هڪ آدرشي انسان استاد محمد سانوڻ نهڙيو جي سالياني ياد جي مناسبت جي حوالي سان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    (هڪ آدرشي انسان استاد محمد سانوڻ نهڙيو جي سالياني ياد جي مناسبت جي حوالي سان )

    اڄُ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا


    حفيظ چانديو


    هن دنيا ۾ انيڪ انسان آيا ۽ ويا آهن، پر سڀ انسان نه ڪنهن کي ياد آهن، نه ئي تاريخ جا ورق کين سنڀالي سگهيا آهن، هر انسان ڌرتيءَ تي ڄمڻ کان وڇوڙي تائين سماج اندر، عملي ڪردار ادا ڪندو آهي، جيڪو شخصيت جو احاطو ڪري، سندس تاريخ اڏيندو آهي، اڄوڪي ڏينهن
    2 آڪٽومبر 1999ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي هڪ آدرشي انسان ، مثالي اُستاد ۽ سماج سيوڪ سائين محمد سانوڻ نهڙيو، وڇڙي ويو هيو، يقينن سندن وڇوڙي واري خبر ساڻن پيار ڪندڙ ماڻهن مٿان وڄ جيان ڪڙڪي هوندي، سندس وڇوڙي تي آسپاس جا هڙئي پڙهيا، ڳڙهيا ماڻهو،سياسي ۽ سماجي ڌريون سندس پونئرن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيا، ۽ کين پنهنجائپ جو احساس پڻ ڏياريو، سائين استاد محمد سانوڻُ نهڙيو صحتمند سماج اڏڻ لاءِ پنهنجي سموري ڄمار امن ۽ محبت جي امين طور گُذاري، نوجوان نسل ڏانهن هڪ فڪر پهچايو، هڪ پيغام ڏنو، جنهن منجهه ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين سان پيار ۽ پنهنجائپ جا سهڻا سبق سمايل هيا.

    سائين محمد سانوڻ نهڙيو، سنڌ جو سونهون هيو، سندس آدرشي ڪردار کي ڏسي، نوجوان سندس وڏي عزت ڪندا هيا، هو انهن نوجوانن لاءِ اتساهيندڙ شخص هيو، امن ۽ انسانن جي سلامتي سندن نصب العين هيا، هو هڪ آدرشي انسان ۽ لطيف سرڪار جو هڪ سُچيت پيروڪار هو، جنهن سماج ۾ رهندڙ هڙني ماڻهن کي پنهنجائي، هڪ مالها ۾ پوئڻ ٿي گهري، کين سماجي رُتبي ڏيارڻ ۾ هميشه هڪ متحرڪ وجود بڻجي ڪوشان رهيو، هن جي ڪوشش هئي ته سنسار مان هڙني نفرتن کي ڌڪاري ڪڍجي، تنهنڪري هن هميشه پيار ۽ محبت جي تلوار سان نفرتن کي مات ڏيڻ ٿي گهري، سائين ”استاد محمد سانوڻ نهڙيو“ چاهيو پئي ته سندس چوڌاري سوجهرو ٿئي ۽ گهگهه اونداهيءَ جو مڪمل طور تي خاتمو اچي، پنهنجي علائقي ۾ رهندڙ نوجوان نارين توڙي نوجوانن جي روشن مستقبل ۽ بهتر روزگار لاءِ هن ڪيڏيون نه تڪليفن سان منهن ڏنو، پر هن مڙس مٿير ڪڏهن ڀي ڪنهن کان ڪا شڪايت ڪئي، نه ئي ڪنهن کي ڪو احسان جتايو هيائين، اهو ئي سبب هو جو نوجوانن کي هن هميشه محنت ۾ عظمت جا درس پئي ڏنا، هن نوجوانن کي پيار ۽ پاٻوهه سان وڏي ذميداريءَ سان پاڙهيو، کين روشن مستقبل ڏانهن متوجهه ڪيو، هن سندن علم، ادب ۽ آرٽ جي عملي تصوير بڻجڻ لاءِ سندن شعوري آبياري پڻ ڪئي هئي، سائين پنهنجي ذات منجهه هڪ مفڪر، هڪ حساس دل رکندڙ سماج سيوڪ انسان هو، آسپاس جا ٻڍا توڙي ٻار سندن وڏي عزت ڪندا هيا، ڇاڪاڻ ته هو هر ڪنهن سان ڀلائي ڪندڙ پيار جو اعلٰي مثال ٿي سندن سامهون آيو هو،

    استاد ۽ سماج سڌارڪ ، سائين محمد سانوڻ نهڙئي، پنهنجي دور جي هڙني مسئلن کي مڙسيءَ سان نبيريو، بنيادي سهولتن کان انساني حقن جي حاصلات تائين آسپاس جا ماڻهو هن معزز شخص کان سهڪار لاءِ سندس اڱڻ کي مهڪائيندا رهيا، هن کان، ابنِ الوقت لالچي ۽ خود غرض ماڻهو خوفزدهه هوندا هيا، هن ڪڏهن به ڏاڍ آڏو هانءُ نه هاريو! هن ڏاڍ جي نظام کي پيار ۽ پنهنجائپ سان ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، هن وٽ پيار ۽ محبت کان وڌ ڪو هٿيار ئي نه هو، هن زندگيءَ جا دلڪش پل انساني ترقيءَ ۽ ڀلائي ۾ گذاري ڇڏيا، سائين جن جو چونرو نوجوانن لاءِ بهترين درسگاهه ثابت ٿي، جتي هنن ٿريلي ماحول ۾ رهندي مورن جي ٽهوڪن جي فطري حسناڪيءَ جي اهميت کي سمجهندي، فطرت سان پيار ڪرڻ سکيو ۽ سندس رهنمائيءَ کي ماءُ جي هنج چيل ٻاجهه ٻول جهڙن نصيحتون سمجهي سماج ۾ بهتري لاءِ جاکوڙيو، وٽس انسانن جي برابري وارو تصور به ڪمال جو هو، هو ذاتي ،نسلي يا قبيلائي بنيادن کي ٺهيل اتحادن کي قومي وحدت تي وار سمجهي کين هدايتون ڪندو هو ته ” مايوس نه ٿيو، هڙئي هُڪ ٿي وڃو“. پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد قائم ٿيڻ سڀ ڏُک ۽ ڏُوجهرن جو خاتمو اچي ويندو تنهنڪري پاڻ ۾ وڌيل هڙني ويڇن کي ختم ڪرڻ لاءِ سندس نصيحتون ان دور جي انسانن کي اڄ به ياد ضرور هونديون، اڄُ پنهنجي پياري پرين شاعر دوست شُهاب نهڙيو جي والد ” سائين استاد محمد سانوڻُ نهڙيو“ جن جي سالياني ياد آهي، کيس ياد ڪندي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي، سچ پچ سائين استاد محمد سانوڻُ نهڙيو جي ڪيل سماجي ۽ تعليمي خدمتن کي ورجايون ٿا جيڪي ڪنهن کان وسرڻ جهڙيون ناهن، زندهه قومن جي نشانين مان اها به هڪ نشاني آهي ته پنهنجن قومي شخصيتن کي سندن وئي پڄاڻان ياد ڪيو وڃين، ته جيئن هو ايندڙ نسلن جي آبياري ٿي سگهي، پنهنجي قومي هيرن ،سماج جي اجرن ۽ مثالي ڪردارن جي ڪيل پورهئي بابت نئين نسل کي آگاهي ڏين، اڄ جڏهن سندس وڇڙي کي اوڻيهه سال گذري چڪا آهن تنهن باوجود به سنڌ جي ماڻهن پنهنجي پياري رهنما ۽ رهبر کي ناهي وساريو، هو ساڻس اڄ به بي پناهه پيار ۽ محبت ڪن ٿا، سندس اجري ڪردار کي ياد ڪندي اوچو ڳاٽ ڪندي سنسار کي سهڻو ڏسڻ گهرن ٿا، سائين استاد محمد سانوڻُ نهڙيو جهڙا مانجهي انسان سچ ته اسان لاءِ اسان جي ايندڙ نوجوان نسلن لاءِ اهڙا اجرا ڪردار آهن، جن جي پوئلڳي ۾ هو منزلن تي رسندا، هن قسم جا غير معمولي انسان ڪنهن قيمتي اثاثي کان گهٽ نه آهن، اسان کي سندن پڄاڻان سندن صالح اولاد سان ملي محسوس ٿيو ته سندن شاندار تربيت يقينن ڪنهن مانجهي انسان ڪئي آهي،ساڻس ملندي سائينءَ جون سِڪون لاهي سگهون ٿا، سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل واٽ ئي رنڊا روڙي رهي آهي، ”سائين محمد سانوڻ جو وڏڙو پٽ پيارو امير حمزو جيڪو سهڻو شاعر پڻ آهي، سندس ڪلام سنڌ جي اڪثر فنڪارن پڻ ڳايو آهي، ۽ ننڍڙو پٽ شھاب نهڙيو آهي، هي ٻئي پيارا سنڌ جا سهڻا شاعر پڻ آهن، ادبي کيتر ۾ شهاب سنڌيءَ جي نالي سان مسلسل لکندو رهيو آهي، ۽ ان سان گڏ هو ريڊيو پاڪستان مٺيءَ ۾ پروڊيوسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. اڄ پاڻ ٿر جي ڌرتيءَ جي اُجري ڪردار کي سندس ورسيءَ تي جڏهن ساريون ٿا سندس ڪيل خدمتون ۽ انساني ڀلائي لاءِ ڪيل ڪمن کي ڏسندي پاڻ کي جيتامڙو ٿا سمجهون، سندس ڪيل انساني خدمتن عيوض سندس عظمت کي سلام پيش ڪندي، ساڻس وچن ٿا ڪريون ته سائين محمد سانوڻ نهڙيو صاحب! اوهان جن اصولن تي زندگي گهاري ،انسانيت جو مانُ مٿاهون ڪري هڪ اهڙو روشن دڳ ڇڏي ويا آهيو جنهن تان گذرندي وکَ وک تي اوهان کي ياد ضرور ڪبو.

    اڄُ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا

    ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نہ ڪن
    سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نہ لهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو