1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ماضيء جو آئينو. تاريخ جو هڪ عبرتناڪ منظر!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    438
    ورتل پسنديدگيون:
    597
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    مسلمانن جي تاريخ جو اهو ڪيڏو نه عبرتناڪ ۽ المناڪ منظر هو جڏهن خليفي معتصم بالله کي لوهي زنجيرن ۽ ٻيڙين ۾ جڪڙي چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان جي سامهون پيش ڪيو ويو.تنهن دور ۾ بادشاه پنهنجو پاڻ کي ”خليفا“ سڏائيندا هئا پر انهن ۾ خلافت واري ڪابه شيء باقي نه رهي هئي.انهن طاقت ۽ مطلق العنانيء ذريعي عوام کي پنهنجو غلام بنائي رکيوهو ۽ سندن ڪم رڳو مايا ميڙڻ ۽ عياشيون ڪرڻ رهجي ويو هو.مانيء جو وقت ٿيو ته هلاڪو خان پاڻ ته ڪنهن سادي ٿانو ۾ سادو کاڌو کاڌو پر خليفي جي سامهون سون ۽ چانديء جي پليٽن ۾هيرا ۽ جواهر سجائي معتصم کي چوڻ لڳو ته” جيڪو سون ۽ چاندي تون هروقت گڏ ڪندو رهئين،هاڻي ان کي کاء.“ بغداد جو تخت نشين ۽ تاجدار بيوسي ۽ لاچاريء جي تصوير بڻيو چپ چاپ بيٺل هو.چوڻ لڳو؛ “ ڀلا آئون سون ۽ چاندي،هيرا ۽ جواهر ڪيئن ٿو کائي سگھان؟“ هلاڪو خان گرجدار آواز ۾ چيو؛ “پوء اهو سڀ ڪجهه تو گڏ ئي ڇو ڪيو هو جيڪو اڄ تنهنجي ڪنهن به ڪم نٿو اچي سگھي؟“ هارايل خليفي وٽ ان سوال جو ڪو جواب نه هو جو هن اهڙي بدنصيب ۽ تلخ صورتحال جو ڪڏهن خواب ۾ به تصور نه ڪيو هو.هلاڪو خان نظرون گھمائي بادشاهه جي خوبصورت محل کي ڏٺو،محل جون زبردست جاليون ۽ مظبوط دروازن ڏانهن نهاريو ۽ سوال ڪيو؛ “ تو انهن لوهي جالين کي پگھاري تيز تير ۽ تلوارون ڇونه جوڙيون؟تو اهي هيرا جواهر جمع ڪرڻ بدران اها رقم پنهنجي فوج ۽ سپاهين تي خرچ ڇونه ڪئي ته جيئن اهي جانبازي ۽ دليريء سان منهنجي فوج جو مقابلو ڪن ها.تو قومي خزانو پنهنجي عوام تي خرچ ڇونه ڪيو جو اهي تنهنجو تخت ۽ تاج بچائڻ لاء پنهنجي جان جي بازي لڳائي ڇڏين ها.“ خليفو چپ رهيو۽ هٻڪندي جواب ڏنائين؛ “ بس،الله جي اها ئي مرضي هئي.“ ان جواب تي هلاڪو خان جو منهن ڪاوڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪڙڪدار آواز ۾ چيائين؛ بس، پوء هاڻي جيڪي ڪجهه توسان ٿيڻ وارو آهي اها به خدا جي ئي مرضي هوندي.“

    پوء هلاڪو خان معتصم با للهکي هڪ خاص ڳوٿريء ۾ ويڙهي پنهنجن گھوڙن جي سنبن هيٺان لتاڙي ڇڏيو،پوري بغداد کي قبرستان ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ هر طرف انساني لاشن جا ڍير ۽ رت جا دريا نظر اچي رهيا هئا.هلاڪو چيو؛ ” اڄ مون بغداد سان اهو حشر ڪيو آهي جو دنيا جي ڪابه طاقت هاڻي ان کي پهرين وارو بغداد بڻائي نه سگھندي.“

    اختيار ۽ اقتدار جي ديوانن،مال ۽ ملڪيت ميڙڻ جي متوالن ۽ خلق خدا سان ظلم ۽ زيادتي وارو ورتاء ڪرڻ وارن بدنصيبن لاء تاريخ جي هن واقعي ۾ عبرت ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ جا ڪئين سبق سمايل آهن پر عبرت ته رڳو عقل وارا ئي حاصل ڪندا آهن.جيڪر پرسڪون محلات،عاليشان باغات،چمڪندڙ قيمتي لباس ۽ پوشاڪ،ريشم ۽ بخمل سان سينگاريل آرامگاهون،سون ۽ چانديء سان ڀريل ٽجوڙيون،هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل خزانا،قسمين قسمين وڻندڙ ۽ لذيذ طعامن جا انبار جيڪر ڪنهن کي بچائي سگھن ها ته تاتارين جي وحشي فوج بغداد کي لتاڙي معتصم جي محلات تائين نه پهچي ها.تاريخ ته رڳو سوڀون ۽ ڪاميابيون ڳڻيندي آهي،محل،لباس،هيرا جواهر ۽لذيذ کاڌا نه! جيڪر اسان جا حڪمران ٿورو به عقل ۽ شعور کان ڪم وٺن ها ته هندستان ۾ مغل بادشاهت جو سج ڪڏهن به نه لهي ها.اندازو ڪريو جڏهن يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قدم قدم تي تجربي گاهون،يونيورسٽيون،تحقيقي مرڪز ۽ لائبرريون قائم ٿي رهيون هيون ته هتي دولت جي نشي ۾ٻڏل هڪڙو شهنشاهه پنهنجي محبت جي ياد ۾ تاج محل تعمير ڪرائي رهيو هو.جڏهن اولهه جي دنيا ۾ علم،فن ۽ تحقيق جا جڳهه جڳهه تي چشما ڦٽي رهيا هئا ان وقت هتي تان سين جهڙا گويا نوان نوان راڳ ايجاد ڪري رهيا هئا.جڏهن انگريزن،فرانسيسين ۽ پرتگالين جا سامونڊي ٻيڙا برصغير جي دروازن تي دستڪ ڏيئي رهيا هئا،اسان جا صاحب اقتدار ۽ صاحب اختيار شراب،ڪباب،چنگ ۽ رباب کان مدهوش ۽ مست بلڪ بيهوش پيا هئا.سهولت پسندي،سستي،ڪاهلي ۽ عيش پسنديء اسان جي حڪمرانن کي ڪنهن ڪم جو نه ڇڏيو،نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو جيڪو نڪتو.اندران اڏوهي کاڌل ۽ ناانصافين جي لڳل سري وارو نظام ٽڙي پکڙي ماضيء جو عبرتناڪ قصو بڻجي ويو.ڇوته تاريخ جي ان ڳالهه سان ڪابه دلچسپي ناهي ته حڪمرانن جون ٽجوڙيون خالي آهن يا ڀريل؟ شهنشاهن جي تاجن ۽ تختن ۾ هيرا جڙيل آهن يا موتي؟درٻارن ۾ خوشامدڙين،چاپلوسن،ميراثين،طبلانوازن ۽ وظيفاخور شاعرن جو ميلو آهي يا نه؟ياد رکڻ گھرجي ته تاريخ کي فقط ڪاميابين سان مطلب هوندو آهي ۽ تاريخ ڪنهنجو ڪوبه عذر قبول نه ڪندي آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو