شمس الدين بلبل جي ڪجهه دوستن جا نالا ۽ بلبل جا ڪيل اهم ڪم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ثروت ابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2019۔

  1. ثروت ابڙو

    ثروت ابڙو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2018
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    شمس الدين بلبل جي ڪجھ دوستن جا نالا ۽ بلبل جا ڪيل اهم ڪم

    رئيس شمس الدين بلبل جو مختصر تعارُف

    ( هي مضمون شمس الدين شينو ابڙو(بلبل جو پوٽو) هڪ پروگرام ۾ پڙهڻ لاءِ لکيو هيو، پهنجي وفات کان 2 ڏينهن اڳ ۾، شمس الدين بلبل جو ڪافي تعارف وڪي پيڊيا، سنڌي پيڊيا ۽ سنڌيانه تي پيو آهي پر هي مختصر ۽ جامع تعارف آهي (ثروت ابڙو))

    . بلبل جي شخصيت نهايت منفرد، گھڻ رُخي ۽ ناياب قسم جي آهي.

    ڪنهن به شخصيت جو جيڪڏهن قد ۽ قامت معلوم ڪرڻو هجي ته سندس دوستن جي نالن جي لسٽ ٺاهجي، سندس تصنيف ڪيل ڪتابن جي فهرست لکجي ۽ سندس ڪارنامن جي وچور تيار ڪجي، سندس شخصيت جي تصوير سامهون اچي ويندي. حضرت بلبل جي چند دوستن جي لسٽ هي آهي جيڪي سندس قدردان هئا:_

    بلبل جا قدردان دوست

    جارج پنجون، لارڊ ڪرزن، سر هينري لارينس گورنر هند، شمس العلماء پير پاڳارو، پير شاه مردان راشدي راڻيپور، جناب پير علي مدد شاه راڻيپور، هزهائينيس سر آغا خان، هزهائينيس مير فيض محمد، هزهائينيس مير امام بخش، هزهائينيس مير علي نواز.

    اُهي هستيون جيڪي بلبل جا مداح هئا:_

    سائين شاه آغا جان سرهندي، مخدوم محمد امين هالا، خواجه عبدالرحمان سرهندي، خواجه حافظ حسن جان سرهندي،سردار محمد ابراهيم وزيراعظم خيرپوررياست، خان بهادر شيخ صادق علي وزير رياست خيرپور، سردار محمد يعقوب وزيرخيرپور رياست، سردار محمد ايوب خان بئريسٽر، هزهائينيس ميرعبدالحسين سانگي، جسٽس اميرعلي سيد، آنريبل آسمان جاه وزيراعظم حيدرآباد دڪن.

    بلبل جا دلي دوست

    خان بهادر سيد الهندو شاه، خان بهادر غلام علي نانا، خان بهادر غلام محمد اسراڻ، خان بهادر جعفرخان جمالي، نواب اميرعلي لاهوري، سر غلام حسين هدايت الله، سرحاجي عبدالله هارون، مولانا عبدالغفورمفتون،سر شاهنوازخان ڀٽو، خان بهادر حسن علي خان آفندي.

    بلبل جا هندستان ۾رهندڙ دوست:_

    نواب سليم الله خان،نواب وقارالملڪ، نواب محسن الملڪ، خواجه الطاف حسين حالي، مولانا شبلي نعماني، مولانا اڪبرالله آبادي اهم نالا آهن.

    حضرت بلبل اٽڪل 45 ڪتاب لکيا هئا جن ۾1 جام جم،2 مسلمان ۽ تعليم،3 انگريز۽ مسلمان،4 مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار،5 وقف الال اولاد اهم ۽ اصلاحي ڪتاب آهن.

    حضرت بلبل جي اهم ڪارنامن جي وچور هن طرح آهي:_

    بلبل انهن مسلم عمائدين جي گروپ ۾ شامل هئو جن آزادي جي حصول جي راه جو تعين ڪيو. يعنيٰ سرسيد احمد خان جو گروپ جن اهو فيصلو ڪيو ته مسلمانن کي انگريزي تعليم ڏياري سرڪاري نوڪرين ۾ شامل ڪجي جيئن منجھن سياسي شعور پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ سندن اثررسوخ ۽ معاشي حالت به بهتر ٿئي ۽ پوءِ کين آزادي لاءِ تيار ڪجي. هن تحريڪ جو نالو عليڳڙه تحريڪ مشهور ٿيو.

    هن تحريڪ هر قسم جي تعليم پرائڻ تي ۽ اسڪول قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. بلبل جون تعليم جي سلسلي ۾ انجام ڏنل ڪوششون ۽ ڪاوشون ساراه جوڳيون آهن. بلبل انگريزن جي ٻولي پرائڻ جي تلقين ڪئي مگر سندن تهذيب اپنائڻ جي سخت مُخالفت ڪئي، بلبل قانون وقف الال اولاد ڪرائڻ، قانون دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ ۽ انڪم برڊ اسٽيٽ ايڪٽ پاس ڪرائڻ جو اهم مُحرڪ ٿي رهيو. پهريان 2 قانون قائد اعظم مُحمد علي جناح جي توسط سان ۽ دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ خان بهادُر حسن علي خان آفندي جي توسط سان پاس ڪرايائين. هن قانون جو مسودو بلبل جو تيار ڪيل هو ۽ پونا ڪميشن ۾ بلبل خان بهادُر حسن علي آفندي سان اجلاس ۾ گڏ ويٺل هو ۽ اهڙو قسم نامو پيش ڪيائين ته اهي سمورا انگ اکر هن پاڻ گڏ ڪيا آهن جيڪي صحيح ۽ دُرست آهن. ان بعد هي قانون پاس ٿيو ۽ سنڌسان لاڳو ٿيو. وقف اعليٰ الاولاد جي قانون پاس ڪرائڻ دوران قائد اعظم مُحمد علي جناح جون ڪيل سڀ تقريرون بلبل لکيون ۽ پاس ڪرائڻ واري ڪاروائي به لکي ۽ هڪ ڪتاب تيار ڪيو. مسٽر ولسن جي تصنيف ڪيل قانون واري ڪتاب جو هڪ چيپٽر جيڪو وقف قانون تي لکيل هو اهو به ترجمو ڪري پهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو ۽ شايع ڪرائي مُفت تقسيم ڪيائين.

    هي ڪتاب جيئن ته تمام اهم ڪتاب آهي انڪري راقم التحرير اهو ڪتاب ٻيهر ايڊٽ ڪري شايع ڪرڻ لاءِ پريس ۾ ڏنو آهي. هن ڪتاب سان گڏ ٻيا 3 ڪتاب به پريس ۾ ڏنل آهن.

    بلبل ميهڙ شهر ۾ هڪ انگريزي ميڊيم اسڪول قائم ڪيو جيڪو هن وقت گورنمنٽ هاءِ اسڪول ون سڏجي ٿو. ميهڙ جا مٽڙا ماڻهو پهنجو آواز بلند ڪري هن اسڪول تي سندس باني جو نالو لکرائڻ جو تحرڪ وٺن. اسان سنڌ حڪومت کي ڪيترا ڀيرا هن قسم جون درخواستون موڪليون آهن.

    سنڌي ٻولي جيڪا اسان هن وقت لکي رهيا آهيون اها به بلبل جي ڪوشش سان سليس ڪيل آهي، ميرن جي دءورِ حڪومت ۾ جيڪا سنڌي ٻولي لکي ويندي هئي ان ۾ پارسي جا بيشمار الفاظ شامل هوندا هُئا. اهڙي ٻولي گھٽ پڙهيل ماڻهو پڙهي ۽ سمجھي نه سگھندو هئو.بلبل کي لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ اٽڪل 10 سال رهڻ جو موقعو هڪ صحافي جي حيثيت سان مليو. ڪجھ اخبارُن جو ايڊيٽر هجڻ ڪري کيس سليس اردو زبان لکڻ تي عبور حاصل هو.بلبل سنڌي ٻولي مان فارسي جا الفاظ ڪڍي سليس سنڌي جا نج الفاظ پنهنجي تحريرن ۾ استعمال ڪري ٻولي کي سليس ۽ سلوڻو بڻائي ڇڏيو. هي تجربو ڪامياب رهيو ۽ پريس جي دُنيا ۾ انقلاب اچي ويو.

    سنڌ جا هندو وڏا سيٺ ۽ مالدار تاجر هئا،سندن واپار سڌو بمبئي مان هلندو هو. هندو سنڌ جي سياست،معيشت۽ پريس تي قابض رهيا. سنڌ گويا سندن جاگير هئي. هندن جي هستي ۽ مستي جي سامهون پهنجو الڳ مقام ٺاهڻ وارو به بلبل هو، بلبل ڄڻ ته پريس تي ڇانيل هو. 8 اخبارُن جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ سنڌ پريس جو ڏاڏو آدم ۽ سرواڻ سڏجڻ لڳو.

    سر هينري لارينس سندس مداح ۽ معتقد هو. بلبل سان ڳالهائڻ ۽ خط لکڻ وقت اڪثر لفظ “سر“ استعمال ڪندو هو.حاڪم انگريز هڪ سنڌي مسلمان کي “سر“ جي خطاب سان مُخاطب ٿئي ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي؟

    سر هينري لارينس کي ڪا مجبوري يا ضرورت نه هئي ته بلبل جي خوشامد ڪري، سر هينري لارينس حاڪم هو ۽ بلبل سندس رعيت، بلبل جي هي تعظيم ۽ تڪريم صرف بلبل جي اهليت، قابليت،ذهانت ۽ بلند اخلاق سبب هئي. بلبل ڪنهن به آفيسر کان پهنجو ذاتي ڪم يا مفاد حاصل نه ڪيو. سندس دلي دوست ايڊ ورڊ جان بولس ،ڪليڪٽر ( ضلعو لاڙڪاڻو) کيس پنج سئو ايڪڙ بهترين زرعي زمين جيڪا انڊس هاءِ وي سان لڳ ميهڙ جي نزديڪ هئي انجو گرانٽ آرڊر تحفي طور ڏيڻ چاهيو مگر بلبل قبول نه ڪيو. سندس انهي خودداري کي ڏسي کيس تعلقي ميهڙ جي بينچ مئجسٽريٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. هن عهدي تي رهي بلبل پهنجي قوم جي خدمت ڪئي. کيس خانصاحبي جو لقب به پيش ڪيو ويو جيڪو پڻ بلبل قبول نه ڪيو. بلبل مسلمانن کي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون وٺرائي ڏنيون ۽ سندن تعليم تي گھڻو ڌيان ڏنو.

    سرڪاري محڪمن ۾ مسلمانن جا ڪم نه ٿي ٿيا ان سلسلي ۾ بلبل سر هينري لارينس جي توسط سان هندستان مان بهترين مسلمان آفيسر گھرائي سنڌ جي مختلف مُحڪمن ۾ مقرر ڪرايا جن سنڌ جي مسلمانن جي وڏي خدمت ڪئي. هي سڀ آفيسر هتي رهي سنڌي ٿي ويا ۽ بلبل جي وفات بعد سندس فرزند رئيس ضياءُ الدين سان به هنن آفيسرن جو قرب جو رشتو قائم رهيو.مولوي ضياءِ الدين پوليس جي مُحڪمي ۾، عبدالمجيد صديقي هيلٿ کاتي ۾ ۽ خان صاحب محمد اسمٰعيل روينيو کاتي جا سربراه هئا. ڪراچي جو مشهور وڪيل محمد اسحاق به هنن آفيسرن جي هڪ خاندان جو فرد هو.

    بلبل جو تعارف هن طرح ممڪن نه آهي، تاهم هڪ اهم ڳالهه طرف سامعين حضرات جو ڌيان ڇڪائڻ ضروري آهي قائد اعظم محمد علي جناح توڻي علامه سر محمد اقبال شروع ۾ آزاد مسلم رياست جا حامي نه هئا. علامه سر محمد اقبال سن 1930 ۾ محسوس ڪيو ته مسلمانن لاءِ الڳ رياست هئڻ گھرجي ۽ اها ڳالهه قائداعظم محمد علي جناح سال 1940ع ۾ورجائي ورنه پهريان ڪنگريس ۾ شامل مسلم عمائدين هوم رول جا حامي هئا.هوم رول تحريڪ جا ڇوڏا بلبل لاهي هن تحريڪ کي ختم ڪري ڇڏيو.بلبل سال 1906ع ۾ هڪ پمفليٽ ذريعي آزاد مسلم رياست جي گھر ڪئي جنهن تي وقت جي حڪومت غداري سمجھندي بلبل تي مقدمو هلايوجنهن ۾ خواجه الطاف حسين حالي بلبل جو گواه هو.هي ڳالهه سيد مظهر جميل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينئروڪيل پهنجي ڪتاب جديد سنڌي ادب ۾ لکي آهي.هي ضخيم ڪتاب 1500 صفحن تي مشتمل ايوارڊ يافته ڪتاب آهي. بلبل وري ڪتاب جام جم لکي مسلمانن لاءِ الڳ ۽ آزاد مسلم رياست جي گُهر سال 1918۾ ڪئي آهي.مگر پاڪستان جي تصور جو خالق علامه سر محمد اقبال کي مڃيووڃي ٿو. هن سلسلي ۾ جناب جي _ الانه جو مضمون “ قائد اعظم محمد علي جناح“ جيڪو سماهي مهراڻ ميگزين آزادي نمبر ۾ شايع ٿيو آهي ملاحظه ڪجي.

    مون مٿي لکيل ڳالهين جي تصديق لاءِ جناب پير علي محمد راشدي صاحب، جناب ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي جي الانا جا مضمون سليڪٽ ڪري انهن جا چند جملا هيٺ لکيا آهن. مُلاحظه ڪريو:_

    جناب پير علي محمد راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب “ اهي ڏينهه اهي شينهه “ ۾ لکڻ فرمائي ٿوته هن رئيس شمس الدين کي روبرو ڪڏهن نه ڏٺو مگر جڏهن هن اکيون کوليون ته هن ڏٺو ته شمس الدين بلبل جو ڌاڪو سڄي سنڌ تي ڇانيل هو. راشدي صاحب جو چوڻ آهي ته سنڌ اندر ٻيا به گھڻا ماڻهو لکيل پڙهيل ۽ نامور هئا مگر بلبل جو ڪو به مٽ نه هو.راشدي صاحب بلبل کي سنڌ پريس جو ڏاڏو آدم مڃي ٿو ۽ وڌيڪ لکڻ فرمائي ٿو مطلب ته بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجھندڙ هو، سنڌي ٻولي جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو، ڪو ڏينهه ايندو، جڏهن ستل سنڌ ڪر ڀڃي اُٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان لاهيندي ته ميهڙ جو بي معنٰي نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکندي.

    جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضمون جيڪو ڪتاب محسن قوم جي صفحه نمبر119 تي شايع ٿيو آهي ان ۾ لکڻ فرمائي ٿو ته “ رئيس شمس الدين بلبل ( 1919_1857 ع) پهنجو دوءَر جو وڏو اديب، تعليمي اڳواڻ ، سياسي مفڪر،محب وطن، بيباڪ صحافي فارسي ۽ سنڌي جوقادرالڪلام شاعرهو ۽ رئيس شمس الدين جي نالي سان مشهور ٿيو. رئيس شمس الدين هڪ سنڌ دوست سياسي اڳواڻ هو، وقف علي ال اولاد ۽ دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ جهڙا قانون پاس ڪرائي سنڌ سان لاڳو ڪرايائين جنهن مان بلبل جي دورانديشي ۽ سياسي بصيرت نمايان نظر اچي ٿي. بلبل جديد صحافت جو سرواڻ هو، سنڌي نثر ۽ نظم جو اڳواڻ هو. سنڌ جي بدلجندڙ سماج تي تنقيد ڪيائين ۽ پنهنجي ظرافت ۽ خوش طبعي سان ان وقت جي نون انگريزي پڙهيل فيشن ايبل نوجوانن جوپنهنجي ڪلچر کان بيگانگي ڏانهن ڌيان ڇڪايائين.“

    جناب ڊاڪٽر غلام علي جي الانا صاحب پنهنجي ڪتاب “ سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکڻ فرمائي ٿو ته “ بلبل صاحب نه فقط قابل قدر شاعر هوپر بينظير نثرنويس ۽ ڪامياب صحافي به هو. “ سنڌ محمدن ايسوسي ايشن“ ۾ هن تمام گھڻي علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي. معاون خبار جي ايڊيٽر هجڻ واري زماني ۾ سندس لکيل ظريفانه ۽ فلسفيانه مضمون سڄي سنڌ ۾ ڏاڍا پسند ڪيا ويا، دراصل هن بزرگ جي جسارت ئي سنڌي نثر ۾ انقلاب آندو.سنڌ جا ڪي اهل قلم کيس سنڌ جو حالي به سڌيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هن مولانا حالي وانگر نثر توڙي نظم جي ذريعي سنڌ جي سرسيد احمد يعنٰي خان بهادر حسن علي آفندي جي مدد ڪئي. هن جي قابليت ۽ خدمت جو اعتراف ڪندي مرحوم محمد سرداريعقوب سي_آءِ_اي، سابق وزيراعظم رياست خيرپورميرس 1906ع ۾ لکيو آهي “ اسان جو اهو ارادو نه آهي ته فقط ظاهري لباس ۾ اوهان جي تعريف ڪجي مگر سچ پچ ته اوهان جي اخبار جا مضمون اهڙي سنجيدگي ۽ ڪلام جي اهڙي خوبصورتي سان سينگاريل هوندا آهن جن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھجي.

    بلبل جي مڪمل تعارف لاءِ مهنجو مُرتب ڪيل ڪتاب “ محسن قوم، شمس العلماء، ملڪ الشعراءِ سنڌ،رئيس شمس الدين بلبل“ ملاحظه ڪرڻ گھرجي. هن ڪتاب ۾ 52 مقالا ۽ مضامين سنڌ جي نامور ۽ برک دانشورن جا قلمبند ڪيل آهن. هي ڪتاب 350 صفحن تي مشتمل آهي ۽ حضرت بلبل جي تعارف جون ڪجھ تقاضائون پوريون ڪري سگھي ٿو ۽ ڪافي تصويرون پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن.

    ليکڪ :_ شمس ابن ضيا ابن بلبل

    (شمس الدين شينو ابڙو)
     
    آخري ترميم: ‏23 مئي 2019
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ثروت ابڙو

    ثروت ابڙو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2018
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43

هن صفحي کي مشهور ڪريو