوان گهڻو وقت موبائل، ڪمپوٽر ۽ انٽرنيٽ کي ٿو ڏي، مگر ان جو هر گز اهو مطلب ناهي تہ هو ان قابل ناهي جو زندگي جي باقي معاملاتن کي سمجهي سگهي، موبائل، ڪمپوٽر ۽ انٽرنيٽ وقت جي اهم ضرورت آهن، انهن کانسوا۽ رهڻ ناممڪن نہ پر مشڪل ضرور آهي، جئين تہ اسان اڳ ۾ اها ڳالھ ڪري چڪا آهيون تہ ارتقا جي عمل کي روڪڻ يعني فطرت جي خلاف ورزي ڪرڻ آهي ۽ فطرت جي خلاف ورزي ڪرڻ جو سئو سڌو مطلب پاڻ کي جوکم ۾ وجهڻ برابر آهي.

    ارتقا جي عمل کي سمجهڻ لا۽ ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا جيڪي يقينن اوهان لا۽ مددگار ثابت ٿيندا.

    اوائلي دور ۾ انسان جنهن قسم جو ڪپڙو پنهنجي جسم کي ڊڪڻ لا۽ اوڍيندو هيو اهو ان وقت جي حوالي سان بلڪل صحيح هو، مگر هاڻوڪي دور ۾ ان قسم جو لباس بلڪل بہ مناسب نہ لڳندو ڇو تہ ان قسم جي وقت ۽ حالاتن جو هاڻوڪي دور جي وقت ۽ حالاتن سان ڪنهن بہ قسم جي هڪجهڙائي ناهي رهي.

    ان دور ۾ انسان جو هڪ جا۽ کان ٻي جا۽ تي وڃڻ جو سفر يا تہ پيادل هوندو هيو يا وري ڪنهن جانور جي مدد سان تيار ڪيل ڪنهن گهوڙي گاڏي، بيل گاڏي يا هاٿين تي ممڪن هيو، تنهن دور جي حساب سان اُهي سواريون هڪ وڏو مرتبو رکنديون هيون ڇو تہ ان دور ۾ انهن جي متبادل انهن کان بهتر اڃا ڪا ٻي مناسب سواري ايجاد نہ ٿي هئي.

    بلڪل اهڙي ئي نموني هر شئي ارتقا جي عمل جي مدد سان ترقي ڪئي ۽ پنهنجو شڪل و صورت تبديل ڪئي تڏهن ئي سندن وجود باقي آهي، اسان جي اردگرد جيڪا بہ شئي وجود رکي ٿي اگر ان تي ٿورو غور و فڪر ڪجي تہ ان جي هاڻوڪي صورت سندس وجود اچڻ مهل واري صورت کان بنھ مختلف هوندي پو۽ ڀل ڇو نہ اُها گاڏي، ڪار، موبائل، ڪمپوٽر يا ڪا ٻي شئي ئي هجي.

    هاڻ اگر اڄوڪي دور جي ماڻهن مان اها اميد رکجي تہ اهي اوائلي دور جي ريتن رسمن کي اپنائن ۽ کين زنده رکن تہ شايد اها اسان جي هڪ وڏي ڀُل هوندي، هاڻ جت ٽيڪنلاجي سالن ۽ ورهين جي سفر کي سيڪنڊن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي اُتي وري اسان انهن کان انهن ورهين ۽ سالن جي اميد رکئون تہ اها اسان جي وڏي ناداني ليکي ويندي.

    اسان وٽ هر نئي شئي جي شروعات ۾ شديد مخالفت ڪئي ويندي آهي سندس منفي پهلو کي وڌيڪ زير بحث آندو ويندو آهي بجا۽ سندس مثبتي پهلو جي، حالانڪ ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، وقت جي ضرورتن مطابق نئون ايجادون ٿين ٿيون، وقت ۽ حالاتن کي مدنظر رکندي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو نت نوان تجربا ڪري نيون شيون تخليق ڪن ٿا جيڪي انساني زندگي کي اڃا آسان بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين پر اسان وٽ ان اصول جي ابتڙ ڪم پيو هلي اسان وٽ ڪنهن هڪ اصول يا شئي کي ورهين تائين هلائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آهي اسان وٽ جديدت کان وڌيڪ قديمت تي زور ڏنو ويندو آهي جنهن جي ڪري اسان جا اڏيل معاشرا ترقي نہ ٿا ڪن ۽ ڪا نئي شئي تخليق ۾ نٿي اچي، اسان ارتقا جي عمل کي هلڻ کان روڪيو ويٺا آهيون، اسان نئي دور کي ڀليڪار چوڻ جي بجا۽ سندس گلا ڪريو ٿا ۽ پراڻي دور کان سکڻ جي بجا۽ سندس تعريفون ڪري سندس وري ورڻ جا وس ڪريون ٿا ۽ اها آس ۽ اميد رکو ٿا تہ اي ڪاش وري اهو ساڳيو دور موٽي، هالانڪ گذريل وقت ڪڏهن بہ ناهي ورندو اهو بہ فطرت جو هڪ قانون آهي.

    اسان اگر وقت جي حساب سان پاڻ توڙي پنهنجي آس پاس جي ماحول ۾ تبديليون آڻيون تہ يقينن اسان ترقي ڪري سگهون ٿا، ارتقا جي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ بجا۽ جي اگر ارتقا جي عمل کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون تہ يقينن تمام مختصر عرصي ۾ ترقي جي منزلن کي پار ڪري دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهون ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو