جڏهن ماڻهو ظلم جو مثال ڏيندا آهن ته اهي هٽلر ڇو نالو کڻندا آهن.

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ شمشير نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2018۔

  1. شمشير نظاماڻي

    شمشير نظاماڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    جڏهن ماڻهو خاص ڪري انفرادي طور ظلم جو مثال ڏيندا آهن ته اهي هٽلر ڇو نالو کڻندا آهن. نظريي طور ان کي نازي ازم جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.

    نظرياتي طور مونجهاري ۾ ورتل هن دنيا ڪڏهن به ڪميونسٽ نظريي کي فاشزم نه ڪٺيو آهي حالانڪه ڏسجي ته ڪميونسٽن هٽلر کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا آهن.

    چائينا ۾ ڪميونسٽ حڪمرانن انقلاب دوران 7 ڪروڙ ماڻهو قتل ڪيا.

    رشيا يا هاڻوڪي روس ۾ ڪميونسٽن هٿان قتل ڪيلن جو تعداد 2 ڪروڙ کان مٿي آهي. ان کان سواءِ 50 لک کان وڌيڪ يوڪريني پڻ ڪميونسٽن قتل ڪيا.

    پوءِ به مونجهاري جي شڪار هي دنيا ڪميونسٽن کي ڪڏهن به خراب ناهي ڪوٺيو آخر ڇو.

    1

    ساڄي توڙي کاٻي ڌر نازي ازم يا هٽلر شاهي جي هميشه نندا ڪئي آهي.

    خاص ڪري کاٻي ڌر، جنهن جو ادب توڙي ايڪيڊيميا ۾ وڏو ڪنٽرول رهيو انهن ڪڏهن به ڪميونسٽن جي ظلم متعلق نه ئي لکيو آهي ۽ نه ئي ماڻهن کي ان بابت آگاهه ڪيو آهي.

    2

    نازين پاران نفرت جي بنياد تي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت يهودين جي نسل ڪشي ڪئي وئي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي. يهودين کي گيس جي چيمبر ۾ بند ڪري انهن کي موت جي ننڊ سماريو ويو.

    ٻي طرف ڪميونسٽن توڙي جو نازين کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا پر انهن لفٽ جي ليکاري ان کي نسل ڪشي نٿا ڪوٺين بلڪه انقلاب جو نالو ڏين ٿا ۽ سندن خيال آهي ته ڪنهن منصوبي تحت اهي ماڻهو قتل نه ڪيا ويا.

    3

    ڪميونزم سرخ انقلاب، لال سلام، سماجي برابري جهڙن دلڪش نظرين ۽ نعرن وارو نظريو آهي.

    جڏهن ته نازي ازم نسلي امتياز ۽ کلي عام نفرت وارو نظريو آهي.

    تاريخداد مٿان عملن کان وڌيڪ لفظن جو جادو حاوي هوندو آهي ان ڪري تاريخدانن ڪميونسٽن جي عملن کي انهن جي دلڪشن نظرين پويان لڪائي ڇڏي آهي ۽ نازي جيئن ته جارحيت پسند هئا ان لاءِ هر تاريخدان انهن کي خراب پي ڪوٺيو آهي.

    4

    هٽلر کان پوءِ جرمني جي حڪومت توڙي قوم هٽلر جي نسل ڪشي واري پاليسي جي نندا ڪئي، متاثرن کان معافي ورتي ۽ متاثرن جي مدد ڪئي، جنهن مان خود سڄي دنيا اهو تاثر ورتو ته هٽلر شاهي ڪيتري نه خراب هئي جو سندس ماڻهو به ان کان نفرت ڪن پيا.

    پر ٻي طرف رشيا لينين توڙي اسٽالن هٿان قتل ڪيل ماڻهن جي خاندانن کان اڄ تائين معافي نه ورتي.

    سويت انقلاب جي ابي لينين جي ظلم جي معافي بجاءِ اڄ ڏينهن تائين اهو روس جو انقلابي اڳواڻ طور ياد ڪيو ويندو آهي.

    چائينا ۾ عام ماڻهن جي مائوزي دُنگ جي عملن تي شرمساري بجاءِ چائنا جي هر نوٽ تي اڄ مائوزي دنگ جي تصوير آهي.

    ان کان سواءِ ڪيوبا، ويٽنام ۽ نارٿ ڪوريا ۾ پڻ ڪميونسٽن جي قتل عام جي معافي وٺڻ بجاءِ انهن کي هيرو طور پيش ڪيو ويندو آهي.

    5

    ڪميونسٽن پنهنجي ملڪ اندر پنهنجا ماڻهو قتل ڪيا، جڏهن ته نازين جرمنن کان وڌيڪ ٻين ماڻهن کي قتل ڪيو.

    دنيا جي جڙتو ضمير مطابق پنهنجا ماڻهو قتل ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر ٻين قومن جي ماڻهن جو قتل عام مذمت جوڳو عمل آهي.

    جيئن آفريڪا ۾ ڪاري رنگ جا ماڻهو لکن جي تعداد ۾ هڪ ٻي کي قتل ڪندا رهيا پر ساڳي جاءِ تي هڪ ڪاري ڪو آمريڪا ۾ قتل ڪري ته دنيا جو جڙتو ضمير جاڳي اٿندو ۽ ان هڪ قتل کي نسل پرستي قرار ڏيڻ ۾ دير نه ڪندو.

    6

    کاٻي ڌر جي مطابق دنيا جي آخري سٺي جنگ ٻي مهاڀاري لڙائي هئي، جيڪا جرمني ۽ جاپاني فاشزم جي خلاف وڙهي وئي پر کاٻي ڌر انهن جنگن کي سڄو نٿي ڪوٺي جيڪي جنگيون ڪميونسٽن خلاف وڙهيو ويون.

    جيئن ويٽامي ڪميونسٽن خلاف آمريڪا جي جنگ کي ڪو سٺو نٿو سمجهي يا وري جڏهن روس پاران افغانستان ۾ حملو ڪيو ويو ته اهو کاٻي ڌر مطابق سٺو هو ۽ آمريڪا جڏهن آفغانستان ۾ حملو ڪيو ته اها افغانستان مٿان آمريڪا جو قبضو قرار ڏنو ويو.

    جيئن ته دنيا ۾ ادب ۽ خاص ڪري سياسي ادب ۾ کاٻي ڌر جو قبضو آهي، ان لاءِ ڪميونسٽن جي ظلمن تي هر وقت پرودو وجهندا رهندا آهن.

    اوهان کي نظرياتي مونجهاري واري دنيا مبارڪ هجي.
     
    آخري ترميم: ‏28 آڪٽوبر 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو