ڪتاب ڪاري چيخ تي هڪ نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]
    تبصرو مير سردار چنڙ
    هوئن تہ ڪتاب رسالا پڙهڻ منهنجو شوق آهي ڪتابن سان منهنجو عشق آهي جڏهن بہ مارڪيٽ ويندو آهيان تہ ڪو نہ ڪو ڪتاب ، رسالو خريد ڪري ايندو آهيان
    اسان وٽ سنڌي ادب ۾ هر روز نئون ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو پر ليکڪ (پبلشر) هڪ تمام گهڻي شڪايت ڪن ٿا تہ ڪتابن جا خريدار تمام گهٽ آهن . جنهن جو سبب منهنجي سوچ مطابق انٽرنيٽ آهي جتي دنيا جي هر ادب جو ڪتاب آساني سان ملي وڃي ٿو جيڪو پڙهندڙ پڙهي وري (پي ڊي ايف ) ۾ ڊائلوڊ ڪري دوستن کي موڪلي ٿو .اها شڪايت صرف سنڌي ادب نہ پر پوري دنيا جي ادب ۾ عام آهي .
    برحال سمنڊپار ليکڪہ ڪهاڻيڪار هينا آگناڻي 'هير " جو تازو آيل ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو "ڪاري چيخ " ڪيترين ئي رڪاوٽن باوجود هند جي شهر احمد آباد کان ٿيندو سنڌ جي شهر حيدرآباد ساري ٽپال (پوسٽ ) ذريعي پهرئين سال ئي مون وٽ پهتو هو .
    هينا آگناڻي "هير " هندستان جي شري (نامور) ڪهاڻيڪارن ۾ شامل آهي سندس هي ڪتاب "ڪاري چيخ " ۾ سڀ ڪهاڻيون بہ سادن سهڻن سولن لفظن ۽ وڏن فونٽن ۾ لکيل آهن هينا آگناڻي "هير " جو هي مجموعو نہ سڀني کي پڙهڻ گهرجي
    نون ليکڪن لاء هڪ انمول ڪتاب آهي جنهن مان گهڻو ڪجهہ سکي سگهن ٿا .
    هي ڪتاب "ڪاري چيخ " سنڌي ادب ۾ بلڪل نوان موضوع کڻي آيو آهي آس پاس جو ماحول استري (عورت) ليکڪہ جي جذبن پيار محبت دوکي ڪلپنا (خواب ) خوشفهمي غربت جهڙن موضوعن تي لکيل آهي هينا آگناڻي "هير" موضوع جي چونڊ ٻولي لفظ ۽ تحرير لکڻ ۾ بلڪل سيريس هوندي آهي هو هر موضوع سان نڀائڻ ڄاڻي ٿي سندس ڪهاڻين جو سماج تي تمام اثر وڌو آهي
    ڪتاب ۾ شامل هڪ ڪهاڻي (آڪروش ) آهي جيڪا عورت جي بهادري جي نمائندگي ڪري ٿي .جنهن ۾ هڪ عورت برسات جي موسم رات آنڌاري جو آفيس کان گهر وڃي رهي آهي جنهن سان هڪ اوباش ڇوڪرو عزت لٽڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اها عورت اتي بهادري سان مقابلو ڪري ٿي . سئي سان ان تي حملا ڪري اتي ئي ختم ڪري ٿي عورت جي بهادري جا قصا پوري شهر ۾ مشهور آهن .
    ٻي ڪهاڻي (ڪاري چيخ ) شامل آهي جيڪا سندس شهرت جو ڪارڻ آهي جنهن ۾ هڪ عورت جو هڪ ڪرادر آهي اها عورت بيخبري سان آنڌاري رات ريلوي اسٽيشن تي غلطي سان لهي پئي ٿي تيز ٿڌ اسٽيشن جهڙي غير محفوظ جاء تي اڪيلي عورت رات ڪيئن گذاري سگهي ٿي . عورت کي هڪ کير پياڪ ٻار آهي جيڪو بک جي ڪري روئي ٿو عورت ان لاء کير جي ڳولا لاء نڪري پوري ٿي هن کي اهاخبر ناهي تہ سندس جسم تي رئو آهي هر ماڻهو جي وحشي نظر هن ڏانهن ڇڪيل آهي .
    ڪهاڻي (چلهہ نہ ٻري آ ) اهم موضوع تي واقع آهي هن ۾ هڪ عورت جيڪا پنهنجي ٻن ابهنم نياڻين ۽ شرابي پرش (مڙس ) لاء گهر گهر ۾ ڪم ڪري کچڻي ڪمائي ٿي هڪ نيڪ ايماندار طور مشهور سيٺ سندس جسم سان وحشي بگهڙ جيان رانڀوٽا هڻي کيس ڪيتريون ئي شيون ڏئي ٿو اهڙي طرح عورتن جي مختلف موضوعن تي لکيو اٿس فيصلو آغوش ، گدڙ نازڪ رشتا ويلنٽائن ڊي سميت 14 ڪهاڻيون شامل آهن هي ڪتاب نون ليکڪن لاء تمام سٺو آهي هرموضوع گور فڪر جهڙواٿس سنڌي ادب لاء هي ڪتاب "ڪاري چيخ " بهترين تحفو آهي مان هينا آگناڻي " هير " کي اهم انمول ڪتاب آڻڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو جنهن هن گهٽيل دور ۾ اهڙو ڪتاب آندو .
    هي ڪتاب هي ڪتاب گجرات سنڌي آڪيڊمي طرفان ڇپايو ويو آهي هن ڪتاب جو مهاڳ (ڪجهہ نوٽس ) پريم پرڪاش لکيو آهن ۽ " ٻہ اکر " سنيتا موهتياڻي لکيا آهن 112 پيجن واري ڪتاب جي قيمت 180 روپيہ رکي وئي آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو