چنڙ ذات وارا ڪير آهن ؟ ڪٿان آيا ؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    ذات ڇا آهي ؟
    انسان جو هڪ اهڙو گروهه جيڪو نسلي طور ڪنهن بہ مخصوص سماجي ڍانچي ۾ رهندڙ هڪ ئي ڏاڏي پڙ ڏاڏي تڙڏاڏي جي پيڙهي مان هجي ان کي ذات چئبو آهي .
    "ذات " ڪنهن ذاتي ڪٽنبي سڃاڻپ جواهڃاڻ آهي جنهن جي معنيٰ وجود شيء خود آهي .
    انگريزي (Cast) لفظ (Casta) مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ قسم پاڙو نسل وغيره آهي .
    ڊاڪٽر بلوچ ذات کي پنٿ ڪوفو فرقو گهراڻي قبيلي آڪهه وغيره جي معنائن ۾ ڄاڻايو آهي انسان ۾ ريتن ۽ سماجي رتبن جي ڪري بہ ذاتيون ٺهن ٿيون جيڪي مختلف صورتن ۾ قديم وقت کان نسلن قبيلن ۽ قومن جي وجود جو سبب بڻبيون آهن ان پسمنظر مرتبي واري سڃاڻپ کي ذات چئبو آهي .
    چنڙ لفظ جي معنيٰ خوشبو مهڪ آهي چنڙ حقيقت ۾ هڪ سماٽ قبيلي جي ذات آهي جنهن جو تعلق قديم سنڌ جي شهر بهاولپور سان آهن اتان ئي ابتدا ٿي . سنڌ ۾ رهندڙن کي تنهن ڪري کين پنجاب کان آيل چوندا آهن اتي کين راڻا جي لقب سان سڏيو ويندو آهي ۽ کين "چنن دي " به ڪوٺيو ويندو آهي .
    هڪ روايت موجب چنڙ ذات جو تعلق راجپوتن جي شاخ سان آهي جنهن جو روحاني سلسلو هڪ بزرگ سان ڳنڍيل آهي .
    ڪتاب "سنڌ ۾ رهندڙ قومون قبيلا ۽ ذاتيون جو ليکڪ اياز ڀاڳت پيج نمبر 914 تي چنڙ ابڙي جو اولاد ثابت ڪري ٿو جيڪي پاڻ کي چنڙابڙو سڏائن ٿا .
    اهري طرح وري ساڳي ڪتاب ۾ پيج نمبر 273 تي چنڙ رند جو اولاد ثابت ڪري ٿو هن ريت
    رند جي پٽ آري مان پنهون جيڪو لوڪ داستان سسئي پنهون ۾ مشهور آهي
    رند کي آري کان سواء ٽي پٽ هئا 1 هوتي 2 نوتي 3 چنڙ
    ان مان ثابت ٿئي ٿو ته چنڙ جو تعلق رند قبيلي سان آهي پر ان جو پاڙو ناهي .
    مورو سنڌ ۾ رهندڙ ڪنڀر پاڻ کي اصل چنڙ ذات جابدوي عرب سڏائن ٿا جيڪي ميرن ڪلهوڙن کان سنڌ ۾ آباد آهن
    ذاتين واري انسائيڪلوپيڊيا هندستان موجب چنڙ جت قڀيلي جا هارپو ڪندڙ هئا جيڪي لوڌران ۽ ملتان ۾ رهندا هئا جيڪي اتي راڻا سڏجن ٿا جڏهن تہ احمدپور ۾ "ڪادار " سڏجن ٿا .
    چيو وڃي ٿو تہ چنڙ ذات ڪي پير چنن / پير چنڙ جو اولاد آهن پر اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ پير ڪڏهن به شادي نه ڪئي سندس پوئنرن ڀائرن جو اولاد آهن .
    پير چنڙ / پير چنن دراوڙ قلعي کان 6 ڪلو ميٽر جي تي هڪ ٽڪري مٿان واقع آهي جنهن کي "چنان پير " بہ سڏيووڃي ٿو هي پير ميلن جي مفاصلي تي موجود آهي هن جا هندو توڙي مسلمان ڪيترائي مريد آهن
    چنڙ هن پير جا خدمتگار آهن .
    ٻي روايت موجب چنڙ لاڙڪاڻي واري ڀٽن جي جد امجد آهي جنهن مان عظيم ليڊر شان پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ممتاز ڀٽو آهن .
    روايت موجب سيد جلال دين هن شهر ۾ آيو (جيڪو هاڻي ڦٽي دڙي جي صورت ۾ موجود آهي ) ۽ پڇاڪرايائين هتي ڪو مسلمان آهي جواب مليو هتي ڪوبہ مسلمان ناهي.
    وري پڇا ڪرايائين ڀلا هتي ڪا ڳوڙهاري (اميد سان ) ڪا عورت آهي . راء (ان وقت جي حاڪم ) چيو ها منهنجي گهر واري ڳوڙهاري (اميد سان) آهي .
    جنهن کان پوء جلال الدين شاه هڪ مسلمان دائي ان ڳوڙهاري (اميد واري ) لاء مقرر ڪيو.
    ڇاڪاڻ جو اهو ٻار مستقبل جو بزرگ ٿيڻ وارو هو .
    جڏهن ٻار ڄائو ته "راء" ان ٻار کي هڪ جبل جي چوٽي تي رکيو . ان وقت آسمان مان هڪ صندل جو ٺهيل هندورو نازل ٿيو "راء" ان ٻارکي هندوري مان کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ان جي قريب وڌو تہ هندورو ٿيندو پيو وڃي آخر "راء " هار ۽ پنهنجي پٽ جيڪو اڳتي هلي "مخدوم جهانيان " نالي سان مشهور ٿيو ان کي پنهنجو مرشد ڪري مڃيو .
    چنڙ قبيلي وارا " مخدم جهانيان" جي ستن ڀائرن جو اولاد آهن يعني راء جي خاندان مان آهن
    هي سنڌ ۾ سنڌي (ڪٿي ڪٿي سرائڪي ) ڳالهائيندا ۽ پنجاب ۾ سرائڪي ڳالهائيندا آهن .
    سنڌ ۾ سندن وڏو ڳوٺ وارهه تعلقي ۾ آهي اتي پڻ هڪ قديم دڙي کي (چنڙ جو دڙو ) چيوويندو آهي
    ان کان علاوه جهول جروار ميرپورماٿيلو گهوٽڪي بدين نوشهرو فيروز ۾ آباد آهن
    جڏهن تہ دادو جي تاريخي شهر پاٽ شريف ۾ بہ چنڙ خاندان آباد آهي (مان پڻ پاٽ شريف سان تعلق رکان ٿو )
    حيدرآباد ڪراچ سکر سميت پوري سنڌ ۾ آباد آهن
    (گهوٽڪي ۽ بدين وارا اڪثر سرائڪي ڳالهائيندا آهن )
    جڏهن تہ پنجاب ۾ بهاولپور جي روهي ۽ چولستان ۾م آباد آهن هي تمام وڏا مالوند ۽ زميدار آهن
    اوڪاڙه ملتان رحيم يارخان مظفرڳڙهه ميان والي فيصل آباد سميت پوري پنجاب ۾ آباد آهن اهي سرائي ڳالهائيندا آهن
    اها به هڪ حقيقت آهي تہ چنڙ مهر قوم جو پاڙو آهي
    چنڙ قوم جو هڪڙن جو تعلق مهرن قبيلي سان آهي جيڪي نوشهروفيروز اوٻاوڙو ۾ رهن ٿا .
    سنڌ ۾رهندڙ چنڙ مهر قوم جي سردارن کي پنهنجو سردار مڃيندا آهن
    جنهن ۾ سردار علي گوهر مهر
    سردار علي محمد مهر سردار غوث بخش مهر وارا آهن
    روايت موجب چنڙ ذات وارن مان ٻہ ڀائر ملتان مان لڏي اچي ڪندياري ويٺا جتي مقامي ماڻهن جي ٻن سوٽن پنهنجون ڌيئرون پرڻائي ڏنيون انهن ڀائرن مان هڪ ڀاء درياء سنڌ جي مٿانهين واري جي حصي تي پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيو جنهن ٽوڙهائي چنڙ سڏيو ويندو هو ۽ هاڻي ڳوٺ يوسف چنڙ نالي سان سڏيو وڃي ٿو .
    اهڙي طرح ٻئي ڀاء درياه سنڌ جي هڪ ڍوري تي پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيو جنهن کي ڍورائي چنڙ چيو ويندو هو ۽ هاڻي ڳوٺ سومر چنڙ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو .
    ٻنهي ڀائرن جو اولاد وڌي جڙي جوان ٿيو ته هڪ ٻئي کي سڱ ڏنا اهڙي طرح هن خاندان جو ويه 20پيڙهيون اتي گذري ويون
    ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ مان چنڙن جو آغاز ڪندياري مان ٿيو هو .
    چنڙ قوم جون هن وقت ٽي وڏيون تنظيون هلي رهيو آهن .
    1 آل پاڪستان چنڙ ويلفيئر ايسوئيشن (APCWA) 2 سومر چنڙ ويلفيئر ايسوئيشن ( سچوا ) 3 صدائي چنڙ (جنهن جو بنياد 2018 ۾ وڌو ويو سنڌ پنجاب ۾ گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن )
    چيو وڃي ٿو هن قوم ۾ هڪ رسم هئي / آهي هن قوم ۾ جڏهن ڪو ٻار بيمار ٿيندو آهي ته تڪليف ٿيندي آهي تہ چنڙ ذات واريون عورتون ڏاڏا سچ چنڙ نالي باس باسينديون آهن تہ ٻار خوش ٿيڻ تڪليف دور ٿيڻ کان پوء لولي (ماني جي ) پچائي ورهائينديون آهن چنڙ ذات واريون مايون جڏهن اهو لولو پچائينديون آهن تہ پاڻ ۾ کائينديون آهن ڪنهن ۾ ڌاري ذات واري عورت کي ناهن ڏينديون جيڪڏهن ڪنهن ڌارص ذات واري عورت ان لولي کي کاڌو تہ نتيجي ۾ اهو ٻار گونگو ٿي ويندو تنهن ڪري چنڙ ذات واريون مايون ان رسم تي عمل نهايت ۽ سختي سان ڪرائيندا آهن
    (هن وقت اسان وٽ اها رسم ناهي رهي )
    .
    چنڙ ذات جو مشهور پاڙا
    1آدماڻي 2رام 3وسل 4 ڀوم 5 ڀوپال
    چنڙ ذات جا مشهور لقب (جيڪي پنجاب ۾ استمعال ٿيندا آهن )
    1ملڪ 2 راڻا 3ڪادار
    مددي مواد
    سنڌ ۾ رهندڙ قومون قبيلا ذاتيو
    ذاتين واري
    انسائيڪلو پيڊيا
    ويڪپيڊيا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو