غزل... منصور ابڙو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2018۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    منصور ابڙو

    غزل

    ڏينهن جي هانوَ ۾ سج خنجر جيان،
    رات جي نرڙ تي چنڊ جھومر جيان.
    پنهنجي ماضيءَ کي آهي ڪيو قيد مون،
    سوچ جي ڪئميرا ۾ ڪنهن منظر جيان.
    منهنجو آواز ٽيڪم نه فرهاد جو،
    دل هر ڪنهن جي هـتــڙي آ پٿر جيان.
    در، دريون ۽ ڀتيون، ڇت نه آهي ته ڇا،
    ساري ڪائنات آ پنهنجي ئي گھر جيان.
    گوليون ٿيون لڳن لوڪ جون هي اکيون،
    سونهن تنهنجي پرين آ ڪبوتر جيان.
    ڪيئننههرساههمانتنهنجيخوشبو اچي،
    مون ۾ آهين پرين منهنجي اندر جيان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو