ڇا هن تڪرار سان جمهوريت کي فائدو ٿيندو؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جمهوريت جيئن ته هن ملڪ ۾ گهڻو ڪري ناياب رهي آهي، ان ڪري ان جي مستحڪم هجڻ جي خواهش فطري آهي، پر ملڪ جا ٻه وڏا ادارا، جيڪي خود جمهوريت جا ٿنڀا ليکيا وڃن ٿا، اڄڪلهه انهن ۾ ڇڪتاڻ جو تاثر عام ٿي رهيو آهي. پارليامينٽ سمجهي ٿي ته عدليه ان جي اختيارن کي چئلينج ڪري رهي آهي، جڏهن ته عدليه اهو ٿي سمجهي ته پارليامينٽ جيڪا قانونسازي ڪري رهي آهي، ان کي چئلينج ڪرڻ عدليه جو مينڊيٽ آهي. عدليه ۽ پارليامينٽ درميان ان قسم جي ڇڪتاڻ وڏي عرصي کان جاري آهي، پر ان ۾ کليل نموني تيزي وري لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران آيل بيان کان پوءِ آئي آهي، جنهن ۾ هن پيپلز پارٽيءَ سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ان کي پنجاب حڪومت نٿي وڻي ته ان کان ڌار ٿي وڃي. ان جي ردِ عمل ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ پنجاب حڪومت جي سينيئر وزير راجا رياض پريس ڪانفرنس ڪئي آهي.
    هونءَ اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن حڪومتي ماڻهو عدليه يا ڪنهن جج جو نالو وٺي ان جي خلاف ايئن کليل نموني سان ردِ عمل ناهي ڏيکاريو، اهو پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن جج جي بيان تي ردِ عمل ۾ پريس ڪانفرنس ٿي آهي. اسان ان بحث ۾ قطعي به نٿا پئون ته عدليه صحيح آهي، ڪو جج صحيح آهي يا حڪومت صحيح آهي، پر اسان ايترو چئون ٿا ته ان قسم جي ڇڪتاڻ جمهوريت لاءِ صحيح ڪونهي. اهڙا ٻه ادارا، جن جو جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هجي ٿو، جيڪڏهن اهي هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ ۾ هوندا ته ان جو فائدو جمهوريت کي ٿيڻ بدران انهن ڌرين کي ٿيندو، جيڪي سدائين جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي ڪوششن ۾ مصروف رهيون آهن. اسان وٽ جمهوريت کي هلڻ جو گهڻو موقعو نه مليو آهي، ان ڪري اسان وٽ غيرجمهوري دورن ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جو به اهو ڪلچر نه جڙي سگهيو آهي، جيڪو جمهوري ملڪن ۾ آهي. جمهوريت کي گهڻو وقت نه ملڻ سبب خود اهو به طئي نه ٿي سگهيو آهي ته ڪهڙي اداري وٽ ڪيترا اختيار آهن، ۽ ان جي اختيارن جو دائرو ڪيترو آهي؟ ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ڪورٽن ۽ پارليامينٽ جي اهميت ڪنهن به لحاظ کان هڪٻئي کان گهٽ ڪونهي. پارليامينٽ قانونسازي ڪري ٿي، ۽ ڪورٽون ان جي جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائين ٿيون. ان ڪري اهو نٿو چئي سگهجي ته هڪڙو ادارو گهٽ ۽ ٻيو سپريم آهي. دراصل ٻئي ادارا سپريم آهن، جو ٻئي ادارا ماڻهن سان لاڳاپيل آهن. پارليامينٽ کي ماڻهو چونڊين ٿا، ۽ ڪورٽن کي جيڪي فيصلا ڪرڻا هجن ٿا، سي ماڻهن کي انصاف ڏيڻ لاءِ ئي ڪرڻا هجن ٿا. سهپ، برداشت ۽ هڪٻئي کي Space ڏيڻ جمهوريت جون بنيادي شيون آهن. جڏهن ڪو ادارو ان احساس مان باهر نڪري ايندو ته فقط اهو ئي سپريم آهي، تڏهن گهڻيون شيون ٺيڪ ٿي وينديون. هن وقت جيڪڏهن حڪومت ان ضد تي هوندي ته پارليامينٽ سپريم آهي، ۽ ڪورٽون اهو چونديون ته انصاف جا ادارا مٿاهان آهن، تڏهن اهو هڪ اداري پاران ٻئي اداري جي نفي واري دائري ۾ اچي ويندو. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪنهن ٻئي اداري لاءِ ڪو Space نٿو هجي.
    اسان کي اها خبر ڪونهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪنهن سياسي پارٽيءَ کي ڪو مشورو ڏيڻ گهرجي يا نه، پر اها ڳالهه عام آهي ته انصاف جي ڪرسين تي ويٺل ججز جي سماجي زندگي محدود هوندي آهي، انهن لاءِ غيرجابندار رهڻ پهريون شرط هجي ٿو، جو سمجهيو وڃي ٿو ته ججز جو اٿڻ ويهڻ جيترو محدود هوندو، اوترو ئي هو انصاف ڪري سگهندا.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو