لٽ مار جو طريقو

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2018۔

  1. فهد ميمڻ

    فهد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 نومبر 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Software Developer
    ماڳ:
    Hyderabad sindh - Native Village - Shah Panjo Dist
    لٽ مار جو طريقو
    سرپلس ويليو ڇا آهي: شي جي اصل قيمت مزدور جي محنت طئي ڪري ٿي، مزدور محنت نه ڪري ته شي جي قيمت خام مال جي قيمت هجي، مثال موبائيل جي موجوده ترتيب کان اڳ پلاسٽڪ، شيشو، سليڪان، ڌاتو جي ڪل قيمت 50 رپيا مس هجي ها هاڻي ان ۾ مزدور محنت جو عنصر شامل ڪيو ته ان جي قيمت مختلف هزارن ۾ ٿيو، هاڻي ٿيڻ ته ائين گھرجي ته موبائيل جي اها وڌيل قيمت مزدور کي ادا ڪئي وڃي، پر اها سرمائيدار لٽي وڃي ٿو، مزدور کي مقرر اجرت ڏئي ٿو جنهن سان هو پيٽ پالي سگهي ۽ ٻيهر ڪم تي اچي سگهي
    منافعو ڇا آهي: شي جي قيمت هميشه مزدور کي ڏنل اجرت کان ۽ مشين تي ٿيل خرچ کان وڌيڪ رکي وڃي ٿي مزدور کي مقرر اجرت ڏني ويندي آهي شي ڪڏهن به ان قيمت کان گھٽ تي وڪرو نه ڪئي ويندي آهي، پر منافعو مقرر نه هوندو آهي، جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ شيون گھڻيون آهن ته منافعو گھٽ ملندو ۽ شي سستي وڪرو ٿيندي، پر جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ شيون گھٽ آهن ته شي مهانگي وڪرو ٿيندي پر ان اضافي منافعي مان مزدور کي ڪجھ نه ملندو، ڪن ڪن کي بونس ملندو آهي پر نقصان جي صورت ۾ مزدور جي اجرت گھت ڪئي ويندي آهي يا مزدور کان گھٽ پگھار ۾ گھڻو ڪم ورتو ويندو اهي يا مزدورن جو تعداد گھت ڪري کين بيروزگار ڪيو ويندو آهي، پر ياد رهي ته شي خريد ڪندڙ به ڪٿي نه ڪٿي اڪثر مزدور هوندو آهي مهانگائي يا سستائي وري به ان کي برداشٽ ڪرڻي پوندي
    شرح منافعو ڇا آهي؛ سرمائيدار هر سال منافعو وڌائڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي، هن سال کيس 500 رپيا منافعو مليو ته ايندڙ سال 600 رپيا منافعو کڻڻ جي چڪر ۾ پلاننگ ڪندو، ان وڌيل منافعي کي شرح منافعو چيو ويندو آهي، کيس ڪنهن سال منافعو ته ساڳيو گذريل سال وارو ملي پر کيس شرح منافعو نه ملي ته چوندو ته هن سال مونکي نقصان پيو آهي
    ذخيره اندوزي ڇا آهي؛ ڪنهن به پراڊڪٽ جي طلب ڀلي وڌيڪ هجي پر سرمائيدار پيداوار اسٽآڪ ڪري رکندو ته جيئن گھڻي طلب ۾ کيس گھڻو منافعو ملي
    طلب رسد ۽ قوت محنت: شي جي قيمت طلب رسد جي ڪري متاثر ٿيندي آهي پر ان تي ٿيل خرچ يعني مزدور جي ڪيل مزدوري ۽ موڙي /مور اهو ڪنهن به صورت ۾ پورو وصول ڪيو ويندو آهي
    مقابلي بازي: اڄ ڪلهه جي سرمائيداري مارڪيٽ دعوا ته آزاد مارڪيٽ جا ڪري ٿي پر جنهن کي به موقعو ملندو آهي ته مارڪيٽ ۾ مونوپولي يعني هڪ هٽي هلائي پنهنجي شي کي گھڻو وڪرو ڪرايو ويندو آهي مارڪيٽنگ کان وٺي جنگ تائين جا هربا استعمال ڪيا ويندا آهن، ڪا به جيڪڏهن ڪمپني نئين کلي ٿي ته پنهنجي پراڊڪٽ سستي وڪرو ڪندي پر وڏي اڳ موجود ڪمپني پاڻ کي پوئتي ڪرندو ڏسي ان ننڍي ڪمپني کي خريد ڪري يا ڪنهن ٻئي طريقي سان برباد ڪري پاڻ کي بچائي ساڳي هڪ هٽي هلائي منافعو لٽيندي
    گھڻو وڪرو گھڻو منافعو: امير سرمائيدار شيون سستيون ڪندو ته گھڻيون شيون وڪرو ٿينديون ان ڪري هو هر شي تي ٿورو ٿورو منافعو رکي ٽوتل شين تي گھڻو منافعو ڪمائي وٺندو پر ان لاءِ ايتريون شين تي سيڙپ ڪاري تي گھڻو خرچ اچي ٿو جيڪو ڪو ماهر لٽيرو سرمائيدار ئي ڪري سگهي ٿو يا اهڙي مارڪيٽ جتي ٻئي ڪنهن سرمائيدار جون شيون نه پهچنديون هجن يعني هڪ هٽي
     
    عبدالڪريم چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو