1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

سجاد ظھير : برصغير جو ڏاهو ڏات ڌڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ( 5 نومبر جنم ڏينھن جي حوالي سان لکيل )

    برصغير جو ڏاهو ڏات ڌڻي: سجاد ظھير

    ڪامريڊ ڪريم بلوچ

    انجمن ترقي پسند مصنفين جو وجود اول لنڊن ۾ 1935ع تي ڪجهه هندستاني شاگردن جي مدد سان انجمن جو وجود قائم ٿيو ۽ لنڊن ۾ ميني فيسٽو (منشور) هڪ صفحي جو لکيو ويو. ان کانپوءِ ان کي سنوارڻ ۽ وڌائڻ ۾ ڊاڪٽر جيوتي گهوش، ملڪ راج آنند، پروموسين گپتا، ڊاڪٽر محمد دين تاثير ۽ سجاد ظھير شامل هئا. 1935-1936ع جي وچين ڏهاڪي ۾ ملڪ جي نوجوان دانشورن ۾ وڏي ذهني تبديلي، ڇنڊڇاڻ ۽ زندگيءَ جي نئين راهه ڳولهڻ ۾ هئا. اڻويھين صديءَ جي آخر ۾ ويھين صدي جي شروعات ۾ ملڪي دانشورن وٽ ٻن قسمن جا نظريا موجود هئا. هڪ مذهبي رواداري، تھذيبي روايتي تصورات، ٻيو مغربي خاص طور تي انگريزي سرمائيدارانه جمھوريت خيالي تصور.
    مٿين ڳالهين جي فرق جي باوجود ملڪ ۾ اڪثر عوام مذهبي خيالن کي ترجيح ڏيندا هئا، پھريون انجمن جي ڪانفرنس الله آباد ۾ مقرر ٿي هئي، ڪانفرنس ۾ صرف اَٺ ڏينھن باقي رهيا ته مرڪزي آفيس الله آباد کان لکنؤ ڏانھن منتقل ٿي، صرف ٻه ٽي فائيل هئا، لکنؤ ۾ ڪابه مقامي انجمن جو يونٽ ڪونه هو. صرف سجاد ظھير جي پيءُ جو گهر موجود هو، پوءِ سجاد ظھير جا ذاتي دوست، مائٽ ۽ يونيورسٽيءَ جي ٻن ٽن شاگردن جي مدد سان ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو ۽ خرچ لاءِ وٽن صرف سئو روپيه رقم موجود هئي، پوءِ جلد ئي امرتسر مان ڊاڪٽر رشيده جھان، محمود الظفر لکنئو ۾ پھتا ۽ 15 مارچ 1936ع ۾ صدارت لاءِ منشي پريم چند راضي ٿيو هو. اول صدارات لاءِ نظرياتي طور متفق نه هجڻ باوجود منشي ڪنعيا لال کي چونڊيو ويو هو، ڇو جو هو هڪ قومپرست ۽ گجراتي زبان جو اهم ناول نگار جي حيثيت ڪري صدارت لاءِ منتخب ڪيو ويو هو پر 1936ع ۾ بمبئي ۾ ڪانگريس جو وزيرِ داخلا ٿيو ته عوام جي آزادي جمھوريت لاءِ آزار بڻجي ويو ۽ ترقي پسند اديبن جي مخالفت ڪرڻ کانپوءِ منشي پريم چند جو نالو صدارت لاءِ سامھون اچي ويو.
    سجاد ظھير 5 نومبر 1905ع تي لکنئو ۾ ڄائو، بين الاقوامي جمھوريه قازقستان جي دارالحڪومت ”الما آتي“ ۾ ڪانفرنس ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ ويو ته اوچتو دل جي دوري پوڻ ڪري 13 سيپٽمبر 1979ع ۾ وفات ڪيائين. سندس والد سيد وزير حسين چيف جسٽس هو، سجاد پنھنجي پيءُ جو چوٿون نمبر پٽ هو. هن آڪسفورٽ يونيورسٽي مان بي.اي پاس ڪئي ۽ 1935ع ۾ بئريسٽر ٿيو، پوءِ هن ڪڏهن به وڪالت نه ڪئي ۽ نه ئي ڪا ملازمت ڪيائين. هن پنھنجو گهڻو وقت سياست ۽ ادبي سرگرمين ۾ گذاريو. 1937ع ۾ مشھور افسانه نگار ۽ ناول نگار رضيه سان شادي ڪيائين. انگلستان ۾ رهڻ وقت هن سامراجيت جي خلاف تحريڪن ۾ ڀرپور، کليل نموني سان حصو ورتو ۽ اتي سوشلزم سان دلچسپي پيدا ٿيس. سيد سجاد ظھير بنيادي طور سنجيده، خوش مزاج رکندڙ انسان هو. لنڊن ۾ رهڻ وقت هن جا تعلقات آڊن لوئن، لوئيس ميڪسن، الشيف سپندر، الف فوڪس، ڊيوف گيسٽ، ڪنٽوٿ ۽ مل راج آنند اهڙن اهم اديبن، شاعرن، سماجي ورڪرن سان ٿي جيڪي ترقي پسند ۽ وڏن اديبن ۾ شمار ٿيندا هئا.
    سيد سجاد ظھير فرانسي ۽ انگريزي زبان تي عبور رکندو هو، هو هميشه پنھنجي خيالن جو اظھار اردو ۾ ڪندو هو ، ان ڪري هن جو اردو زبان سان وڏو لڳاءُ ۽ پيار هو، لنڊن ۾ هن پنھنجو مشھور ناول ”لنڊن جي رات“ لنڊن ۾ لکيو هو. ان کان علاوه سندس ٻيا به خوبصورت افسانا لکيل آهن. هڪ وڏو ڪم سندس ڪھاڻين مجموعي جي ترتيب ۽ ڇپائي ”انگاري“ جي نالي سان آهي. ان مجموعي ۾ پروفيسر احمد علي، ڊاڪٽر رشيده جِھان، ميان محمود ظفر جون ڪھاڻيون ان ڪتاب ۾ شامل آهن. پوءِ ان ڪتاب پوري دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي. اهي ڪھاڻيون اڄ به هن دئور ۾ وڏي ضرورت ۽ اهميت رکن ٿيون. سندس ڪھاڻيون پڙهڻ کانپوءِ سڌ پوي ٿي ته سندس ڪھاڻين ۾ گھري ۽ سخت نموني سان سماج تي تنقيد ٿيل آهي. جڏهن ڪوبه اهي ڪھاڻيون پڙهندو ته روايت پرستن تي ان وقت وڏو اثر پيو هوندو. ڪتاب ”انگاري“ ۾ شامل ڪھاڻيڪارن کي قتل جون ڌمڪيون به مليون هيون، حڪومت ان ڪتاب جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي. اهو دور پوري دنيا ۾ سياسي، اخلاقي، فڪري اعتبار کان تمام وڏو شديد بحرانن جو دور هيو. جيئن فاشزم جپان ۽ يورپ ۾ طاقتور ٿيا ته پوءِ انسانيت جو مستقبل خطري ۾ اچي ويو. چين تي جپان جو حملو، جرمنيءَ جي آزاد جمھوريت جو خاتمو ٿيو. ٿامس هان، اَرنسٽ ٽولر، سٽيفن زاوئڪ، فرائن، آئن اسٽائن ۽ ٻين اديبن، سائنسدانن ۽ مفڪرن کي جلاوطن ڪرڻ ۽ انهن جي ڪتابن کي سرِعام باهه ڏئي ساڙيو ويو. مسولين جو حبشه تي حملو، هٽلر ان وقت تازو جرمنيءَ جو اقتدار حاصل ڪيو هو ۽ اسپين جي جمھوري حڪومت جي خلاف جنرل فرانڪو جي بغاوت ۽ لورڪا جو قتل، ۽ جرمني جي تازي حڪومت ۽ اٽلي جي فاشسٽ قوتن جي مدد سان تختو اونڌو ڪيو ويو هو، ظاهر آهي ته يورپ- ايشيا جي آزاد جمھوريت پسند فطري طور تي شخصي اقتدار جي ڦھلجڻ جي دٻاءَ کان سخت خوف ۾ هئا.
    ترقي پسندن ان وقت ادبي قوتن کي منظم ڪيو ۽ فرد جي آزادي ۽ جمھوريت جو جهنڊو بلند رکيو. ان پسمنظر ۾ سجاد ظھير ۽ ان جي ساٿين هڪ تنظيم جوڙي ته جيئن اها تنظيم انسانيت، مادي ۽ عقلي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪري. ان ڏس ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ قائم ڪرڻ کان اڳ سجاد ظھير برصغير جي تقريبن اهلِ قلم ممتاز اديبن، شاعرن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪري خيالن جي ڏي وٺ ۽ بحث مباحثا ڪيا هئا، سندس خيالن کي علامه اقبال، رابندر ناٿ ٽئگور، مولوي عبدالحق، منشي پريم چند، قاضي عبدالغفار، مولانا عبدالمجيد سالڪ، مولانا غلام رسول مھر، صوفي غلام مصطفى، مولانا حسرت موهاني، مولانا چراغ حسن ’حسرت‘، جوش مليح آباد ۽ ٻين گهڻن اديبن سندس ڪم کي ساراهيو ۽ هم عصر وارن اديبن ۽ شاعرن جھڙوڪ فيض احمد فيض، ڊاڪٽر مجنو گورپوري، علي سردار، فراق گورپوري سميت ٻين پوري يقين سان سندس حمايت جو اظھار ڪيو ۽ کيس ساراهيو. ان عرصي ۾ انجمن کي ڪامياب ڪري هن ثابت ڪري ڏيکاريو. ان کانپوءِ ادب ۾ نئين روايتن جي آبياري جي شروعات ٿي.
    42-1939ع ۾ نظربندي جي وقت ۾ سجاد ظھير ”سراج مبين“جي فرضي نالي سان ادبي مضمون لکيا هئا، انجمن ترقي پسند مصنفين جي ترجمان رسالي ”نيا ادب“ ۾ اهي شايع ٿيا هئا. آزاديءَ کانپوءِ هو بمبئي هليو ويو جتي هن قومي جنگ جا فرض سرانجام ڏنا هئا. هو ان وقت ۾ هندستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. سجاد ظھير پنھنجي سياسي مصروفيتن جي باوجود ڪڏهن به اردو ادب ۽ زبان جي خدمت کان غفلت نه ڪئي هئي. سجاد ظھير ترقي پسند ادب جي تحريڪ کي اڳتي وڌائيندي ترقيءَ جي منزل تي آڻڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي.
    ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي پھرين ڪانفرنس لکنئو ۾ 1936ع ۾ اردو جي عظيم ناول نگار، افسانه نويس منشي پريم چند جي صدارت ۾ ٿي، ان جلاس ۾ سجاد ظھير کي انجمن جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان کانپوءِ انجمن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ترقي پسند اديبن کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. سيد سجاد ظھير جو ڀاءُ سيد علي پاڪ-ايران جو سفير مقرر ٿيو. سجاد ظھير آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان، هندستان آزاد ملڪن جي حيثيت سان وجود ۾ آيا، هندستاني ڪميونسٽ پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. پوءِ پاڪستان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ فيض احمد فيض سان گڏ راولپنڊي ڪيس ۾ ۽ ٻيا محمد حسين عطا، ظفر الله پوشي به جيل ۾ ساڻن گڏ هئا. ميجر جنرل اڪبر خان جي مکيه Conspiration ۾ رهيو ۽ ان کانپوءِ 1954ع ۾ ڀارت جي حوالي ڪيو ويو.
    بمبئي جي تاريخ ۾ پھريون دفعو ”يوم عالم“ وڏي شان و شوڪت سان ملهايو ويو، ان بعد ”يوم شبلي“ تي به پروگرام ڪيو ويو. سجاد ظھير وري ٻيھر 1947ع ۾ پاڪستان آيو، بعد ۾ ٻيھر کيس جيل حوالي ڪيو ويو جتي فارسيءَ جي عظيم شاعر حافظ شيرازيءَ جي زندگي ۽ ان جي شاعريءَ جو جائزي تي تنقيدي ڪتاب ”ذڪرِ حافظ“ جي عنوا هيٺ لکيائين. ٻيو ڪتاب ”روشنائي“ به جيل ۾ لکيو ۽ نظم به لکيا هئائين جيڪي هاڻي دهلي ۾ ”نيلم“ جي نالي سان شايع ٿيا آهن، جنھن کي تجريدي شاعري چيو وڃي ٿو، اهو جديد شاعريءَ جي مسئلن روايت پسندانه فني صلاحيت ۽ ڊڪشن، محدود نوعيت تي وڏا اهم تنقيدي بحث ٿيل آهن. سجاد ظھير جي خيال ۾ اڄڪلهه نوجوان شاعر پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي نامعلوم روايت سمبلس ۽ ڊڪشن کي جديد روح جي گرفت ۽ اتحاد نه ڪرڻ جا نشان نظر اچن ٿا.
    سجاد ظھير روزانه اخبار ”حيات“ جو ايڊيٽر به هو، هن صحافيءَ جي حيثيت سان پاڪستان ۾ اچڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. آڪسفورڊ جي ڪلاس ميٽ پراڻي دوست ممتاز دولتانه سان لنڊن ۾ ملاقات ڪئي، هو لنڊن ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيل هو. ممتاز دولتانه ڀُٽي صاحب کي سجاد جي باري ۾ خط لکيو هو، خط جو جواب ملڻ کان اڳ ئي سجاد ظھير جي حياتيءَ جو ڏيئو وسامي ويو.
    سيد سجاد ظھير پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته،”ان ڳالهه تي حيرت ۽ تعجب آهي ته، اُهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي روشن خيال، ترقي پسند سڏائيندا ۽ چوائيندا آهن، اهي ڪميونسٽ ڇونه ٿيندا آهن، مان ترقي پسند اديب اُن لاءِ آهيان ته مان ڪميونسٽ آهيان، ڪميونسٽ اُن ڪري آهيان جو مان ترقي پسند اديب آهيان.“
    سجاد ظھير ڪميونسٽ پارٽيءَ جو عھدو وڏي پريشانيءَ جي حالت ۾ سنڀاليو هو، پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جون صوبائي آفيسون لاهور، ڪراچي ۽ پشاور ۾ موجود هيون، سڀني کي وڌيڪ فعال ڪرڻ، وڌيڪ وقت ڏيڻ ۽ ان وقت صوبائي پارٽي پنجاب ۾ هئي، ان جا عھديدار سک هندو هئا. سردار سوهن سک، جوش سک، سردار تيجا سک، سونٿر، سردار ڪرم سک ۽ ٻين گهڻن جو تعلق عذر پارٽيءَ سان هيو جيڪي مولانا عبيد الله سنڌي، مولوي برڪت الله مرحوم سان ڪم ڪري چڪا هئا. اُهي ڏهه پندرهن سال قيد ۾ به رهيا هئا، جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيوته سمورا هندستان هليا ويا. سجاد ظھير ٽن سالن اندر وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پارٽيءَ کي زنده رکيو. سجاد ظھير تحريڪ پاڪستان جي حمايت ان وقت ڪئي هئي جڏهن مسلم ليگ هڪ جماعت هئي ۽ برصغير جون تمام سياسي جماعتون تحريڪ پاڪستان جي خلاف هيون. انهن قومن جي حمايت ۽ حقِ خوداريت ۾ مضمون به لکيا ۽ تقريرون به ڪيون. ان جي بدولت گهڻن مسلم ليگ رهنمائن کي پھريون دفعو قومن جي حقِ خودداريت جي سُڌ پئي پر ڪيتريون ئي حيرت ڀريون ۽ عجيب ڳالهيون آهن ته پاڪستان جي گهڻن اربابن اختيارين هيٺ هن شخص کي ناقابل ۽ نا اهل قرار ڏنو ۽ اِها ڪميونسٽ پارٽيءَ جي وڏي عظيم غلطي هئي جو هنن پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاست ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي، سندن غلط فيصلي جي ڪري هندستان ۽ پاڪستان اندر هارين ۽ مزدورن کي اڄ ڏينھن تائين پورا حق ۽ آزادي ملي نه سگهي آهي. ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي جاگيردارن، وڏيرن، پنڊتن سندن ايجنٽن ۽ ملائيت عوام مٿان راڄ قائم ڪري قبضو ڪيو آهي. ٻئي ملڪ ان غلط فيصلي ڪري ڪيترن ئي ڳنڀير مسئلن ۾ اڄ ڏينھن تائين ڦاٿل آهن.
    سجاد پنھنجي ڪتاب ”روشنائي“ ۾ لکي ٿو ته، ”ٽئگور کي 1930ع ۾آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ڏٺو هئم جو هو يورپ جي دوري تي هيو ۽ ليڪچر به ڏنا هئائين. هندستاني شاگردن جي انجمن ”آڪسفورڊ مجلس“ ٽئگور جو استقبال وڏي شان مانَ سان ڪيو. مان ٽئگور جي عظمت جو انڪاري هيم، پھريون ته مونکي ان جي ذاتي، ڊرامائي انداز پسند نه آيو هيو، ٻيو ته سندس فڪر ۾ ڪيترائي مبھم عنصر هئا جو ڪڏهن ڳاڙهي ماکيءَ جي لارَ وانگي هڪ جذباتيت ان جي ڪلام مان نظر ايندي هئي. مخصوص اميراڻو ٺاٺ، عجيب چلت، بين الاقوميتي پھلو اسان جي وطن جي حمايت ڪرڻ کان هميشه گريز ڪندو هو. سندس اهي ڳالهيون مونکي ناپسند هيون، بلڪل انهن ڳالهين جي ڪري کانئس مونکي ڪاوڙ لڳندي هئي. جڏهن ٽئگور مجلس ۾ تقرير ڪئي ته مان بدتميزيءَ سان کانئس سوال به ڪيا هئا جنھن ۾ منھنجي ذهني ڪيفيت جو اظھار به شامل هو. ساڻس ٽيون ڀيرو ملاقات منھنجي آخري هئي.“
    ٽئگور جي تخليقي ڪارنامن جي متعلق منھنجو شعور وڌيڪ متوازن هو، 19 هين صديءَ جي آخر ۽ ويھين صديءَ جي شروعات ۾ هرهڪ وڏي هندستاني مفڪر، فنڪارن جيان ٽئگور جي فڪر ۽ فن ۾ متضاد ڪيفيتون موجود هيون، پنھنجي وقت، ماحول ۽ طبقي جون خوبيون ۽ خاميون به موجود هيون پر غير معمولي طور تي وڏي عظيم فنڪارانه صلاحيتن جو مالڪ هئڻ جي حيثيت سان ٽئگور پنھنجي بھترين تخليق ۾ پنھنجي قوم ۽ خاص طور تي بنگالي قوم جي لاءِ ان جي بلند ترين مقصدن لاءِ وڏي مؤثر ۽ دلڪش طريقي سان ڪيو هو جنھن ڪري سموري قوم جو هميشه مصور بڻجي ويو. پوءِ ماڻهو گهڻي وقت تائين ان جي زباني لھجي ۾ ڳالهائڻ لڳا هئا، ڇو جو ان جو فڪر ۽ ذهن جديد ترين عوامي انقلابي گهرجن جي مطابق هيو. زندگيءَ جي آخري ايامن ۾ جڏهن ساڻس منھنجي ملاقات ٿي ته هو انتھائي ڪمزور، ڪراڙو پئي لڳو ۽ جهيڻي آواز ۾ ڳالهائي پيو. جنھن بعد اوچتو کيس ڪاوڙ اچي وئي، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون، وڏي آواز ۾ مونکي چوڻ لڳو ته،”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تعصب ۽ تنگ نظريا ماڻهن ۾ نظر ٿا اچن ۽ ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽي وارا تراني ۾ ”بندي ماترا“ ان جي ٽڪري کي جذب ڪري بلڪل ٺيڪ ڪيو وڃي.“ بلڪل ساڳي ڳالهه ”پنڊت جواهر لعل نھرو“ به ملاقات دوران مون ساڻ تراني متعلق منھنجو رايو پڇيو هو، مون خود ئي ان کي رايو ڏنو هو ته، اسان جو قومي ترانو اهڙو هئن گهرجي، جنھن کي ملڪ جو هرهڪ ماڻهو خوشي ۽ عقيدتمنديءَ سان ڳائي قبول ڪري. مسلمان ته بت پرستيءَ جي خلاف آهن، هو ڪھڙي نموني اهڙو ترانو قبول ڪري ڳائي سگهندا ۽ هن تراني ۾ ڪالي ماتا کي خطاب ڪيو ويو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته خود منھنجو پنھنجو عقيدو به هي آهي ته، مان ان کي پسند نٿو ڪيان پر گهڻا ماڻهو ايترا تنگ نظر ۽ جاهل هوندا آهن جو هو ٻين جي جذبات ۽ عقيدن جو ڪوبه خيال نه ڪندا آهن.
    اردو- هندي زبان جو تضاد اڳتي هلي ورهاڱي جو سبب بڻجي ويو ۽ نفرتون به پيدا ٿيون هيون، اردو ڳالهائندڙن کي هندي ۽ هندي وارن کي اردو ڳالهائيندڙ زبان جي فرق ڪري هڪٻئي جا دشمن ٿي پيا هئا ۽ هڪٻئي جي رت وهائڻ لڳا. سنڌ ۾ وري مذهبي آڙ ۾ وڏيرن، جاگيردارن فساد ۽ قتل ڪرايا هئا ۽ مندر ۽ مسجد گاهن وارا فساد به ان ڪڙيءَ ۾ اچي وڃي ٿو.
    بقول سجاد ظھير جي ته: ٽئگور منھنجي ڳالهه تي رضامندي ظاهر ڪندي ڪانفرنس لاءِ پيغام لکي ڏنو ۽ پوءِ مون کان اردو ۽ هنديءَ جي تضاد ۽ جهڳڙي جي باري ۾ پڇڻ لڳو. مون کيس ٻڌايو ته ڪھڙي طرح به فرقه پرست سياستدانن هندي- اردو زبان جي آڙ ۾ ملڪ ۾ نفرت پکيڙي رهيا آهن، انهن ٻنهي زبانن ۾ جيڪا هڪجھڙائي آهي انهن کي ويجهو آڻڻ بجاءِ هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ترقي پسند مصنفين جي تحريڪ ان لساني رجعت پرستيءَ جي خلاف آهي ۽ ان مفادي سازش جي به.
    ٽئگور وري چيو ته، ”منھنجي سمجهه ۾ اردو- هنديءَ جو جهڳڙو نٿو اچي، آخر توهان ماڻهو هڪ زبان ڳالهايو ٿا، ان کي اوهان ڪھڙو به نالو ڏيو. اوهان اديب پنھنجي ڳالهه عوام کي سمجهائڻ ۽ لکڻ گهرجي ته جيئن ان جو فرق گهٽائي سگهجي ٿو. شاعرن،اديبن ۽ لکڻ وارن جي دماغ ۾ هڪ خيالي دنيا هوندي آهي، جنھن سبب هو اهو سمجهن ٿا ته ان خيالي دنيا تائين پھچي سگهجي ٿو. ان جي ترڪيب هي آهي ته ماڻهن کي به اها دنيا ڏيکاري وڃي، پنھنجي خيالي دنيا ۽ موجوده دنيا جي وچـ۾ هڪ پُل ٻَڌي وڃي، اها دنيا جي شاهڪار قسم جي پل هوندي. پھريان ان پُل تي هلڻ وارا حسرت سان ان خيالي دنيا کي ڏسندا رهن ٿا پوءِ ان پُل تي هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.“
    پنڊت جواهر لعل نھرو کي ڪانفرنس ۾ تقرير ڪرڻ جي بلڪل آزادي هئي. آخر ۾ پوءِ نھرو ان ڳالهه جي ڪانفرنس ۾ ترديد ڪئي ته ”سوشل ازم جي قيام سان انسانيت يا فنڪاري جي انفراديت دٻجي ويندي.“ نھرو وڌيڪ چيو ته، ”اديب حقيقت جي بنياد تي هڪ خوبصورت حسين دنيا جو تصور ماڻهن جي آڏو پيش ڪري. هندوستان ۾ اديبن جو وڏو اثر ٿيو آهي ۽ انهن وڏو ڪم ڪيو هو، مثال طور بنگالي اديب ٽئگور جون ادبي، سياسي ۽ تعليمي خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن ۽ اهڙا اديب ورلي پيدا ٿيندا آهن جيڪي ملڪ و قوم جي ترقي ۾ واڌارو آڻين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو