پراڻي دانهن ورنايو ؟

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ امان الله ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2018۔

  1. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    20 نومبر 2018

    بسم الله الرحمن الرحيم

    اسلام عليڪم سائين اميد ڪيان ٿو ته خوش هوندا تمام گهڻي وقت کان پوء سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريو آهي مون جيترو ڪجهه سنڌ سلامت تي ڪم ڪيو اهو اوهان دوستن ڀائرن وٽ امانت آهي، امانت آهي مون کي دل جو صدمو رسيو هو اڄ به تمام صدمي ۾ ورتل آهيان ؟

    خاص ڪري جيڪو اسلامي سيڪشن ختم ڪيو ويو ڇو؟

    ڇا سبب هيا؟ منهنجا مضمون اڄ به گواهه آهن ۽ گواهه رهندا ؟

    مان اڄ به پنهنجي هڪ هڪ مضمون جي هڪ هڪ لفظ جو ذميوار آهيان ؟


    اڄ 12 ربيع الاول جي ڀلاري ڏينهن تي دل جي دانهن ڏئي رهيو آهيان ته منهنجا ليڪ کليل حقيقت هيون۔ مان هميشه اهو چيو ته سڀني فرقن جي دوستن کي لکڻ جو مڪمل حق آهي مان ڪڏهن ڪنهن جي لکڻ تي انڪار نه ڪيو پر اڄ واضح لفطن ۾ چوان ٿو ته سنڌ سلامت انتظاميه مون سان ناجائزي نا انصافي، بي راهروي آخر ڇو ڪئي؟ جيڪي وضاحتون مون پيش ڪيون چاهي اهي واضح مضمونن ۾ ، يا انباڪس ۾ ، سنڌ سلامت انتظاميه ڏانهن يا پنهنجي ڀائرن مخالف فرقي جي دوستن ڏانهن اهي سڀ شاهد آهن ۔

    مان اڄ کليل لفظن ۾ اڄ دوستن خاص ڪري ممتاز قريشي صاحب کي هٿ ٻڌي عرض ڪيان ٿو ته اوهان مون سان ويساه گهاتي ڇو ڪئي ناجائزي اوهان ڇو ڪرائي ؟ منهنجي ۽ توهان جي ڪا ذاتي دشمني نه هئي ۽ نه آهي ، اوهان کي لکڻ جو حق هو، مون کي لکڻ جو حق هو ٻين ڀائرن کي لکڻ جو حق هو ان حق تي ڌاڙو ڇو لڳايو ويو. سبب ڇا هيا؟ ۔ مان اميد ڪيان ٿو سنڌ سلامت انتظاميه کان ته مون کي مطمئن ڪيو۔ مان باربار اوهان کي عرض نه رکيو هيو عرض ئي عرض رکيا هيا منهنجي قلم تي ڪهاڙو ڇو لڳو ؟

    مان اڄ پرزور واضح گهر ٿو ڪيان ته اسلامي سيڪشن بحال ڪيو وڃي دوستن کي مڪمل آزادي ڏني وڃي ؟
    ۔ گذريل مضمون بحال ڪيان وڃن؟


    اميد ڪيان ٿو ته انتظاميه هن جي طرف مڪمل توجهه ڏئي نئين حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي؟ انهن ۾ دوستن ڀائرن جا رايا ٻڌا وڃن ۔ مان سمجهان ٿو ته هڪ دفعو وسريل دوست وري هن فورم کي جامع طريقي سان ڏسي سگهندا ۽ سٺا رايا سوچون پيش ڪري سگهندا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو