ڊاڪٽر الياس عِشقِي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    الياس عِشقِي، ڊاڪٽر: اردو ۽ سنڌي زبانن جو ناميارو شاعر، اسڪالر ۽ اديب، ڊاڪٽر الياس عشقي، 25 ڊسمبر 1922ع تي جئپور جي هڪ علمي گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد علامه زري جئپوري، هڪ بهترين شاعر ۽ عالم هو. ڊاڪٽر الياس عشقي اردو، سنڌي ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر هو. هن 1945ع ۾ آگري يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فارسي) ۽ 1947ع ۾ ايم. اي (اردو) جون سندون ورتيون. 1950ع ۾ ريڊيو پاڪستان سان وابسته ٿيو ۽ عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين ۽ حيدرآباد ريڊيواسٽيشنجي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. هن کي فارسي، سنڌي،اردو، هنديءَ ۽ انگريزي ٻولين تي مڪمل عبور هو. 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس فارسي ڪلام جو مجموعو ”شهر آشوب“، 1949ع ۾ ملتان مان شايع ٿيو. ان کان سواءِ سنڌي شاعرن جي ڪلام جو سندس منظوم اردو ترجمو ”موج موج مهران“، انجمن ترقياردو ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيل آهي. هن کي خاص ڪري شاهه لطيف جي ڪلام تي وڏو عبور حاصل هو. هن شاهه جي ڪيترن سُرن جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، جنهن جو فارم ساڳيو سنڌي بيت وارو رکيائين. سندس ترجمو اصل ڪلام واري لذت ڏئي ٿو. هن جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”آوازِ لطيف“ مڪتبه دانيال پاران ڇپجي رهيو آهي. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ کي 14 آگسٽ 2000ع تي حڪومتپاڪستان ”هلال امتياز“ جي اعزاز سان نوازيو.سندس وفات 16 جنوري 2006ع تي سعودي عرب ۾ پُٽ وٽ ٿي، جتان سندن ميت کي آڻائي حيدرآباد سنڌ ۾ دفن ڪيو ويو.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الياس عشقي : وهه ماکي جي ڪن

    ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

    الياس عشقي هڪ شاعر هو. هن جي مزاج، هن جي رويي، هن جي دل، هن جي حساسيت، هن کي ساري سڀ ڄمار نج پج شاعر ئي رهڻ ڏنو. جيتوڻيڪ وڏيءَ عمر ۾ هو تحقيق ڏانهن پڻ نهايت سنجيدگيءَ سان ويو، هن پي ايڇ ڊي به ڪئي. هو سنڌ جي انهن چند خوش نصيب ماڻهن منجهان هو، جن کي ساڳئي وقت گهڻين ٻولين تي عبور هو. فارسيءَ ۾ ڪيل سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”شهر آشوب“ ڇپيل آهي، جيڪو فارسيءَ تي سندس دسترس کي ظاهر ڪري ٿو. جديد سنڌي شاعريءَ جي چونڊ شاعرن جو اردوءَ ۾ ڪيل بهترين ترجمو ”موج موج مهراڻ“ ترجمي کان وڌ تخليق ڀاسي ٿو، جنهن جو بنيادي ڪارڻ عشقي صاحب جو سنڌي ٻوليءَ تي عبور هو. ان ترجمي جو ڪمال اهو آهي ته سنڌي شاعريءَ جو اردو شاعريءَ ۾ ترجمو ڪندي، بحر وزن کي قائم رکندي به، سنڌي شعر جي منظوميت ۽ معنويت کي ڇيهو نٿو رسي، شعر جو روح ضربجي نٿو. الياس عشقيءَ نه رڳو سنڌي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو، پر هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام خوبصورت شاعري پڻ ڪئي. هن جو شعري آهنگ، سنڌي ٻوليءَ تي سندس دسترس، خوبصورت خيال کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمائڻ ۽ خود سنڌي شاعريءَ جي مختلف صنفن ۽ انهن جي مختلف مزاج پٽ-اندر انهن صنفن کي ورتائڻ جو هنر، خوبصورت خيالن کي تز سنڌي ٻوليءَ ۾ سمائڻ جو حسن، سنڌ ۽ سنڌيت سان عشقيءَ جي عشق جو دليل آهي.
    ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن سندم سائين امداد حسيني ”مهراڻ“ (ٽه ماهي) جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، تڏهن ان دور ۾ امداد جي چوڻ تي الياس عشقيءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت انيڪ تحقيقي مقالا پڻ لکيا هئا. دوهي، سورٺي ۽ بيت جي فني ٽيڪنڪ بابت الياس عشقيءَ جي راءِ نهايت معتبر ۽ مستند تسليم ڪجي ٿي. هُو جو دوهي ۽ سورٺي جي ديس جو ماڻهو هو. جئپور هن جي جنم ڀومي هئي. جئپور ۽ جوڌپور جيڪي قديم سنڌ جا ماڳ مڪان آهن. شاندار سڀيتا ۽ لازوال لوڪ گيتن جي ديس- راجسٿان جا شاندار شهر.
    راجسٿان قديم سنڌ جي لوڪ ڪٿائن، ڳاٿائن، ڳيئن، ڳيچن جو ديس آهي، ان حساب سان الياس عشقيءَ پاڻ کي سدائين ”سنڌي“ سمجهيو. هو دل سان هڪ ”سنڌي“ هو. اهو ئي سبب هو جو هن رٽائرمينٽ کان پوءِ مستقل رهائش لاءِ سنڌين جي نئين آباديءَ قاسم آباد ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اتي پنهنجو آشيانو اڏيو. زماني جي ستم ظريفي چئجي يا سياست جون ڪارستانيون چئجن، جو هڪ ”سنڌ جي سچي پچي سڄڻ“ کي ڀڳل دل سان سنڌين جو پاڙو ڇڏڻو پيو! صرف ان ڪري جو هن جي گهرُو ٻولي سنڌي نه هئي. ته ڇا ڪو انگريزي ڳالهائيندڙ سنڌي نٿو ٿي سگهي؟ ته ڇا ڪو سرائيڪي ڳالهائيندڙ سنڌي نٿو ٿي سگهي؟ ته ڇا ڪو عربي ڳالهائيندڙ، ڪو فارسي ڳالهائيندڙ، ڪو روسي ڳالهائيندڙ سنڌي نٿو ٿي سگهي؟ ان وقت، ان وسنديءَ مان ڪو هڪڙو شخص به اهڙو نه اُٿيو، جيڪو اهو چئي ته ”عشقي ته شاهه لطيف جو عاشق آهي، ان جو شارح آهي. عشقي سنڌي ٻوليءَ جو سڄاڻ شاعر آهي. هن کي لڏائڻ لطيف کي لڏائڻ آهي.“ پر خود لطيف کي به ته لڏايو ويو هو، سندس ئي جنم ڀوميءَ تان!
    هو هُتان کان هِت آيو هو، پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ هو ”مهاراجا ڪاليج جئپور“ ۾ پڙهيو هو، آگري يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪيائين. اردوءَ ۾ ايم اي کان پوءِ اتي ئي مهاراجا ڪاليج جئپور ۾ اعزازي طور پڙهايائين. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ اچي رهيو ۽ اتي ڪجهه عرصو سرڪاري اسڪول ۾ پڙهايائين. ۱۹۵۰ع کان ريڊيو پاڪستان سان منسلڪ ٿيو. هي اُهو دور هو جڏهن زيڊ اي بخاريءَ جهڙو يڪتا براڊ ڪاسٽر، ريڊيو جو سرواڻ هو ۽ زيڊ اي بخاري ڪڏهن به ڪنهن کوٽي سِڪي کي ڪو نه اگهايو. الياس عشقي، ريڊيو تي پروگرام پروڊيوسر جي حيثيت سان آيو. پهرين اسسٽنٽ ريجنل ڊئريڪٽر ۽ بعد ۾ اسٽيشن ڊئريڪٽر جي حيثيت ۾ مختلف شهرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. ۱۹۸۲ع ۾ ڪنٽرولر آف پروگرامز جي عهدي تان اسلام آباد مان رٽائر ٿيو.
    اسين پڇاڙيءَ تائين باقاعدگيءَ سان ساڻس ملڻ ويندا هئاسين. هو سدائين گهڻي محبت ۽ اُڪير سان ملندو هو.
    هو اسان سان سدائين سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسان جي ڪچهري هلندي هئي. هن سان ملڻ وڃبو هو، ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو. انڪري ڪيترا ئي ڀيرا اسان کي پنهنجن هٿن سان پنهنجي وزيٽنگ ڪارڊ تي لکي اماڻيندو هو ته؛ ”ادراڪ“ جي گڏجاڻي ۾ اچجو. ۽ اچڻ لاءِ فونون ڪندو هو ۽ اسين سدائين سندس دعوتن تي چوندا هئاسين؛ ”اکين سان!“
    ياد اٿم جڏهن ٽن ساڍن ٽن سالن جي تڪليفده انتظار کان پوءِ امداد جو مجموعو ”هوا جي سامهون“ ۲۰۰۰ع ۾ نيٺ ڇپجي آيو، تڏهن مون ئي چيو هو ته: امداد سان ڪا شام ملهائجي. هن کي Tribute ڏجي. امداد ته as usual منع ڪيو هو ۽ چيو هو ته؛ ڪهڙي ضرورت آهي؟ پر بهرحال مون اهڙو پروگرام ٺاهيو ۽ جڏهن پيپر پڙهڻ وارن جا نالا لکيم، تڏهن مون مهورت-ڪار لاءِ الياس عشقيءَ جو نالو سوچيو، پر عشقي صاحب جي وڏي عمر، طبيعت جي ناچاقيءَ جو سوچي اهو خيال لاهي ڇڏيم. پر فنڪشن کان ٽي ڏينهن پهرين امداد کي چيم ته: عشقي صاحب کي دعوت ضرور ڏيون، نه ته هو ڏک ڪندو. ڪهڙي خبر ته هن جو اچڻ جو من هجي. سو، وٽس هليا وياسين. هو اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته؛ آءٌ ضرور ايندس ۽ ڪتاب جو مهورت به آءٌ ئي ڪندس. سو، کيس چيوسين ته، هو ڪتاب جي مهورت ڪري ڀلي هليو وڃي، سندس دعا جا قدم به ڀلا. هو آيو ۽ پنهنجي گهر واريءَ سوڌو آيو. سڀئي مُک مهمان ۽ پيپر پڙهندڙ اسٽيج تي پنهنجين پنهنجين ڪرسين تي ويهي چڪا هئا. اوچتو سامهون دروازو کليو ۽ الياس عشقيءَ جي چهري جو سورج اُڀريو. مون ۽ امداد هيٺ لهي وڃي سندن آڌرڀاءُ ڪيو ۽ عشقي صاحب کي اسٽيج تي وٺي آياسين. الياس عشقيءَ ڪتاب جو مهورت ڪيو، ۽ چيائين ته؛ آءٌ ڳالهائيندس به. مائيڪ اُتي ئي ٽيبل تي آندا ويا. ۽ عشقي صاحب ذري گهٽ ڪلاڪ کن ڳالهايو، بنان ڪنهن پني جي، محض پنهنجي يادداشت جي بنياد تي. هن جي ڪيل ان تقرير جا ابتدائي لفظ هئا:
    ”منهنجي حالت اهڙي ڪانهي جو ڪا وڏي تقرير ڪري سگهان، پر بيمار هئڻ جي باوجود اچي حاضر ٿيو آهيان، جو تقريب اهڙي آهي، اهڙي دوست جي آهي، اهڙي ڪتاب جي آهي، جو رهي نه سگهيس.“
    هو ان بيماريءَ جي حالت ۾ به ڪتابن جي دُڪانن تي ويندو هو ۽ پنهنجي پسند جا ڪيئي ڪتاب وٺي ايندو هو. جيسين پڙهي ٿي سگهيو، تيسين پاڻ پڙهندو هو. جڏهن پڙهڻ کان رهجي ويو، تڏهن سندس دوست ۽ ڌيئر کيس پڙهي ٻڌائيندا هئا. آخري عمر تائين سندس يادداشت بنهه چٽي هئي. ۱۸- نومبر ۲۰۰۰ع جي ان شام هن هڪ اهم ڳالهه ڪئي هئي، هن چيو:
    ”مون کي فخر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي ٽي جديد شاعر آهن: اياز، تنوير ۽ امداد- ٽنهي سان منهنجي دوستي رهي آهي. ٽنهي سان گهڻي ويجهڙائي رهي آهي. پر اياز ۽ تنوير جو آءٌ احترام ڪندو آهيان، پر امداد سان مان محبت ڪندو آهيان، امداد منهنجي خيال ۾- ڪي ماڻهو ٿي سگهي ٿو مون سان اتفاق نه ڪن- پر منهنجو اهو خيال آهي ۽ مون کي پڪ آهي ۽ انهيءَ چوڻ ۾ مون کي ڪا به هٻڪ ڪانهي ته امداد سنڌي شاعريءَ جو پهريون ۽ اڄ تائين آخري جديد شاعر آهي. اياز وڏو شاعر آهي. تنوير دوست شاعر آهي، پر انهن ٻنهي شاعرن کي مان جديد شاعر نٿو سمجهان. هي روايتي شاعريءَ جا تمام وڏا شاعر آهن. هنن جو ڪو مَٽ ڪونهي ڪو. هنن جو نالو سنڌي شاعريءَ جي سونهري تاريخ ۾ لکبو، پر مان جيڪا ڳالهه ڪريان ٿو ته امداد جديد شاعر آهي. هن ۾ مون اهڙي ڳالهه ڏٺي آهي جيڪا ڪنهن به سنڌي شاعر ۾، نه هتي پاڪستان ۾ ۽ نه هندستان ۾ ڪنهن وٽ مون ڏٺي آهي.“
    ۽ پڇاڙيءَ ۾ عشقي صاحب پنهنجو ئي ترجمو ڪيل امداد جو نظم ”حملو“ پڻ ٻڌايو هو ۽ چيو هو ”جيڪو نظم اردو ترجمي ۾ اچي ايترو Forceful ٿي سگهي ٿو، اهو نظم سنڌيءَ ۾ ڪيڏو نه جاندار هوندو!“
    الياس عشقي ۸۵سالن جي طويل ڄمار ماڻي. ان ڄمار جو هر پل هن علم جي راهه ۾، شعر ادب جي راهه ۾ سجايو ڪيو. هو جو هڪ عالم باعمل هو، ان جي عظمت جو اندازو اسين هن جي ڪسر نفسيءَ مان ڪري سگهون ٿا، ته ايترو ڄاڻڻ جي باوجود هن پاڻ لاءِ اهو ئي چيو ته: ”هن ڪجهه نه ڄاتو!“ سندس وفات کان هڪ سال اڳ يعني جنوري ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيل پنهنجي شعري مجموعي ”گنبد بي در“ ۾ پهريون ئي جملو هو پاڻ بابت لکي ٿو ته:
    ”مين خود کو شاعر اور اديب نهين سمجهتا، ميري شاعري کي مجموعي بعض احباب ميري مرضي کي خلاف شائع کر رهي هين. انهين اختيار هي. دوستون کا بڙا حق هوتا هي، اور پهر ميري تحريرون کو مجهه سي زياده انهون ني محفوظ رکها هي.... پر تجربي کي بعد يهي معلوم هوا که شاعري ”چيز دگر است“ ايک آنچ کي کسر ره جاتي هي اور اسي ايک آنچ کو شاعري کهتي هين، جو هر عهد مين گنتي کي چند افراد کا مقدر هوتي هي.“
    هو وڌيڪ لکي ٿو: ”شاعري کي کوئي حتمي تعريف نهين هي بجز اس کي که سنتي اور پڙهتي هي معلوم هوجاتا هي که شاعري هي يا نهين. حقيقت يه هي که ”شاعري يا هوتي هي يا نهين هوتي“ بڙي همت شکن بات تهي مگر سمجهه مين آگئي.“
    ڪاش! اها ڳالهه اسان جي ”اَ شاعرن“ کي به سمجهه ۾ اچي، جيڪي هروڀرو شاعر هجڻ تي ضد ٻڌيو بيٺا آهن!
    الياس عشقيءَ پنهنجون تحريرون، پنهنجا شعر نه سنڀاليا. پر پاڻ دنيا جي بهترين ادب جا ڪتاب چونڊي چونڊي ڪٺا ڪيائين. انهن کي ساهه سان سانڍيائين. هر ڪتاب تي تاريخ درج ڪندو هو. پاڻ ڪَور چاڙهيندو هو، ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان سانڍيندو ۽ سنڀاليندو هو. هر ڪتاب پڙهندو هو. انهن تي حاشيا لکندو هو. پنهنجي وڃڻ کان اڳ ۾ ئي اهي سڀ ڪتاب ٽرڪ ڀرائي، ملتان جي هڪڙي لائبريريءَ کي ڊونيٽ ڪري ڇڏيائين ۽ گهر وارن کي به ڪو نه ٻڌايائين. سندس ڌيئرن ڪتاب وڃڻ وقت جڏهن چيو ته ”ڇو ڏنوَ؟“ ته چيائين: ”اهي ڪتابن کي سنڀاليندا ۽ مون جيان ئي پاٻوهه منجهان سانڍي رکندا.“ الياس عشقي پاڻ ته پنهنجي شاعري ڪانه سنڀالي، پر شابس هجي سندس دوستن محمود صديقيءَ ۽ ٻين کي جن ان کي سنڀاليو. هونئن نه ته ايڏا خوبصورت شعر ائين ئي وکريل رهن ها، ضايع ٿي وڃن ها.
    هن سنڌيءَ ۾ بيت جهڙي ڏکي ۽ نج سنڌي صنف ۾ نهايت خوبصورت شاعري ڪئي. ”سر سارنگ“ جو حوالو رکندڙ سندس ۲۱سٽن جو هڪ بيت، سنڌي بيت جي تاريخ ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو:

    آئي مُندُ ملهار جي، سائو ٿيو سنسار،
    ولين ۽ وڻن ڪيا، سورنهن اڄ سينگار،
    ٻهه ٻهه ٿي برسات ۾، برهه بوند بهار،
    هليا مينهن وساوڙا، کليا کٽڻهار،
    اُتر واءُ وري، وري سرها ٿيا سنگهار،
    وٺا ٿر ۾ وڏ-ڦڙا، ٿيا تَل ترايون تارِ،
    مُئي مارئي ڪوٽ ۾، نڪا سار سنڀار،
    ڏنا سِڪ پرين جي، دل کي درد هزار،
    ڪينجهر پاسي کان اُٿيا، ڪڪر ڪارونڀار،
    ڪنهن نوريءَ جي نياز کان، ٿيا نظارا نروار،
    رهي سدائين سِڪ جي، من ۾ ساجن سار،
    وريا نه وڻجارا ويل، جوڳي ڪنهن جا يار،
    من ۾ مچ مچائي ٿي، پرين جي پچار،
    مارُن جو من مگن ٿيو، وسيا سڀ ولهار،
    چانڊوڪي ٿي چيٽ جي، چؤڏس ۽ چؤڌار،
    رسيا پرين پرڏيهه کان، کِلي ڪن کيڪار،
    ساجن سڀ قبوليا، وسريل قول قرار،
    ملڻ سان محبوب جي، هِنيون ٺري ويو ٺار،
    منهنجو من ويو موهجي، ڀُلجي وئي ميار،
    ويو ڊپ ڏهاڳ جو، لٿو برهه جو بار،
    مٺڙا! سڀ ڄمار، تنهنجي ٻانهي ٿي رهان.

    سندس شاعري سنڌي ڪلاسيڪي روايتن جو رنگ پسائي ٿي. هن جي رڳو ان هڪڙي بيت ۾ سنڌ جا سهسين رنگ چٽيل آهن. هن جي اردو شاعريءَ ۾ پڻ لاشعوري طور ننڍي کنڊ جي شاعريءَ جو مقامي رنگ ۽ مٽيءَ جي مڻيا نمايان آهي. جيتوڻيڪ هو فارسي ٻوليءَ تي دسترس رکندو هو ۽ فارسيءَ ۾ هن ”شهر آشوب“ پڻ لکيو، پر پوءِ به هن پنهنجي اردو شاعريءَ کي فارسي رنڱ ۾ ڪو نه رنڱيو. هن ڳرا فارسي لفظ استعمال ڪرڻ کي، قابل فخر ڪو نه سمجهيو. هن سادا سودا آسان ۽ عام لفظ، فقرا، اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ استعارا پنهنجي جڙ مان پنهنجي اصل کان ئي کنيا. سنڌي ٻوليءَ سان سندس محبت سندس لکيل اردو شاعريءَ مان پڻ پڌري ٿئي ٿي. هن جي هڪ انتهائي خوبصورت ۽ يڪتا غزل جو رديف ”سائين“ آهي. ان ۾ سنڌ جو صوفي رنگ جهلڪي ٿو:

    ”جتنا جس کو گيان هي سائين،
    اتنا وه حيران هي سائين،
    تن تو هي مايا کي چهايا،
    من کي دولت گيان هي سائين،
    سب کو اس مين مل جانا هي،
    يه مڻي کا مان هي سائين،
    کيون جنگل کي خاک اڙائين،
    گهر کيا کم ويران هي سائين،
    هم جوگي محروم هي اچهي،
    درشن بهي گردان هي سائين،
    تيري در تک لي آئي هين،
    پاؤن کا احسان هي سائين.“

    ان ريت سندس هڪ سنڌي غزل ۾ پڻ ”سائين“ لفظ رديف طور اچي ٿو. الياس عشقيءَ جي هن غزل ۾ ”مارئيءَ جو هنجون هارڻ“، ”دودي جو شهيد ٿيڻ“ جهڙا نج سنڌي استعارا به ملن ٿا ته ڌرتيءَ سان پنهنجي حب کي اظهاريندي هو ”ڌرتيءَ جي هر ذري کي آڪاس جي تاري“ سان تشبيهه ڏئي ٿو. مهراڻ ۳/۱۹۷۰ع ۾ ڇپيل ان غزل جا ڪجهه چونڊ شعر آهن:

    ”اڄ ملڪ مڙوئي منصور ٿيو، ڪيڏانهن اشارو آ سائين!
    اڄ سڏ ٿيو آ سوريءَ جو، چؤ ڪنهن جو وارو آ سائين.
    جي روشن روشن لفظ لکي، مون اونداهيءَ ۾ نور ڀريو،
    ڪن ماڻهن وٽ تن لفظن جو، هر اکر ڪارو آ سائين!
    سمجهي ته ڏسو، پرکي ته ڏسو، پو چنڊ جي دنيا ڏانهن هلو،
    هن ڌرتيءَ جو هر ذرو ئي آڪاس جو تارو آ سائين!
    هي ٿر ۾ مينهن وٺو آهي يا مارئي هنجون ٿي هاري،
    هي رت ڦڙو آ دودي جو يا مينهن وساڙو آ سائين!
    او مٺڙا جئين سدائين تون، دل وارا ٻيا به گهڻا ئي پر،
    جو نينهن تي گهوري جان ڇڏي، ڪو عشقيءَ پارو آ سائين“

    سو اهي، عشقيءَ پارن جا ئي پار آهن، جن پنهنجي سموري زندگي روشن روشن لفظ لکندي گذاري. طوفانن سان سينو ساهيندي، ڌرتيءَ جي هر ذري کي آڪاس جي تاري بڻائڻ لاءِ پنهنجي روح جي روشني ڀيٽ ڪئي. اڄ هو پاڻ آڪاس تي لکها ڪروڙها تارن جي وچ ۾ هڪڙو تارو بڻجي چمڪي پيو.
     
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو