شاه لطيف جو راڳي : استاد جڙيل فقير لنجواڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    شاه لطيف جو راڳي : استاد جڙيل فقير لنجواڻي

    شاهه جو هي استاد راڳي 5 مارچ 1938ع تي ڳوٺ ڪيهر فقير( ضلعي مٽياريءَ ) ۾ فقير مير محمد لنجواڻي عرف ميري فقير جي گھر پيدا ٿيو. استاد جڙيل فقير لنجواڻي جو والد جلال فقير لنجواڻي پڻ شاه جو ناميارو راڳي فقير هو ۽ سندس پڙ ڏاڏو ڪيهر فقير لنجواڻي سندس خاندان ۾ پهريون راڳائي هو ۔ ڪيهر فقير لنجواڻي لطيف سائين جي پيراندي کان دفن آھي ۽ سندس خاندان جا فقير اڄ ڀي شاه جي درگاه تي راڳ چوندا پيا اچن ۔
    استاد جڙيل فقير لنجواڻي جئين ته لطيف سرڪار جي راڳي فقيرن جي خاندان ۾ پيدا ٿيو لهٰذىٰ بنيادي استاد سندس والد جلال فقير لنجواڻي هو ۽ پاڻ تمام ننڍي عمر ۾ شاه جو راڳ سکي ورتائون ۔ ڪن ماڻهن موجب استاد جڙيل فقير لنجواڻي 14 سالن جي سن ۾ شاه جو راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۔
    استاد جڙيل فقير لنجواڻي سائين غلام شاه جو راڳ پڻ ٻڌو ۽ ڇو ته سندس والد جلال فقير لنجواڻي سائين غلام شاه سان گڏ جمعي جي رات راڳ ڳائيندو هو ان نسبت جي ڪري ڀي سائين غلام شاه استاد جڙيل فقير کي تمام گهڻو ڀائيندو هو ۔
    استاد جڙيل فقير راڳ جي وڌيڪ سکيا ۽ تند وڄائڻ جي مهارت سائن غلام شاه کان سکي ۔
    استاد جڙيل فقير لنجواڻي شروعاتي دور ۾ ئي اڳواڻ جي حيثيت ۾ آچر راڳ شروع ڪيو جيڪو مختلف راتين تي جاري رهيو ۽ سندس وفات (2018) تائين مسلسل 58 سال جاري رهيو ۔
    ڀٽ شاه جي فقيرن ۾ اهو مشهور آهي ته سڀ کان گهڻا شاگرد استاد جڙيل فقير پيدا ڪيا ۔
    استاد جڙيل فقير لنجواڻي وائين جي قانون ۽ دنبوري وڄائڻ جو انتهائي ماهر راڳائي هو ۽ آخر تائين راڳ ۽ وائين جي قانون جو پابند رهيو ۔
    هر سر ڳائڻ کان پهرين وڄائي ويندڙ تند جو پڻ استاد هو ۽ سندس شاگرد پڻ نالي وارا راڳائي رهيا آھن ۔
    پاڪستان جي مختلف شهرن کان علاوه فرانس بيلجم اسپين ۽ ترڪي ۾ پڻ استاد شاه جو ڪلام پيش ڪيو ۽ لطيف جي راڳ جي فن کي عام ڪرڻ لاء جاکوڙ جاري رکيائن ۔
    جڏهن ڀٽ ڌڻي جي موجوده گادي نشين قبله سيد وقار حسين شاه سائين راڳ جو اسڪول کولرايو ته اتي پڻ استاد جڙيل فقير لنجواڻي کي استاد ڪري رکيائين ۔
    استاد جڙيل فقير لنجواڻي آخري دم تائين ان اسڪول ۾ نوجوانن کي شاه جي راڳ جي علم جي سکيا ڏيندا رهيا ۔ سندس خاندان ۾ اڄ ڀي شاه جو راڳ هلي پيو ۽ سندس پٽ خالق ڏنو پڻ شاه جو راڳ ڳائي ٿو ۔
    کيس شاهه جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران ٻه ڀيرا لطيف اوارڊ ۽ لائيف اچيومينٽ اوارڊ پڻ مليا آهن. سال 2003ع ۾ ڀٽائيءَ جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ سندس نالو سنڌ حڪومت پاران وفاق کي تمغه امتياز لاءِ موڪليو ويو پر کيس حڪومت جو اهو اعليٰ اعزاز نه ڏنو ويو.

    سردار اياز ميمڻ جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو