• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناليوارو اديب، شاعر، دانشور ۽ محبتي انسان سائين مير محمد پيرزادو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
nE7Oq60.jpg



ناليوارو اديب، شاعر، دانشور ۽ محبتي انسان سائين مير محمد پيرزادو

مشهور گيت ڪار شاعر، مير محمد پيرزادي، 19 جون 1944ع تي ٻلهڙيجي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رحمت الله پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. هي نامياري ليکڪ انور پيرزادي جو سڳو ماسات آهي. پرائمريءَ کان وٺي مئٽرڪ تائين ٻئي گڏ پڙهيا. مير محمد پيرزادي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان 1962ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ننڍپڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي چاچي جي مدد سان سنڌ زرعي ڪاليج (ان وقت هي ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت هو) مان 1967ع ۾ بي. ايس. سي (آنرز: ايگرانامي) پاس ڪيائين. 1969ع ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت سان زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو. جتان ڪجهه عرصي لاءِ سندس ڏوڪري، سجاول، ڪوٽ ڏجي، دادو ۽ ٻين هنڌن تي بدليون به ٿينديون رهيون، پر سندس مستقل رهائش سڪرنڊ ۾ ئي رهي. مير محمد پيرزادو ’ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري‘ سڪرنڊ جو ڊائريڪٽر رهيو، جتان 20 جون 2004ع تي رٽائر ڪيائين.
مير محمد پيرزادي 1969ع ۾ شادي ڪئي ۽ شاعريءَ جي شروعات به ساڳئي سال کان ڪيائين. ٻلهڙيجيءَ جي مئخانن ۾ ٿيندڙ راڳ، جهونن جي ڪچهرين، شادي وهانءَ جي سهرن ۽ ڳيچن ٻڌڻ ڪري کيس شاعريءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيو. هن جا وڏا ٻلهڙيجيءَ جا هئا، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ توڙي حڪمت جا ڄاڻو ۽ تحصيل يافته هئا، ان ڪري اتي موجود شاهه جمال جي درگاهه جو مئخانو شروع کان وٺي علم ۽ ادب جو مرڪز پئي رهيو، جتي راڳ ۽ سنگيت جو اهو عالم هو ته الهڏني نوناري، جيوڻي ٻائي، استاد بنده علي خان، استاد منظور علي خان کان ويندي شرافت علي خان تائين سڀ سُريلا راڳي، ان مئخاني تي پنهنجي فن جا جلوا ڏيکاري چڪا هئا، جنهنڪري مير محمد جي شاعريءَ کي پختگي ملي. سندس شاعريءَ ۾ موسيقي ۽ رواني ڪمال جي آهي. گڏوگڏ کيس راڳ ۽ سنگيت جي به وسيع ڄاڻ آهي.
مير محمد پيرزادي جا ٻه شعري مجموعا ڇپيل آهن: (1) ’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ (1981ع) روشني پبليڪيـشن، ڪنڊياري پاران ڇـپـيل، (2) ’ليار نيڻن ۾ ڦٽا‘ (1999ع) مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ طرفان ڇپيل (3) ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ 2017ع سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد. شاعريءَ ۾ گيت سندس خاص سڃاڻپ رهيو آهي، جنهن ۾ هن ڪافي ڪامياب تجربا ڪيا آهن. سندس پهرئين شعري مجموعي ’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ تي سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ به ان ڪتاب کي سال جي بهترين ڪتاب طور پهريون انعام ڏنو. مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جا ٻه وڌيڪ مجموعا ۽ ٻه مضمونن جا مجموعا ترتيب ڏنل، ڇپائيءَ جا منتظر آهن. سندس ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف ”ڪلهوڙن جي دؤر جو سنڌي ادب ۽ حضرت سلطان الاولياء خواجه محمدالزمان جو مقام“ عنوان هيٺ لکيل آهي. ان کان سواءِ سندس لاتعداد سياسي، سماجي، ادبي ۽ تنقيدي مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. هن سرڪاري ملازمت دوران ڪڻڪ جي جنس ’مومل 2002‘ تيار ڪرائي، پاس ڪرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين آبادگارن ۾ پنهنجي ساک قائم رکيو اچي.
اڄ 8 2019 ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سندس ڪتاب ”ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ“ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهجي ٿو.


تفصيل انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان.


dqlXGn.jpg
 
Back
Top