گوگل اِنپُٽ ۽ سنڌي ٻولي

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    گوگل اِنپُٽ ۽ سنڌي ٻولي
    ***
    اسان چاھيون تہ سڀ ڪُجهہ ٿا پر ڪري ڪير؟ ٿيندو ڪيئن؟ اسان اُن ۾ پنھنجو حصو ڪيئن ملايون؟ اھا اسان کي خبر ناھي ھوندي، جيڪڏھن خبر ھوندي آھي تہ پوءِ بہ اسان جي سُست رويي جي ڪري ڪم ناھي ٿي سگهندو.. سنڌي ٻوليءَ سان بہ ساڳي ئي ڪار آھي، گوگل ۾ سنڌي تہ شامل ٿي وئي سڀني واھ واھ ڪئي پر اڳتي ڇا ٿيندو؟ ڪيئن ٿيندو؟ يا بس اتي ئي دنگ ڪندي؟ اھي سوال اڃا بہ ذھن کي جنجهوڙن ٿا. سنڌي ٻوليءَ کي گوگل ۾ شامل ٿِئي ڪجهہ ئي سال مس ٿيا آھن ۽ اسان گوگل کان توقع پيا ڪريون تہ سنڌي ٽرانسليشن واري مرحلي ۾ خاطرخواھ نتيجا ڏئي، پر اسان پنھنجي پاران ڇا ڪيو آھي جو گوگل اسان کي خاطرخواھ نتيجا ڏيندي؟ اسان تہ فيسبڪ مان ٻاھر نڪتا ئي ناھيون! ھڪ ڳالهہ ياد رکو تہ جيستائين توھان ۽ اسان گوگل جون ٻيون سروسز استعمال نہ ڪنداسين گوگل بہ اسان جي ٻوليءَ کي لفٽ نہ ڪرائيندي.. سڀ کان پھريون مرحلو آھي گوگل تي سنڌي ٻوليءَ جي مواد جو گهڻي کان گهڻو ھُجڻ.. سو تہ آھي ئي ڪونہ. اسان فيسبڪ ڊگها ڪالم ۽ مضمون لکي دل ئي دل ۾ خوش پيا ٿيون تہ اسان تمام وڏو ڪانٽينٽ پيا ڏيون! پر دوستو! اھا اسان جي ڀُل آھي.. فيسبڪ ھڪ سوشل ميڊيا ويبسائٽ آھي ۽ گوگل فيسبڪ ۾ موجود مواد کان وڌيڪ بلاگز ۽ ويبسائٽس تي موجود مواد کي وڌيڪ ترجيح ٿي ڏئي..
    مون ڪُجهہ ڏينھن اڳ گوگل انپُٽ ٽولز پنھنجي ليپٽاپ جي برائوزر ۾ لڳايو، جنھن ۾ مون کي سنڌي ٻوليءَ جو صرف ڪيبورڊ ئي نظر آيو جنھن سان سنڌي لکي سگهجي ٿي، پر اُن ۾ بہ ڪُجهہ خاميون آھن، پر ان جي ڀيٽ ۾ مونکي اردو جو نہ صرف ڪيبورڊ نظر آيو! پر انپٽ ٽولز جا ٻيا فيچر بہ نظر آيا جنھن ۾ پين سان لکيل اکر يا لفظ کي ڊجيٽل ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪرڻ، غلط لفظ کي درست ڪرڻ جھڙا اھم فيچر اردو انپٽ ٽول ۾ شامل آھن. پر اسان جي ٻوليءَ ۾ اھي فيچرز ڇو ناھن؟ ڇوتہ اسان گوگل کي ڪانٽينٽ ئي ناھي ڏِنو! ٻہ ويبسائٽون آھن جنھن ذريعي گوگل کي ڪانٽينٽ ڏنو اٿؤن سوبہ نہ ھُئڻ برابر آھي، ھڪ سنڌسلامت ۽ ٻيو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا... پر دوستو! گوگل کي اڃا وڌيڪ مواد کپي! جيڪو ادارن جو ڪم ناھي پر عام ماڻھن (توھان ۽ اسان) جو ڪم آھي. سنڌي ٻوليءَ جي انجڻڪاريءَ ۾ پنھنجون خدمتون ڏيندڙ امرفياض کان جڏھن پُڇيم تہ ”آخر گوگل انپٽ ۾ سنڌي شامل ڇو نہ ٿي ٿئي؟“ تہ اُن بہ اھو ئي جواب ڏنو تہ گوگل جي ’مسٽر مارڪ ايلي‘ سان ڳالھ ٻولھ ٿي اُن چيو تہ گوگل تي سنڌي ٻوليءَ جو ڪانٽينٽ تمام گهٽ آھي يعني 0.00005 ۽ سنڌي تڏھن ئي شامل ٿيندي جڏھن ڪانٽينٽ جو ريشو 0.5 تي پُڄندو.. ۽ اِھو ڪير ڪندو؟ ادارا؟ ٻولي اٿارٽي؟ نہ! اِھو ڪم توھان ۽ اسان کي ئي ڪرڻو آھي ۽ اھو تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن اسان فيسبڪ کان ٻاھر فورمز ۽ بلاگز طرف اينداسين، اُتي لکنداسين تہ پوءِ ئي گوگل جي انپٽ ٽول ۾ سنڌي شامل ٿيندي ۽ جڏھن اِھا شامل ٿي وئي تہ پوءِ ئي اسان جي ٻولي دُنيا جي ترقي يافتہ ٻولين ۾ شامل ٿيندي نہ تہ ائين ئي سمجهو ’وڏيرو پنھنجي ئي تر ۾ وڏيرو آ دُنيا ۾ نہ!‘.
    _
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو