ڪرپشن ؛ ڀاشڻ ۽ بيان !

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    تازو عالمي اينٽي ڪرپشن ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جناب جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال فرمايو آهي ته هاڻي ملڪ ۾ ڪنهن به ڏاڍي کي ڪرپشن ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.هن صاحب هڪ مفت مشورو اهو به ڏنو ته جيڪر ڪرپشن جي ڏوهارين لاء موت جي سزا مقرر ڪئي وڃي ته ڪرپشن توڙي ملڪ جي وڌندڙ آباديء تي هڪ ئي وقت ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو.جسٽس صاحب اهو نه ٻڌايو ته آئنده ڪرپشن جي اجازت لاء ڪيترن ماڻهن باقائدي نيب وٽ درخواستون جمع ڪرايون آهن جن کي آئنده اهڙي اجازت نه ڏني ويندي؟ رهيو سوال ڪرپشن جي ڏوه لاء موت جي سزا جو سوال ته چيئرمين نيب اهڙيون انمول تجويزون اسٽيج تي اچي غريب عوام سان ونڊڻ بدران اهڙو ڊرافٽ تيار ڪري سڌو سنئون وقت جي حڪومت جي حوالي ڇو نٿو ڪري.جيڪا حڪومت صبح سانجھيء ملڪ مان ڪرپشن جي مڪمل خاتمي جي هر وقت مالها پڙهندي رهي ٿي. خير، اهي رڳوخبرون ئي آهن جيڪي ميڊيا جي سونهن لاء وقت به وقت جاري ٿينديون رهنديون آهن.ڪرڻ وارا هوڪا ۽ پڙها نه ڏيندا آهن ۽ نه ئي اهڙن ادارن جي پليٽ فارم تان سياسي قسم جا بيان ڏيئي ادارن کي وڌيڪ تڪراري بنائيندا آهن.پياري پاڪستان سان الميو ئي اهو آهي جو بقول شاعر ته

    ” هر شخص ڪو دعويٰ هي پارسائي ڪا

    سڀي فرشتي هين يهان پر ڪوئي بشر ڀي هي؟ “

    سو” فرشتن “جي هن ديس ۾ پنهن جي پنهنجي ”پارسائي“ جا ترانا ڳائيندي ٻڌندي غريب عوام جا ڪن ئي پچي پيا آهن.جن کي ڪجهه ڪرڻو آهي اهي صلاحن جون سرخيون لڳائڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجھن ٿا ۽ جن کي جيل ۾ چڪي پيهڻ گھرجي اهي شاندار پروٽوڪولن سان دهلن ۽ شرناين جي سنگت ۾ رياستي ادارن کي عوامي راء جي احترام ۽ جمهوريت جي بالادستيء جا ڀاشڻ ڏيندا رهن ٿا.هتي بدليو ته اڄ تائين ڪجهه به ناهي سواء ان جي جو

    ”عدو بدلي تو بدلي هون، نه هم بدلي نه تم بدلي.“

    هتي نه عوام ٿو بدلجي ۽ نه ئي عوام جي قسمت البت عوام تي ”عنايتون ڪندڙ“ بدلجندا رهن ٿا.پوء انهن جي سوٽ.بوٽ ،بليٽ،بيليٽ ،ڪرتي ۽ شلوار جي چڪرن ۾ ئي قوم پنهنجي مني صدي عذابن ۾ ڪڙهندي ۽ صدمن ۾ سڙندي گذاري به اڃا تائين ايتري ذهني بلوغت به حاصل نه ڪئي ته

    ” هوئي تم دوست جس ڪي دشمن اس ڪا آسمان ڪيون هو؟“

    اهو ئي رونشو اها ئي راند،اهي عذاب اهي ئي عتاب،اهي محروميون ۽ اهي ئي مجبوريون،ان شعر وانگر ته ” مقدر مين جو سختي ٿي وو مر ڪر ڀي نهين نڪلي.“ هڪ ويسري ۽ ويساهه وسوڙي،هڪ جذباتي ۽ جلد باز قوم ، پنهنجن ئي قاتلن جي هٿن ۾ پاڻ خنجر ڏيندڙ ۽پوء هر گھاء تي آهون ۽ فرياد ڪندڙ هڪ بي ربط،بي ترتيب ۽ سطحي ذهنيت رکندڙ قوم جي نصيب ۾ اهڙيون ئي بدنصيبيون ناهن اينديون ته ٻيو ڇا ايندو؟جنهن سماج ۾ ڪوبه ماڻهو يا ادارو پنهنجو مقرر ڪم ڪرڻ بدران پوري سماج جي سڌاري جو ٺيڪيدار بڻيل نظر اچي ته اتي ماڻهو يا ته بدهضميء کان مرندا آهن يا وري بک کان!هردور جا حڪمران اهي ئي ڦوڪون هڻندي نظر ايندا ته حڪومت غريب عوام جي تقدير تبديل ڪرڻ لاء ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي پر انهن کان ڪو اهو پڇڻ لاء تيار ناهي ته جيڪر ملڪ ترقيء جي اهڙي ئي عروج تي پهچي چڪو آهي ته پوء اها اشرافيا سرڪاري اسپتالن جي ڪنهن عام بستري تي ڪجهه ڪلاڪن لاء ئي سهي پر ليٽي ته ڏيکاري.سندن اولاد جن کي اسان تي هميشه لاء حڪمرانيء لاء پيدا ڪيو ويو آهي انهن جو سرڪاري اسڪولن جي ڀڳل ٽٽل ڊيسڪن تي ويهندي دم ڇو گھٽجڻ لڳي ٿو؟اهي جيستائين مجبور ڪري انهن سرڪاري اسپتالن ۾ نه واڙيا ويندا، سندن اعليٰ نسل کي رسن سان ٻڌي سرڪاري اسڪولن جي ڀڳل ٽٽل ڊيسڪن تي نه ويهاريو ويندو؟ جيستائين انهن کي به جيلن جي بدبودار ڪوٺين ۾ ساهه کڻڻ جو پابند نه ڪيو ويندو،جيستائين انهن کي به عام خلق جيان ڊگھين ڊگھين قطارن ۾ بيهاري اس ۾ ساڙيو ۽ سيء ۾ ٺاريو نه ويندو. جيستائين اهي به عام شاهراهن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ جيم ٿيل ٽريفڪ ۾ ڦاسي پنهنجا پگھر نه اگھندا، جيستائين انهن کان سمورا وي آئي پي اختيار ۽ پروٽوڪول واپس وٺي مٿو درست نه ڪيو ويندو تيستائين ملڪ ۾ رڳو چهرن جي بدلجڻ سان ڪنهن تبديليء جي اميد رکڻ سڀ ڪوڙ آهي.انهن جي ڪجهه بدلائڻ جي ذرو به نيت هجي ها ته ستر سالن جي عرصي ۾ ملڪ هن وقت تائين جنت بڻجي چڪو هجي ها پر شابس آهي اسان جي عوام کي جيڪو ان معاملي ۾ جنهن سهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي انهيء کي سلام آهي.البت جيڪر ڪو بکيو پاڙي مان ڪا ڪڪڙ چورائيندي پڪڙجي پوي ته عدالتن يا پوليس تائين پهچڻ کان پهرين ئي پاڙي يا شهر جا انصاف پسند ماڻهو ئي کيس ماري ماري مرغو بڻايو ڇڏين.باقي جيڪي اسان جا اربين ڊالر هڙپ ڪري اوگرائي به نه ڏين اهي اڄ به اسان جي دل جو ٺار ۽ نيڻن جو قرار آهن.ان ڪري جو اسان مان هرڪو ڪرپشن خلاف تقرير ڪرڻ به گھري ٿو،ڪرپشن خلاف ڀاشڻ به ڏيڻ گھري ٿو،ڪرپشن جون تباهيون ۽ نقصان به ڳڻائڻ گھري ٿو، ڪرپشن جا قصا ڪهاڻيون بيان ڪري پنهنجن سياسي مخالفن کي هيسائڻ ۽ عوام جي نظرن ۾ هلڪو بنائڻ به گھري ٿو پر حقيقيت اها آهي ته اسان مان ڪوبه ڪرپشن کي ختم ڪرڻ نٿو گھري.ان ڪري جو اسان جو يقين آهي ته اسان ڪرپشن سواء زندهه رهي نٿا سگھون.سو ولادت باسعادت کان انتقال پر ملال تائين اهي الف ليلوي داستان ٻڌندا ۽ پنهنجي دل وندرائيندا رهو.تسلين ۽خواهشن جي رانديڪن سان کيڏندا رهو،ملڪ کي رات وچ ۾ جنت نظير بنجڻ جا خواب ڏسندا رهو ،انهن قصن ڪهاڻين تي گذارو ڪندا رهو.ڪڏهن هتان لفظن جو بم ته ڪڏهن هتان ڀاشڻن جو ميزائيل،ڪڏهن ترقيء ۽ خوشحالي جي ايندڙ بهارن جو انتظار ته ڪڏهن انهن ئي بهارن جي پردي ۾ لڪيل سرء جي سختين کان اڀرندڙ سڏڪن جا گيت،هر ايندڙ اليڪشن ۾ ڊانسون،نعرا،جھمريون،دهل ۽ شرنايون ۽ اليڪشن ويندي ئي ماتم ،نوحا،پٽون پاراتا ۽ پٽڪارو،في الحال اهو ئي اسان جو مقدر آهي جيڪو اسان پاڻ قلم ۽ پنو ڏيئي انهن کي لکڻ جو اختيار ڏيئي رکيو آهي جن کي اهو پتو ئي ناهي ته

    ”زندگي ڪيا ڪسي مفلس ڪي قبا هي جس مين

    هر گھڙي درد ڪي پيوند لگا ڪرتي هين.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو