قائد اعظم جو پاڪستان ڪڏهن ٺهندو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    قائد اعظم سياسي اڳواڻ،اسٽيٽس مين ۽ ڊگھي نظر رکڻ وارو ليڊر هو.هن جي سوچ رڳو چونڊن تائين محدود نه هئي بلڪه هو ايندڙ نسلن جي باري ۾ سوچيندوهو.جيڪر هن جي سوچ رڳوسندس ذات تائين محدود هجي ها ته ڪڏهن به پاڪستان نه ٺهي ها.قائد اعظم جو تصور پاڪستان نهايت ئي واضح هو جنهنجو مرڪزي نقطو هي هو ته گڏيل هندستان ۾ هڪ خاص قوم جي بالادستيء سبب مسلمان پنهنجن خداداد صلاحتين موجب ترقي ڪري نٿا سگھن ان ڪري کين هڪ الڳ رياست جي ضرورت آهي جنهن ۾ اهي پنهنجي تاريخ،تهذيب ۽ مذهب جي سونهري اصولن مطابق رياستي سرشتو جوڙي سگھن ۽ رياست جي هر شهريء کي بنان فرق جي هڪجهڙا حق حاصل هئڻ گھرجن ۽ ان کي پنهنجي صلاحيتن کي نشو نما ڏيڻ لاء هڪجهڙا موقعا ملڻ گھرجن.افسوس جو پاڪستان جي قيام بعد هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ قائد اعظم جي تصور پاڪستان کي عوام جي نظرن ۾ تڪراري ۽ شڪي بنايو ويو.آمريڪا ۽ برطانيا پنهنجن سامراجي مفادن هيٺ نٿي گھريو ته پاڪستان مڪمل طور تي آزاد ۽ خود مختيار رياست بڻجي وڃي ۽ سندس شهري تعليم يافتا ۽ باشعور هجن. عوام ۾ قائد جي تصور پاڪستان جي باري ۾ مونجھارا پيدا ڪرڻ لاء اسلام ۽ سيڪيولر ازم جو بحث ڇيڙيو ويوجيڪو ستر سالن جو عرصو گذرڻ باوجود اڃا تائين جاري آهي.قائد اعظم پنهنجي 11 آگسٽ 1947ع جي دستور ساز اسيمبليء کي پاليسي خطاب ۾ رياست جو بنيادي خاڪو پيش ڪيو هو جنهن کي به تڪراري بنايو ويو ۽ ڏسي وائسي انهيء کان منهن موڙيو ويو ڇوته اندروني توڙي ٻاهرين استحصالي قوتن اسٽيٽس ڪو کي بحال رکڻ گھريو ٿي جڏهن ته قائد اعظم جو پاليسي خطاب اينٽي اسٽيٽس ڪو هو.قائد اعظم پنهنجي پاليسي خطاب ۾ امن ۽ امان جي قيام کي رياست جي پهرين ذميداري قرار ڏنو،ڪرپشن ۽ رشوت کي رياست لاء زهر قاتل قرار ڏنو،پنهنجا نوازڻ ۽ زخيرا اندوزي کي قابوء ۾ آڻڻ تي زور ڏنو۽ کليل لفظن ۾ چيو ته مذهب کي سياسي مقصدن لاء استعمال نه ڪيو وڃي.پاڪستان ۾ رهڻ وارن سمورين اقليتن کي هڪجهڙا حق ڏنا وڃن ۽ سندن مذهبي عقيدن توڙي ريتن رسمن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.قائد اعظم جي ان پاليسيء کان منهن موڙڻ جي نتيجي ۾ اسان اڻ ميو نقصان برداشت ڪري چڪا آهيون.پاڪستاني قوم ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪي آهي ان جي نتيجي ۾ ئي مذهبي انتها پسنديء کي منهن ڏيئي رهيا آهيون.

    قائد اعظم پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمرانيء جو خواهشمند هو.پاڪستان جو ماضي شاهد آهي ته اسان قائد اعظم جي ان بنيادي اصول تي عمل نه ڪيو جنهنجو نقصان پوري قوم برداشت ڪري رهي آهي.جيڪر ملڪ ۾ پهرئين ڏينهن کان آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم ٿئي ها ته هتان جو عوام اڄ جاهل ۽ مقروض نه هجي ها.

    قائد اعظم سول سروينٽس کي هدايت ڪئي هئي ته اهي عوام جا حاڪم نه پر خادم بڻجن پر افسوس جو مني صدي گذرڻ باوجود نوڪر شاهي عوام جي خادم بنجڻ لاء هرگز تيار ناهي ۽ رياستي معاملن ۾ عوام جي بالادستيء بدران ڪجهه اشرافيا جي بالادستي اڃا تائين قائم ۽ برقرار آهي.

    قائد اعظم پنهنجا نوازڻ واري پاليسيء جي مذمت ڪئي هئي ۽ ذاتي طور تي هن سمورا فيصلا ميرٽ تي ڪيا پر اڄ صورتحال اها آهي جو اقربا پروريء سبب ساڳئي خاندان جا چار چار ۽ پنج پنج ماڻهو اسيمبلين توڙي نوڪر شاهيء جي سيٽن تي ويٺل نظر اچن ٿا.ان استحصال ۽ نا انصافيء سبب پاڪستان جي 98 سيڪڙو آبادي هڪجهڙن موقعن ۽ حقن کان محروم آهي.قائد اعظم کليل لفظن ۾ اعلان ڪيو هو ته هن پاڪستان سرمائيدارن ۽ جاگيردارن لاء نه پر غريب عوام لاء حاصل ڪيو آَهي پر اڄ پورو ملڪ انهن ئي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي قبضي هيٺ آهي جڏهن ته اٽڪل ڏهه ڪروڙ شهري غربت واري لڪير کان هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ انهن کي ٻن وقتن جي ماني به نصيب ڪانهي.قائد اعظم پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي نظام کي اسلام جي سونهري اصولن مطابق ترتيب ڏيڻ گھريو ٿي ته جيئن پاڪستان جو هر شهري عزت سان زندگي گذاري سگھي پر افسوس جو اڄ به ملڪ تي اولهه وارو سياسي ۽ استحصالي معاشي نظام نافذ آهي جنهن سبب امير وڌيڪ امير جڏهن ته غريب وڌيڪ غريب ٿيندو ٿووڃي.اسان جا عالم سڳورا اسلام جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر اسلام جي سونهري اصولن امانت،ديانت،صداقت ،مساوات ۽ انصاف تي زور نٿا ڏين.پاڪستان ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته اڄ جو پاڪستان قائد اعظم ۽ علامه اقبال وارو پاڪستان ناهي.هاڻي سوال اهو ته پاڪستان کي ڪهڙيء طرح قائد اعظم ۽ اقبال وارو پاڪستان بنائي سگھجي ٿو؟ هڪڙو ئي رستو آهي ته پاڪستان جي ڏتڙيل.محروم،مفلس ۽ غريب عوام جن ۾ مزدور،پورهيت۽هاري شامل آهن ۽ جن جي دم سان ملڪ جو نظام هلي رهيو آهي انهن کي قومي ايجنڊا تي منظم ۽ باشعور بڻايو وڃي.اقتدار جي طاقت حقيقي معنيٰ ۾ عوام کي منتقل ڪئي وڃي. پاڪستان جو هاڻوڪو استحصالي رياستي نظام ئي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليء جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. ان نظام کي بدلائڻ سوا ترقيء جو ڪوبه خواب پورو نه ٿي سگھندو.گذريل ستر سالن ۾ اسان مختلف تجربا ڪندا رهيا آهيون ۽ انهن جا نتيجا به ڏسي چڪا آهيون.

    پاڪستان جو معاشي ۽ سياسي قبلو اڃا تائين درست نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي استحصالي طبقا اهو درست ٿيڻ ڏيندا.جيستائين عوام متحد ۽ منظم ٿي ڪري استحصالي طبقن کي پاڪستان جي سياسي منظر نامي کان ئي الڳ نه ڪري ڇڏين ۽ انهن کان معاشي ۽ سياسي قوت کسي نه وٺن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو