ميڊيا،وي آئي پيز ۽ خلق خدا!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ميڊيا جي منظرن ۽ اخباري صفحن ۾ صحيح نموني جڳهه پائڻ لاء اوهان جو وي آئي پي هئڻ نهايت ئي ضروري آهي ٻي صورت ۾ جيڪر اوهان جو تعلق عام خلق خدا سان آهي ته پوء اوهان اهڙي اميد هرگز نه رکو.جيلن جي ڳالهه ڪجي ته عام ڏوهارين لاء اهي عقوبت خانا ۽ عذاب گھر بنيل آهن پر وي آئي پي شخصيتن لاء اهي تفريح گاهون آهن.مختلف وارڊن ۽ ڪوٺڙين ۾ قيدي اهڙيء طرح هڪٻئي مٿان سٿيل نظر ايندا جيئن فارمي ڪڪڙيون پڃرن ۾ سٿيل هونديون آهن.جيڪر جيل ۾ به اوهان وٽ ڏوڪڙ پئسو يا ڪو اثر رسوخ آهي ته قيد مشقت به قيد محبت ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو پر جيڪر اوهان اهڙا خوشنصيب ناهيو ته پوء هر قسم جي ذلت آميز سلوڪ لاء هر وقت تيار رهو.زمانو بدليو،دنيا سڌري خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويئي پر اسان جو جيلن جو نظام جيئن پوء تيئن وڌيڪ عذاب، اذيت ۽ ڏوهاري سرگرمين جي اوسر ۽ واڌ جو سبب بڻجندو رهيو آهي. پر ان کي درست ڪرڻ جي ان ڪري ڪا خاص ضرورت ناهي جو اول ته وي آئي پي ماڻهن کي مشڪل سان ئي جيل جي هوا کائڻي پوي ٿي جو اهي پوليس ۽ عدالتن واري مرحلي مان ئي وڏي دانشمنديء سان پنهنجي جان آجي ڪرايو وڃن پر جيڪر ڪن تي جيل وڃڻ جي نوبت اچي به ٿي ته اتي به سندن ئي بادشاهي برقرار آهي.وڌيڪ بوريت محسوس ٿي ته بنان ڪنهن ڏکيائيء جي ڪنهن اسپتال جي وي آئي پي ڪمري ۾ تشريف فرما ٿي ويندا آهن ان ڪري حڪومت جيلن جي نظام ۾ سڌاري جي لاء پنهنجي توانائي ۽ پئسو اجايوڇو خرچ ڪري؟

    هاڻي اچو انهن پبلڪ يعني سرڪاري ادارن طرف جن کي شهرين جا روزمرهه جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ تڪليفن ۾ سندن هرممڪن مدد ڪرڻ جي ذميداري مليل آهي اهي ڪيڏي نه ايمانداريء،محبت ۽ محنت سان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاء آتا رهن ٿا!اوهان اڪثر ڏٺو هوندو ته انهن مان ڪيترن ئي ادارن ۽ آفيسن ۽ بينڪن وغيره ٻاهران ماڻهن جون نه کٽندڙ ڊگھيون ڊگھيون قطارون نظر اينديون آهن.اهو روز جو معمول آهي ۽ سالن کان اهو سلسلو جاري آهي.انهن ادارن يا آفيسن اندر ويٺل عملدار جيڪي انهيء ئي عوام جي ٽيڪس مان پگھارون کڻن ٿا،اهي اندر نهايت ئي سڪون سان ايئرڪنڊيشنر يا هيٽر جا مزا وٺندي هڪ ٻئي سان گپ شپ ڪندا رهندا آهن جڏهن ته اهو عوام جنهنجا اهي نوڪر آهن انهن کي ٻاهر نٽهڻ اس ۾ ساڙيندا يا ٿڌ ۾ ٺاري ڪلفي ڪندا رهندا آهن. سال گذري ويا پر انهن کي ايتري توفيق به نٿي ٿئي جو ٻيو نه ته پوڙهن،ڪمزورن ۽ بيمارن جي لاء رڳو اتي ويهڻ جو ڪو جوڳو انتظام ئي ڪري سگھن.اهي خبر ناهي خلق خدا کي ڇا ٿا سمجھن؟ شايد جانور واري حيثيت به ڏيڻ لاء تيار ناهن.ها،البت جيڪر اوهان خوشقسمتيء سان وي آئي پي آهيو ته پوء اوهان کي ان قطار ۾ لڳڻ جي تڪليف هرگز ڪرڻ نه گھرجي.اوهان جي لاء هر آفيس ۾ هڪڙو وي آئي پي در پٺئين پاسي هميشه کليل رهي ٿو بلڪه اوهان کي پاڻ اچڻ جي به ڪهڙي ضرورت هڪڙو فون ڪري ڇڏيو يا وڌ ۾ وڌ پنهنجو ڪو نوڪر چاڪر موڪلي ڏيو،ٻيڙا پار ٿي ويندا.

    شروع ۾ ميڊيا جي منظرن ۽ اخباري خبرن جو ذڪر ڪري رهيا هئاسين ته شل نه ڪنهن وي آئي پي سڳوري کي ڪو زوڪام ٿئي، بس ميڊيا ۾ ڄڻ ته زلزلو اچيو وڃي.فلاڻي وي آئي پي کي هٿڪڙيون ڇو هنيون وييون،فلاڻي اهم ماڻهوء کي بڪتربند گاڏيء ۾ ڇو سوار ڪيو ويو جو سندس ساهه منجھي ويو.فلاڻي ليڊر کي ننڍڙي ڪوٺڙيء ۾ ڇو بند ڪيو ويو جو پاسو ورائي نٿو سگھي.فلاڻي کي آرامده گدو ڇونه ڏنو ويو جو معصوم جي چيلهه ئي چٻي ٿي ويئي وغيره وغيره.باقي هيء جا ٻي خدائي مخلوق هر هنڌ ۽ هروقت سوين عذاب ٿي ڀوڳي سا ڪنهن کي نظر ئي نٿي اچي.

    موت هڪ حقيقت آهي ۽ امير توڙي غريب تي ضرور اچڻو آهي پر شل نه ڪو وي آئي پي موت جو شڪار ٿئي.بس، سندس عزيزن ۽ قريبن کان وڌيڪ ماتم ميڊيا تي ئي نظر ايندو.سندس پورو شجرو،خانداني پس منظر،سندس عظيم خدمتون،سندس سخاوت ۽ درياه دلي مطلب ته ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن لاء انهن داستانن جا رنگ لڳي ويندا.باقي جيڪر بلديا جي فيڪٽريء ۾ هڪئي وقت ٽي سو ماڻهن کي جيئري ساڙيو وڃي،يا ماڊل ٽائون ۾ بي گناهه مردن،عورتن ۽ ٻارن کي رت ۾ وهنجاريو وڃي يا ڪنهن کاڻ ۾ مناسب حفاظتي اپاء نه هئڻ سبب ٽيهه ٽيهه مزدور دم گھٽجڻ سبب زندگين تان هٿ ڌوئي ويهن يا روڊ رستا خطرناڪ هئڻ سبب روزانو ڪيترائي ماڻهو ڳڀا ڳڀا ٿيندا هجن ته انهن جو تذڪرو صرف ڪجهه دير يا هڪ ٻن ڏينهن تائين ٿيڻ بعد اهو ماضيء جو ڪو وسريل داستان بڻجي ڪري رهجيو وڃي.بلديا توڙي ماڊل ٽائون سانحي کي ڪيترو عرصو گذري چڪو آهي.انهن ٻنهي سانحن جي شهيدن جا ٻچا ڪيتري عرصي کان انصاف جي لاء در در جا ڌڪا کائي رهيا آهن پر نه ته حڪمرانن جو ڪو ضمير ٿو جاڳي.نه انصاف جي ديوي ٿي ننڊ مان سجاڳ ٿئي ۽ نه ئي ميڊيا ئي ٿي انهيء تي ڪا واويلا ڪري ان ڪري جو اهي جيڪي مري ويا ۽ اهي جيڪي اڄ به انصاف جي آس اکين ۾ سجائي دربدر ٿي رهيا آهن اهي سڀ وي آئي پي ناهن. ظلم تي خاموش رهڻ به ظالم جو ساٿ ڏيڻ ئي آهي.هتي ظلم رڳو اهو آهي جيڪو ڪن خاص ماڻهن سان ٿيندو هجي،درد به رڳو اهو آهي جنهن جو تاء ڪنهن وي آئي پي کي محسوس ٿيندو هجي.فلاڻي معزز خلاف انتقامي ڪاروائي ڪئي پيئي وڃي،فلاڻي صاحب تي سياسي دٻاء وڌو پيو وڃي،فلاڻي رهبر جو ميڊيا ٽرائيل ڪيو پيو وڃي.فلاڻي ليڊر کي عوامي خدمت جي سزا ڏني پيئي وڃي.پنامانه اقاما، اقاما نه پناما،مني لانڊرنگ نه ارڙهين ترميم،ارڙهين ترميم نه مني لانڊرنگ، احتساب نه انتقام،انتقام نه احتساب،بي نامي نه ٽريڊنگ اڪائونٽ ،ٽريڊنگ نه بي نامي اڪائونٽ، آشيانا نه پيراگون اسڪيم،پيراگون نه آشيانا اسڪيم،پنجٽيهه نه ٻه سو ارب،ٻه سو نه پنجٽيهه ارب،مطلب ته اهي لفظ ٻڌي ٻڌي ڪن ئي پچي پيا آهن.ڇا ملڪ ۾ رڳو اهي ئي معاملا ۽ مسئلا رهجي ويا آهن جيڪي ميڊيا تي نشر مڪرر جي طور تي هر وقت پيش ٿي رهيا آهن.انهيء ڪري جو انهن مسئلن ۽ معاملن جو تعلق وي آئي پيز سان آهي. نه ته اڄ به ٿر ۾ ٻار بکن ۽ بيمارين کان مري رهيا آهن،اڄ به ماڻهو بيروزگاريء کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن.اڄ به لکين معصوم ٻارڙا اسڪول وڃڻ بدران يا ته گيراجن ،ورڪشاپن ۽ بٺن تي سخت پورهيو ڪري رهيا آهن يا وري گندگيء جي ڍيرن مان پنهنجو رزق تلاش ڪندي نظر اچن ٿا.اڄ به سرڪاري دفترن ٻاهران ڪمزورن، پوڙهن ۽ بيمارن جون نه کٽندڙ قطارون موجود آهن.اڄ به سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي ليٽڻ لاء بسترو ڪونهي،اڄ به مائرون روڊن ۽ رستن تي ٻارن کي جنم ڏيئي رهيون آهن پر اهو سڀ بحث حڪمرانن،سياستدانن،سول سوسائٽي توڙي ميڊيا لاء بي معنيٰ آهي ان ڪري جي اها سڀ خلق خدا آهي جنهنجي نالي تي انهن سڀني جا دوڪان چمڪن ۽ هلن ٿا،جن جي نالي تي اهي سمورا اختيار ۽ اقتدار حاصل ڪن ٿا ۽ پوء مدهوش بڻجي انهيء ئي عوام کي هروقت پيرن هيٺان لتاڙيندا رهن ٿا.جيڪر انهن مان ڪابه شيء اڃا تبديل ناهي ٿي ته پوء تبديليء جي دعويدارن کي به پنهنجي ضمير کان اهو سوال ضرور ڪرڻ گھرجي ته ڪهڙي تبديلي آئي اهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو