سنڌ جو تعليمي معيار ۽ معمارن جو مستقبل

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ جاويد احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2018۔

  1. جاويد احمد سومرو

    جاويد احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2010
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ادب ، سوشل ورڪر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سنڌ جو تعليمي معيار ، نفي جي برابر رهيو آهي اسانجا استاد مهربان جيڪي اسان جي قوم جا اثاث، سرمايو ۽ ڀرم آھن اهي هڏ ڏوکي استاد تمام گهڻي محنت به ڪري رهيا آھن پر انجي باوجود به ثمر لڀي ڪو نه ٿو!
    حڪومت طرفان استادن کي بائيو ميٽرڪ ذريعي پابند ته ڪيو وڃي ٿو پر شاگردن تي توجھ اصل ڪو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي ڪو انهن جي بهتر معيار جي لاء هن وقت تائين ڪو جهجهو اپاء يا ڪو لائحه عمل جوڙيو ويو هجي۔ گهڻا اسڪول پنهنجي ڪارڪردگي پاڻ روشن مثال آھن ڇاڪاڻ ته اهو سڄو سارو ڇاڻ انهن عظيم استادن ڏانهن وڃي ٿو جيڪي شاگردن کي پنهنجو روحاني ٻچو سمجهن ٿا.
    شاگرد ڪتابن جي ڀري کڻي کڻي بيزار ٿي انواع بهانا ٺاهي اسڪول وڃڻ کان اس گرمي ۾ رلڻ ۽ خراب صحبت راند روند جهڙي ماحول کي دل سان پسند ڪن ٿا۔
    اصل ۾ ڪريڪيولر (نصاب) ۾ تبديلي جي سخت ضرورت آھي۔ هڪ ئي ڪتاب ۾ سڀني سبجيڪٽس جو اڀياس هئڻ گهرجي۔ موجوده نصاب جي ۽ مڪتبن ۾ طلباء تي نظم و ضبط جي سختي ته ڪئي وڃي ٿي پر شايد انهن جي پڙھائي تي صفا ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي۔ مار ۽ سزا ذريعي شاگرد فرمانبردار ته ضرور ٿئي ٿو مگر هوشيار گهٽ ۽ گوسڙو زياده ٿئي ٿو۔ سنڌ حڪومت استادن کي ڀرٿي ڪرڻ وقت اڳ ۾ اهو اعلان به لازمي ڪندي آھي ته اوهان ڀلي تعليمي ميدان ۾ جبل ڏاريا هجن پر هت اوهانکي شش ماهي تعليمي ٽريننگ سرٽيفيڪيٽ نه پيش ڪندؤ ته اوهان نا اهل آھيو توڙي جو اوهان 18 جماعتون پاس ڇو نه ڪيون هجن۔۔
    بحرحال سنڌ جي تعليمي تباه ڪاري جو گلن ڀريو جنازو ڪڍيو ويو آھي۔ اهڙي صورتحال جو معاون اڄ جو نا اهل ٿاڦيل استاد آھي جيڪو ڀوتار جو ونگارو ۽ آفيسرن جو دادلو آھي جنهن ڪنهن هونهار مفلس قابل, محنت ڪش, سنڌ جو درد رکندڙ, گريجوئيٽ, پوسٽ گريجوئيٽ, اميدوار جي لتاڙ ڪري قوم جي معمارن جي آئندي جون ذميواريون سنڀاليون آھن ۽ ٻيو موجوده وقت حاڪم , سنڌ حڪومت آھي۔
    سنڌي ماڻھن کي مختلف رٿون سٽي, ڦاسائي انهن جون ملڪيتون ڌارين کي ڀڳڙن جي مٺ تي ڦرائي انهن کي خانه بدوش ڪيو ويو۔ سنڌ جو عوام هاڻ غربت جي آڙاھ ۾ سڙي رهيو آھي هڪ ڏينهن مزدوري نه ٿي لڳي ته اهو سج فاقه ڪشي ۾ ڪاٽين پيا۔
    ماضي قريب ۾ سنڌي راڄ لاء مثال قائم ڪيا ويندا هيا ته
    هڪ ڪمائي ڏھ کائين۔
    سنڌي کي ڳولهجي ته چانھ واري هوٽل تي لڀندو۔
    اڄ به سنڌين پنهنجي هوٽل واري روايت برقرار رکي آھي پر ٿورڙي مٽا ٿي آھي جيڪي سڄو سارو ڏينهن هوٽل ۾ ويهندا هيا هاڻي پورهئي کانپوء شام ڌاران ويهن ٿا۔
    افلاس ۾ پيل مظلوم پنهنجي ٻچن جي ڪيئن پرگهور لهن؟ ڪيئن تعليم ڏيارين؟ ڪهڙي اميد سان؟ جيڪو ڪمايون سو کائون, ڪٿان ايترا ڏوڪڙ اچن جو ڊگريون به وٺجن ۽ نوڪريون به!
    اسان سان جيڪي صاحب حيثيت رهن ٿا انهن پنهنجن ٻچڙن کي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرائي سمجهن ٿا ته اسانجو ٻار ڪوٽ فتح ڪندو ڪجھ اسڪول روشناس آھن باقي ٻين اسڪولن جو به ڪم گورنمينٽ اسڪولز کان به سطح تي لٿو پيو آھي۔
    اسانجو معاشرو صرف ۽ فقط زوال جي طرف ترقي ڪندو پيو اچي۔
     
    منصور احمد هاليپوٽو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو