درسگاھ سريواريءَ جا گُم ٿيل پيرا ۽ پيچرا

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    درسگاھ سريواريءَ جا گُم ٿيل پيرا ۽ پيچرا

    استاد لغاري

    مشهور انگريز سياح رچرڊ فرانسز برٽن(جنم1821ع، وفات 1890ع) جڏهن سنڌ گھمڻ آيو، ته هو ٻين علائقن کان سواءِ، تعلقي سانگھڙ جي عظيم علمي درسگاھ “چوٽياريءَ” کي به ڏسڻ آيو. هو هڪ قابل مترجم، شاعر، لسانيات جو عالم، دنيا جي عجائبات جي جستجو ڪندڙ، چڱو طبيب، مڃيل استاد، آثارِ قديمه ۽ علم العرض جو ماهر هو. هو هڪ ئي وقت 25 زبانون ڄاڻندو هو. هن سنڌي عالمن سان ملاقاتون ڪري، ڪيترين ئي مشرقي ٻولين بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. هن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾، سنڌ جي ڇهن مدرسن کي ڪاليجي سطح واري حيثيت سان تسليم ڪيو. انهن ۾ سيوهڻ، ٽرپٽ، ولهار، کُهڙا، مٽياري ۽ چوٽياريءَ شامل هئا. اهو نه ٿو چئي سگھجي، ته هو سريواريءَ ۾ به آيو يا ڪو نه آيو، البت اگر سريواريءَ ۾ به آيو هجي ها، ته پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب ۾، ان جو ذڪر ضرور شامل ڪري ها. درسگاھ سريواريءَ هڪ اهڙيءَ علمي آماجگاھ هئي، جنهن جو رتبو، مٿي ڄاڻايل ڇهن ڪاليجي سطح وارن مدرسن کان، ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه هيو.
    هن درسگاھ ۾، شمس العالمين حضرت سيد محمد بقا شاھ (شهيد) “پٽ ڌڻي” رحه قدس سره (متوفي 1198ھ)، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه (متوفي 1165ھ)، امام العارفين حضرت سيد محمد راشد “روضي ڌڻي” رحه قدس سره (متوفي 1234ھ)، مخدوم ميان عبدالرحيم گرهوڙي (شهيد) رحه (متوفي 1192ھ)، حضرت سيد صبغت الله شاھ (اول) “تجر ڌڻي” رحه (متوفي 1246ھ)، امام العاشقين حضرت سيد علي گوهر شاھ (اول، اصغر سائين) “بنگلي ڌڻي” رحه (متوفي 1262ھ)، حضرت سيد حزب الله شاھ (مسڪين) “تخت ڌڻي” رحه (متوفي 1308ھ) ۽ پاڳارا خاندان جا ٻيا چشم و چراغ پير صاحبان، عظيم بزرگان ۽ صوفي اولياءَ پڻ وقت بوقت ايندا رهيا.
    اندازن سن 1100 ھ کان، سن 1110 هجريءَ جي درميان ۾، درسگاھ سريواريءَ جو بنياد پيو. هن درسگاھ جو باني مباني مخدوم ميان محسن ڪيريو بن ميان اوڀايو ڪيريو رحه جن هو. جنهن اول ۾ هتي هڪ مدرسو ۽ ڪچي مسجد شريف جوڙائي. جيڪا آهستي آهستي اڳتي هلي، علمي آماجگاھ، يعني هڪ وڏي درسگاھ ۾ تبديل ٿي ويئي. هن درسگاھ کي عروج تي پهچائڻ جو سهرو، مخدوم ميان علي محمد بن مخدوم ميان محمد علي ڪيريو رحه (متوفي 1162ھ) ۽ مخدوم ميان تاج محمد بن مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه( متوفي....؟) جن جي ڪوششن جو نتيجو ثابت ٿيو. هي ٻيئي بزرگ وڏي بصيرت وارا، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جا صاحب هئا.
    درسگاھ سريواريءَ جي سربستي احوال کي لکڻ جي لاءِ، اسان جڏهن قلم کنيو، ته اسان کي ٻه ڳالهيون سامهون ڏسڻ ۾ آيون. هڪ ته موجوده ڪيريا بزرگن صاحبان وٽ، ڪا به لکت ۾ مستند تاريخ ۽ تحرير موجود ڪو نه هئي ۽ ٻيو هيءَ ته، درسگاھ تي موجود بزرگان جي آخري آرام گاهن جي ڪتبن تي، سندن وفات جا ڪي به سن يا سال وغيره لکيل ڪو نه هئا. ڏهاڪو کن سال اڳ، جڏهن اسان جو هن درسگاھ واري ماڳ مڪان تي، زيارت خاطر اچڻ ٿيو هيو، تڏهن فقط هڪڙي مزار مبارڪ جي ڪتبي تي، وفات جو سال لکيل هيو. جيڪو اسان ان وقت، پنهنجن هٿ اکرن سان نوٽ ڪري ورتو هيو. ان ڪتبي تي لکيل هيو: “ مخدوم ميان علي محمد بن مخدوم ميان محمد علي. وفات 1162 ھ. سرن واري شريف”. هن جي هيٺان هڪ عدد فارسيءَ جو شعر به لکيل هيو، جيڪو هن وقت گھڻي ڀاڱي ڊهي چڪو آهي.
    هن درسگاھ کي، انگريزن جي طرفان نظرانداز ڪرڻ ۽ اهميت نه ڏيڻ وارو سوال ته سمجھ ۾ اچي ٿو، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، درسگاھ سريواريءَ جي تاريخي احوال کي قلمبند ڪرڻ بابت، موجوده دور جي محققن، ڪوتاهيءَ کان ڪم ڇو ورتو آهي؟ اهو سوال اڃان تائين غور طلب ۽ حل طلب آهي. هالانڪهِ درسگاھ سريواريءَ ۽ ان جي عالمن جو، فڪري، تاريخي، سماجي ۽ روحاني رتبو، هن علائقي ۾، سنڌ جي ٻين مڃيل مدرسن ۽ عالمن جي برابر، يا انهن کان به اڃان وڌيڪ وڏو رهيو آهي. ڪتاب “سُجاڳ سانگھڙ” ۽ “سانگھڙ سووينيئر” ۾، درسگاھ چوٽياريءَ جو تذڪرو ته پڙهڻ لاءِ ملي ٿو، پر سريواريءَ جو احوال سراسر گُم آهي. اهڙيءَ ريت، ڪتاب “سنڌ جا ڪتب خانا” به، سريواريءَ جي احوال بابت، بلڪل خاموش آهي. ڪتاب “سُجاڳ سانگھڙ”، جيڪو سال 1974ع ۾، سياسي مقصدن کي سامهون رکي شايع ڪيو ويو، ان ۾ ڍير مٺو فقير، حضرت منٺار فقير راڄڙ، مخدوم ميان عبدالرحيم گرهوڙي (شهيد)، چوٽياري، برهمڻ آباد، منصوره، رتوڪوٽ، قبا مير شهداد، ڪوٽ بجار، ڪوٽ چاڪر خان، پير حسن بخش شاھ جيلاني رحه ۽ ٻين به ڪيترن ئي ننڍن وڏن، تاريخي ماڳ مڪانن ۽ اوليائن جو احوال ته با تصوير شامل ڪيو ويو، پر درسگاھ سريواريءَ جي احوال کي، ڪُليءَ طور تي نظرانداز ڪيو ويو.
    اسان جڏهن درسگاھ سريواريءَ جي سربستي احوال کي، قلمبند ڪرڻ جي خيال سان، ماڳ مڪان جي سرزمين تي روبرو پهتاسين، ته اسان کي درسگاھ جي باني بزرگن جون، آخري آرامگاهون به اتي ڏسڻ ۾ ڪو نه آيون. معلوم ڪرڻ تي معلوم ٿيو، ته مخدوم ميان محسن ۽ سندس فرزند مخدوم ميان محمد علي ڪيريو رحه جن جون آخري آرامگاهون، چوٽياريءَ ۾، مخدوم ميان محمد مبين ڪيريو“ٿرائي” رحه واري مقام ۾ موجود آهن. البت بعد وارن، باقي بزرگن جون آخري آرامگاهون، سرزمين تي موجود هيون. جن ۾ مخدوم ميان علي محمد، مخدوم ميان تاج محمد، مخدوم ميان حبيب الله، مخدوم ميان عبدالحق ۽ مخدوم ميان عبدالباسط ڪيريو رحه جن جون مزارون شامل هيون.
    درسگاھ سريواريءَ جو منجھائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ پهلو هيءَ آهي، ته هن درسگاھ جا تاريخي پيرا ۽ پيچرا گُم ٿيل آهن. نڪو ئي ڪو ڪتب خانو يا لائيبريريءَ وغيره موجود آهي، جنهن مان حقيقي سالن ۽ سنن جي ڪا خبر ڳولي ڪڍجي. اسين موجوده ڪيريا بزرگن، ڏاڏا ميان پير محمد ۽ سندس فرزند ميان جلال الدين ڪيريو صاحبن جا شڪر گذار آهيون، جن اسان کي ڪافي روايتون نوٽ ڪرايون ۽ ڪجھ تبرڪات وغيره جون زيارتون به ڪرايون. انهن تبرڪات شريف ۾، هڪ عدد قرآن الڪريم جو رنگين قلمي نسخو به ڏيکاريو ويو، جيڪو 676 صفحن تي محيط ۽ آڌاريل آهي. دلائل الخيرات جو قلمي نسخو به ڏسڻ جو شرف حاصل ٿيو. هي نسخو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جن جي هٿ اکرين لکيل آهي. هڪ عدد تسبيح، جيڪا حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جن جي طرفان، هتي جي عالمن سڳورن کي سوکڙيءَ ڪري ڏني ويئي هئي. هيءَ تسبيح، عقيق جي وڏن ڳاڙهن مڻڪن مان جوڙايل آهي، جنهن جي ٻانگي واري وڏي مڻڪي جي مٿان، مُهر اُڪريل آهي. هڪ عدد لٺ (عصا)، جيڪا مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه جن جي استعمال هيٺ هوندي هئي، ان کي به ڏسڻ جي سعادت نصيب ٿي. اهڙيءَ ريت، اسان امڪان جي حد تائين ڪوشش ڪئي آهي، ته درسگاھ سريواريءَ جي سربستي احوال کي، صحيح ۽ سهڻي نموني سان سهيڙي، سڌاري ۽ سموهي، تاريخ جي طالب علمن جي آڏو پيش ڪري سگھون. ان بابت اسان ڪيتري حد تائين ڪامياب ويا آهيون، ان لاءِ اسان جو ايندڙ مقالو،“ درسگاھ سريواريءَ جو سربستو احوال”، جيڪو ڏھ هزار لفظن تي محيط ۽ مشتمل آهي، اوهان پيارن پڙهندڙن جي، اکڙين جي انصاف جو منتظر رهندو.

    وما توفيقي الا باالله!

    ustadlaghari333@gmail.com
    ڊيلي هلال پاڪستان جي ٿورن سان
    جمعو 23 نومبر 2018 ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو