ماضيء جو آئينو؛ ديومالائي داستان ؛ قديم کان جديد دنيا تائين.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    458
    ورتل پسنديدگيون:
    601
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    قديم يونان جي هڪ مصنف ”هيوڊس“ جي هڪ نهايت ئي مشهور ديومالائي ڪهاڻي ”پروميٿيس زنجير بسته“ هڪ انقلاب ۽ انقلابيء جو پهريون داستان آهي.ان جو ڪردار ”پروميٿيس“ خدائي صفتن سان گڏوگڏ انساني همدرديء جو جذبو به رکي ٿو.ديوتا ”زيوس“ قديم يونان جو عظيم ترين ديوتا آهي جيڪو انهن جي عقيدي مطابق سمورن انسانن جو خالق ۽ سمورن ديوتائن کان مٿانهون آهي.ان جي برتريء جو سڀ کان وڏو سبب اهو سمجھيو وڃي ٿو جو ان وٽ باهه پيدا ڪرڻ جو نسخو موجود هو.پروميٿيس زيوس لاء ڪيترائي معرڪا سرانجام ڏنا پر سندس انساني همدردي سڀ کان نمايان هئي ان ڪري هڪ ڏينهن هن ٻين انسانن کي باهه پيدا ڪرڻ جو نسخو ٻڌائي ڇڏيو.انهيء سان زيوس جي عرش تي هڪ عظيم ڀونچال اچي ويو..سمورن ديوتائن کي سندس ان حرڪت مشڪل ۾ وجھي ڇڏيو ڇو ته هاڻي انسان ديوتائن کان بغاوت ڪرڻ جي قابل بڻجي ويو هو، پروميٿيس کي ان ڏوهه جي پاداش ۾ ”پاتال، جي حوالي ڪري ڇڏيو ويو ۽ ستر سالن تائين ڳجهه کيس پٽيندي رهي.نيٺ ”جبل ماپيندڙ هرڪولس“ کيس قيد مان آزاد ڪيو ۽ کيس زيوس وٽ وٺي ويو.هاڻي ان ڪهاڻيء جي آخري ڪڙي سدائين دلچسپ رهي آهي.يونان ۾ جڏهن ان ڪهاڻيء کي هڪ ڊراما نگار ”ايسڪائي لڪس“ ٿيٽر جي صورت ۾ ماڻهن سامهون پيش ڪيو ته سندس جان خطري ۾ پئجي ويئي.اهو هڪ بغاوت جو نشان هو انهن خدائن جي خلاف جن ذريعي انهن جو روزگار هلي رهيو هو.ايسڪائي ليڪس کي پنهنجي جان بچائڻ لاء ان ڪهاڻيء جي آخر ۾ پروميتيس کي زيوس سان ٺاهه ڪندي ڏيکاريو ويو.پروميٿيس ڪارل مارڪس جو به وڻندڙ ڪردار هو.رومينٽزم تحريڪ جي شاعر ”شيلي“ جڏهن اها ڪهاڻي ٻيهر لکي ته ان موقعي تي کيس ايوانن،پادرين،مذهبي پيشوائن کان ڪو خوف نه هو.هن آخر ۾ پروميٿيس کي زيوس تي سوڀارو ڪري ڏيکاريو ۽ بغاوت کي ڪامياب انقلاب جو داستان بنائي ڇڏيو.

    قديم ديومالائي داستان پنهنجن پنهنجن دورن ۽ حالتن ۾ شعوري انقلاب جا سڀ کان هموار رستا هئا.بادشاهن ۽ استحصالي قوتن خلاف هر دور ۾ اهڙا قصا لکيا ويا جن سان عام ماڻهن کي سوچڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو مليو.انهن ئي ديومالائي ڪهاڻين جي پيٽ مان ڪيترن ئي مذهبن جو جنم به ٿيو ۽ ايستائين جو ڪيترن ئي وحداني مذهبن جي عقيدن ۾ پڻ اهڙا ڪئين داستان وجود رکن ٿا.تاريخ جي تسلسل ۾ ڪيترن ئي داستانن جي وچ ۾ هڪجهڙائي ماڻهن جي گڏيل مسئلن ۽ نفسيات جي عڪاسي ڪري ٿي.مثال ”طوفان نوح“ جو داستان ٽن وڏن وحداني مذهبن ۾ موجود آهي جڏهن ته سميرين وٽ ان جهڙي ئي طوفان جو داستان يهوديت جي ظهور کان ڪيترائي هزار سال پهرين موجود هو.اهو داستان هندستان ۾ ستا پاتا برهمنا ۽ پران ۾ به موجود آهي جنهن ۾ وشنو پهرئين انسان ”مننو“ کي هڪ عظيم طوفان جي خبر ڏئي ٿو ۽ کيس هڪ عظيم ٻيڙي ٺاهڻ جو طريقو به سيکاري ٿو.اهو قومن جي پنهنجي پنهنجي ترجيحن،مزاج ۽ طور طريقن جو هڪ مثال آهي.

    بابلين جي تهذيب ماقبل تاريخ جي تهذيب آهي جنهنجي باري ۾ مستنند ڪجهه به ڪونهي.البت انهن ديومالائي قصن مان ڪنهن حد تائين اسان اهو ٻڌائي سگھون ٿا ته اهي زمينداري به ڪندا هئا ۽ شڪار پڻ.انهن وٽ اهڙا اوزار هئا جن جي مدد سان هو وڻ ڪپي ٻيڙيون جوڙيندا هئا.يوناني داستان جتي عشق ۽ محبت يا وري ديوتائن جي انسانن سان جنسي لاڳاپن تي مبني آهن اتي جهيڙا جھڳڙا،جنگيون ۽ لڙائيون به انهن قصن جو حصو آهن.ان جو وڏو سبب ان وقت يوناني رياستن جي مخصوص نفسيات آهي. اسپارٽا هڪ جنگجو رياست هئي.”ليو نايڊس“ جهڙي جنگجو بادشاهه جنهن پهرئين دارا جي پٽ ”زرگزرس“ جي عظيم الشان ايراني فوجن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو،اهو ان قوم جو نمائندو بڻيوجڏهن ته علم ۽ فلسفي جو مرڪز ايٿينز هئا جيڪي ڪنهن قدر عياشي پسند ۽ جسماني مشقتن کان ٽهندڙ قوم هئا.انهن ٻنهي رياستن جي پاڻ ۾ سدائين سردمهري رهي ۽ پوء ٽيهن سالن تي ٻڌل خونريز جنگ ”پيلوپونيشين“ به ٿي.ان دور ۾ انهن ٻنهي قومن جي نفسيات جو اندازو انهن جي ديو مالائي ڪهاڻين مان لڳائي سگھجي ٿو.ايٿينيز کي هميشه ايريس جيڪو جنگ جو ديوتا سمجھيو ويندو هو اهو ناپسند رهيو جڏهن ته اهو ئي ديوتا اسپارٽن ۽ ميسوڊين قوم ۾ پاپولر رهيو.اهڙيء طرح ديوي ايٿينا جيڪا فهم ۽ ادراڪ جي ديوي سمجهي ويندي هئي اها ايٿينيز لاء پسنديده ديوي رهي.جيڪر پروميٿيس واري داستان جو اسان اونهائيء سان جائزو وٺون ته هڪڙي ڳالهه ڪجهه حيران ڪندڙ لڳندي ته يونان ۾ مذهب ۽ معاشرت 800 ق م ۾ ايتري قدر جديد هئا جو اتي بغاوت،سوال،احتساب ۽ راء جي آزاديء جهڙا مطالبا منظر عام تي آيا.جن بعد ۾ جديد فلسفي جو بنياد وڌو.انهن ئي ديو مالائي ڪهاڻين جي اثر سان فلسفو نيون راهون وٺڻ لڳو ۽ حياتي.موت،ڪائنات،ازل ۽ ابد،خدا،معجزا،مذهب،معاشيات ۽ تخليق ڪائنات جهڙن مسئلن تي هڪ نه ختم ٿيندڙ بحثن جي شروعات ٿي.سقراط ”تشڪيڪ“ جو اصول متعارف ڪرايو ته کيس انهن ئي داستانن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪرڻ جي ڏوهه ۾ زهر پيئڻو پيو.اهي داستان هر قديم تهذيب جو حصو رهيا آهن.مصر،هندستان،بابل،عرب،يونان ۽ فارس جي قديم آثارن تي لکيل اهي ديو مالائي داستان انهن تهذيبن جو بنياد هئا جن مذهب به وجود ۾ آندا ۽ شعور ۽ فهم جا دروازا به کوليا.اڄ جي جديد دنيا ۾به اهي ئي ديومالائي ڪردار انهن جي مخصوص نسبت سان استعمال ڪيا وڃن ٿا.وحداني مذهبن ۾ به اهي ديو مالائي قصا ڪجهه ترميم ۽ تبديليء سان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڄ به موجود آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو