منظور سخيراڻي ھڪ رات ڊسمبر جي تنھائي بلب پاڇا

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ھڪ رات ڊسمبر جي، تنھائي، بلب، پاڇا!
    ۽ بينچ تي ويٺل مان! سوچيندو رھيس ڇاڇا!

    سوچيم پئي اُڏي اُڀ تان ڪا گونج ٿي گونجان مان
    آڪاش ستل آھي، آڪاش کي ڌوڻيان مان
    پر خالي وريا واڪا! ناھي وس ۾ ڪيان مان ڇا!؟

    ھڪ سنڌ منھنجي ڌرتي، ٻي سھڻي مٺي سرتي
    ھڪ جند سان جڙ جي وئي، ٻي دل سان اچي پرتي
    ٻنھين سان ٻٽا ناتا، ناڪن جا ڪرا ڪاڇا!

    آھي ڪو تبسم جا، سي گيت وري آڻي
    جي ڪالھہ لکيا ھا مون پل پل جي پيڙا ماڻي
    منھنجي ماضيءَ جا ورثا! ڪُجهہ خواب ۽ ڪُجهہ خاڪا!

    ٻول: عبدالغفار تبسم
    آواز : منظور سخيراڻي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو