اسمارٽ فونن لاءِ ڪهڙو پروسيسر بهتر آهي؟

'سمارٽ فون' فورم ۾ فاروق سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2018۔

  1. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اڄ جا سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ تمام طاقتور ۽ مؤثر بڻجي ويا آھن،ان جو اھم سبب بھتر پروسيسر ھجڻ آھن.ڏينھون ڏينھن پيش رفت ٽيڪنالاجي جي ڪري پروسيسرن ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آھي،اڄ جي سمارٽ فونز جي پروسيسرن جي سائيز گھٽ ڪري زيادہ مؤثر ۽ تيز رفتار جي لائق بڻايو ويو آهي نه صرف ايترو ھاڻي ته بيٽري به گھٽ پيئي ٿي.گھٽ سائيز ھجڻ جو اھم سبب transistors ۽ ٻيا ماليڪيولز تمام ننڍڙي شڪل ۾ تيار ڪري پروسيسر تيار ڪيا ويا آهن،جنھن جي ڪري سمارٽ فونن جي ڪارڪردگي بھتر بڻجي وئي آهي.
    پروسيسر جنهن کي اسان SOC چئون SOC ان ڪري ڪوٺيو ويو آھي جو ھڪ ئي سسٽم ۾ سڀئي اجزاء مثلاً جھڙوڪ دجيٽل،اينلاگ،ريڊيو سگنل موڊيم،گرافڪس پروسيسنگ يونٽ،ميمري ڪنٽرولر وغيرہ شامل ڪيا ويا آهن. ھن وقت موبائل فونن لاءِ پروسيسر تيار ڪندڙ ٻه وڏيون ڪمپنيون Snapdragon ۽ mediatek جيڪي پروسيسرس فراھم ڪندڙ آھن .

    [​IMG]
    Snapdragon: ھي آمريڪا جي semiconductor ڪمپني آھي جنھن جو هيڊڪوارٽر سان ڊينگو ڪيليفورنيا ۾ واقع آهي.ھن ڪمپني جا پروسيسر ڪوالٽي ۽ ڪارڪردگيءَ جي ڪري مشهور آهن جنهن جي ڪري دنيا جون وڏيون موبائيل فون ٺاھيندڙ ڪمپنيون پنهنجن فونن ۾ اھي پروسيسرس استعمال ڪري رھيون آھن،پر ھن ڪمپني جا پروسيسر تمام گهڻا مهانگا آهن ان جو اھم سبب ،سڀئي اجزاء مثلاً جھڙوڪ دجيٽل،اينلاگ،ريڊيو سگنل موڊيم،گرافڪس پروسيسنگ يونٽ،ميمري ڪنٽرولر وغيرہ ڪمپني جا خود جا ھوندا آھن.ھن جا پروسيسر سيريز جي حساب سان تمام قسمن ۾ موجود آهن جھڙوڪ:200,400,600,700,800 سيريز شامل آهن.ھر سيريز جون پنھنجون پنھنجون خوبيون آهن.

    https://www.qualcomm.com/products/platforms
    ڪارڪردگي :هي پروسيسر ڪارڪردگيءَ ۾ ٻين پروسيسرن کان بهتر آهي،ڳرن ٽاسڪن کي به بهتر انداز ۾ هينڊل ڪري ٿو

    بيٽري لائف: ۾ هي پروسيسر تمام گھٽ بيٽري پيئي ٿو،

    گرمي:هي گرمائش گهٽ پيدا ڪري ٿو

    گرافڪس جي ڪارڪردگي :هي پروسيسر گيمنگ ۾ بهتر آهي ڇو جو ڪمپني جو خود جو GPU لڳل آھي جنهن جي ڪري cpu ۽ GPU پاڻ ۾ مئچ ٿيندا آھن جنهن کان پوءِ هن پروسيسر جي ڪارڪردگي بهتر رهي ٿي

    Mediatek:هي ڪمپني تائيوان جي آهي جنهن جو هيڊڪوارٽر تائيوان ۾ ئي آهي.هن ڪمپنيءَ جا پروسيسر پهريان کان بهتر ٿي ويا آھن ڪارڪردگيءَ ۽ بيٽري لائف ٻنهي ۾،هي ڪمپني پنهنجن پروسيسر ۾ تمام گهڻا core استعمال ڪندي آھي جھڙوڪ dual core ,triple core,octra core hexa core وغيرہ ھن ڪمپني جا پروسيسر تمام گهڻن سيريز ۾ موجود آهن جھڙوڪ hello x,Helio P, Helio A وغيرہ شامل آهن
    https://www.mediatek.com/products/smartphones


    ڪارڪردگي:هن ڪمپنيءَ جي پروسيسر ۾ گهڻن core جي ڪري پرفارمنس بھتر رھي ٿي.پر جيترا core جو استعمال ان لاءِ ريم جي زياده ضرورت پوي ٿي .

    بيٽري لائف جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري ھي ڪمپني ھاڻي پنھنجا پروسيسر نئين نينو ٽيڪنالاجيءَ 12nm تي ٺاھي رھي آھي جنھن سان ھاڻي بيٽري لائف ۾ ڪافي سڌارو آيو آهي

    Heating:زيادہ core ھوندا ته heat به اوتري پيدا ڪندي.

    گيمز پرفارمنس يا گرافڪس: ھي ڪمپني ٿرڊ پارٽي جا GPu پنھنجي پروسيسرن ۾ استعمال ڪري ٿي جھڙوڪ Arm Mali,,powerVr پر cpu ۽ GPu جو پاڻ ۾ مئچ نه ٿيڻ جي ڪري snapdragon جي مقابلي۾ ڪارڪردگي بھتر نه ٿي ٿئي.

    ھاڻي توھان ئي پاڻ فيصلو ڪريو ته ٻنھي مان ڪھڙو بھتر پروسيسر آھي
     
    آخري ترميم: ‏15 ڊسمبر 2018
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    Qualcomm جا پروسيسر بهتر آهن.. ايتري قدر جو آئي فون ۾ به هن ئي ڪمپني جو پروسيسر لڳل هوندو آهي..
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    iPhone ۾ qualcom جا پروسيسر ناهن لڳل هوندا پر iPhone ۾ پنهنجو خود جو تيار ڪيل bionic لڳائيندي آھي پر ھا ايپل qualcom کان موڊيم چپس خريد ڪري پنھنجي فون ۾ لڳائيندي آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو