اصغر علی جمالی دادو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2019۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    نظم
    اصغر علی جمالی دادو

    منهنجي عشق جي آتش اُجهي به ڪئين
    اندر پيو لڇان حال ڪنهن سُجهي به ڪئين

    جنهنجي ٽهڪن جي خوشبوء فيضائن ورتي
    منهنجي من مندر جي اها ئي هئي مورتي
    وساريان ڪيئن جن زلفن ۾ اڱريون ڦريون
    جنهن ادائون کي ڏسي رشڪ ڪن پريون
    هرڻي جي چال واري پياري کي وساريان ڪئين
    تنهن جي يادون جا پوپٽ هتي اُڏاريان ڪئين
    هو ڳالهائي جڏهن ڀٽائي جي دنبوريء جيان
    ڏور منهنجو من ٿو مچي ڪنهن کوريء جيان

    نه پنهنجو ٺڪاڻو ۽ ٻئي وڃان اجهي به ڪئين
    منهنجي عشق جي آتش اُجهي به ڪئين

    هوء ڪينجهر جي ڪناري ڇرڪي به هئي
    ڪارونجهر جي چوٽي مٿان مرڪي به هئي
    مون کي هن جي پاڪ آھي حجابن جو قسم
    سنڌ جيان پياري مون کي محرابن جو قسم
    ورا جڏهن گهٽائون کوليا ان گهٽائون جو قسم
    سونهن سڀ کان ڀلي اعقابي نگاهون جو قسم
    ها حرم جو قسم , مون کي قلم جو قسم
    ڪو نه هن جهڙو آ مون کي صنم جو قسم
    رات جي سناٽي ۾ جڏهن به سڏڪي پوان ٿو
    دڳن تي پير هن جا ڳوليندي ڇرڪي پوان ٿو

    هاڻ وار چاندي ٿيا هوء رجهي به ڪئين
    منهنجي عشق جي آتش اُجهي به ڪئين
    ڏور ان کان ٿو محسوس ائين ڪيان
    درياء وچ ۾ هجان ڪنهن لاشي جيان
    جئين جهنگلات کي وڪوڙي ٿي باھ
    وڇوڙي جي دردن ڪئي اهڙي آ ڪاھ
    ڄڻ هنُ پٽي ڪنهن پکي جا آهن پر ڇڏيا
    منهنجا احساس اڌما جڏهن ھُن ٿوڏيا
    وڇوڙي جي واچوڙي آهي اهڙو سٽيو
    پاگلن وانگر آهيان هت هُت ڏاڍو ڀٽڪيو
    عشق ۾ حال فقيري بڻايا رانجهي به ڪئين
    منهنجي عشق جي آتش اُجهي به ڪئين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو