هڪ غير معمولي چيف جسٽس جيرٽائرمينٽ!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪو چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمينٽ تي پهچي چڪو آهي.سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪن جج صاحبان مان اٺن کي ايندڙ وقت ۾ چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ جو موقعو ملندو.آئين موجب سپريم ڪورٽ جي جج جي رٽائرمينٽ جي عمر جي حد 65 سال مقرر ٿيل آهي ۽ چيف جسٽس جي رٽائيرمينٽ بعد سينئر ترين جج کي چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ڪيو ويندو آهي. سپريم ڪورٽ جي ججن جي سينارٽي لسٽ مطابق اٺن ججن صاحبان کي ترتيبوار چيف جسٽس آف پاڪستان بنجڻ جو موقعو نصيب ٿيندو جن ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا،مسٽر جسٽس گلزار احمد،مسٽر جسٽس عمر عطا بنڌيال،مسٽر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ،مسٽر جسٽس اعجاز الاحسن،مسٽر جسٽس منصور علي شاهه،مسٽر جسٽس منيب اختر ۽ مسٽر جسٽس يحيٰ آفريسي شامل آهن.

    ماضيء ۾ ملڪ جي تيزيء سان بدلجندڙ صورتحال سان گڏوگڏ آئيني اداري سپريم ڪورٽ ۾چيف جسٽس جي تبديليء به اهم ڪردار ادا ڪيو.انهن لاهن چاڙهن سان پيدا ٿيندڙ لوڏن جو اثر سياست، فوج،عدليا،حڪومت،عوام مطلب تي زندگيء جي هر شعبيتيمحسوس ڪيو ويو.جسٽس ناصرالملڪ 6 جولائي 2014ع کان 17 آگسٽ 2015ع تائين چيف جسٽس آف پاڪستان رهيو جڏهن ته جسٽس ايس خواجا 17 آگسٽ کان 10 سيپٽيمبر 2015ع تائين اها ذميداري نڀائي جنهن کان پوء جسٽس انور ظهير جمالي 10 سيپٽيمبر 2015ع کان 31 ڊسمبر 2016ع تائين ان پروقار عهدي تي رهيو.جنهن کان پوء جسٽس ميان ثاقب نثار اهو عهدو سنڀاليو هو جيڪو 17 جنوري تي رٽائر ٿي رهيو آهي.پنهنجي انهيء چيف جسٽس واري حيثيت جي دور ۾ مختلف عوامي طبقن طرفان سندس ڪم ۽ ڪارڪردگيء کي وڏي پيماني تي ساراهڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي حلقن سندس جوڊيشل اڪٽيوزم واري ڪردار جي حوالي سان کيس سخت تنقيد ۽ الزامن جو به نشانو بنايو.هڪ تقريب ۾ تقرير دوران ميان ثاقب نثار جو چوڻ هو ته هاڻي ججن جوبه احتساب ٿيندو..ڪم نه ڪندڙ ججن خلاف به آرٽيڪل 209 لاڳو ٿيندو...ڪيسن جا جيڪي ڍير لڳل آهن انهن کي وقت سر نٿو نبيريو وڃي...عام ماڻهوء کي انصاف نٿو ملي،قانون بدلائڻا پوندا..ماڻهو رڙيون ڪري مري وڃن ٿا پر کين انصاف نٿو ملي. محترم چيف جسٽس اهي سڀ ڳالهيون ان وقت ڪيون آهن جڏهن هو پاڻ رٽائر ٿي رهيو آهي.جيڪر جناب ثاقب نثار ٽي سال پهرين پنهنجي ماتحت عدالتي نظام ۾ موجود نمايان ڪمزورين طرف پوريء طرح ڌيان ڏئي ها ۽ انهن جي تدارڪ جي شروعات ڪري ڏئي ها ته هيستائين گھڻو ڪجهه درست ٿي چڪو هجي ها.جناب ثاقب نثار پنهنجي ٽن سالن جي عرصي ۾ ريڪارڊ انگ ۾ سو موٽوز نوٽيسز ورتا ۽ ان معاملي ۾ پنهنجن پوين چيف جسٽسز کي پوئتي ڇڏي ڏنو پر هاڻي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو پيو وڃي ته سوموٽوز ايترو موثر ثابت نه ٿيا. ڇو؟ عدالتي ايپروچ ۾ ڪهڙي خامي هئي جنهنجو شروع ۾ جائزو نه ورتو ويو؟ جناب ثاقب نثار کي اهو پڻ جائزو وٺڻ گھرجي ته 15 ڊسمبر 2017ع کان اڄ تائين جيڪي هن مختلف اسپتالن جا دورا ڪيا انهيء سان اسپتالن جي خراب حالتن ۾ ڪهڙو سڌارو آيو؟سندس انهن دورن سان تڙپندڙ مريضن کي بروقت ۽ سستو علاج ۽ ٻيون سهولتون مهيا ٿيڻ ۾ ڪهڙي مدد ملي؟ تنهن هوندي به مجموعي طور تي ميان ثاقب نثار جي سپريم ڪورٽ جي سربراهيء وارو عرصو جرئت،بهادري،دليري ۽ حوصلي جي علامت طور ضرور ياد رکيو ويندو.هن ٻيو ڪجهه ڪيو هجي يا نه پر ملڪ جي طاقتور ترين مافياز جي ڳچين ۾ ضرور هٿ وڌا آهن.ادارن ۾ ٿيندڙ زبردست ڪرپشن جي مجرمن کي جيڪر اڃا ڪا جوڳي سزا نه به آئي آهي تڏهن به ايترو ضرور ٿيو آهي ته ڪرپشن جون حيرتناڪ ڪهاڻيون دنيا ۽ عوام سامهون ضرور آيون آهن.پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙ آبادي جن مان اٽڪل اڌ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن اهي جڏهن ماچيس جو هڪ دٻي به خريد ڪن ٿا ته ان تي به ٽيڪس ڀرڻو پوي ٿو.غريب عوام جي خون پگھر سان گڏ ڪيل اها رقم جڏهن حڪومتي خزاني ۾ پهچي ٿي ته اتي ويٺل سياسي ٺڳ ۽ سندن سرڪاري منڊليون انهيء جي ونڊ ورڇ شروع ڪيو ڏين اهڙيء طرح گذريل ستر سالن کان ملڪ ۾ اهو ئي ڌنڌو ٿيندو رهيو آهي ۽ انهيء ئي طريقي سان انهيء اشرافيا ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجون اڻ ڳڻيون اربن جون جائدادون جوڙيون آهن.پنهنجن نالن سان گڏوگڏ پنهنجن ٻارن جي لاء به انهن ايتري ته ناجائز دولت ۽ بينڪ بينلنس گڏ ڪيو آهي جو جيڪر اهي پوري زندگي بنان ڪجهه ٻيو ڪرڻ جي ان تي عياشي ڪندا رهن تڏهن به اهي خزانا ختم نه ٿي سگھندا.جڏهن ته عوام ستر سالن گذرڻ بعد به اڄ به گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي.انهن نام نهاد سياستڪارن توڙي غير جمهوري حڪمرانن پوري نظام کي ئي ايترو ته ڪرپٽ بنائي ڇڏيو جو ايماندار،محب وطن ۽ ملڪ ۽ عوام جي خدمت جو جذبو رکندڙ ماڻهو حڪمرانن جي اکين جا ڪنڊا بڻجي ويا.ننڍن ننڍن نااهل عهديدارن کي ڳولهي ڳولهي وڏن ۽ اهم عهدن تي لڳايو ويو ته جيئن انهن کي پنهنجن سمورن ناجائز حڪمن تي هيٺ ليٽائي سگھجي. ميرٽ کان هٽي ڪري مقرريون ڪيون وييون.جڏهن چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نشتر ميڊيڪل ڪاليج جي مقرريء وارو ڪيس ڏٺو ته هو اهو چوڻ تي مجبور ٿيو ته ڇا انسانن جي ڪاليج کي جانورن جو ڊاڪٽر هلائيندو؟اهو ته رڳو هڪ مثال آهي،پنجاب توڙي پوري ملڪ ۾ اهڙا انيڪ معاملا سامهون آيا جن جو چيف جسٽس نوٽس ورتو ان کان سواء پنجاب ۾ اڳوڻي وزير اعليٰ طرفان جوڙيل جعلي ڪمپنين کي به سامهون آيون جتي عوامي خدمت جي آڙ ۾ پنهنجا دادلا آفيسر وڏين وڏين پگھارن تي ويهاري عوام جا اربين روپيا هضم ڪري ڇڏيا ويا. ميرٽ کان هٽي ڪري مقرر ٿيل ۽ خادم اعليٰ جي خاص دوست احد چيما جا ڪيئي ڪارناما به عوام آڏو آيا جوعقل دنگ رهجيو وڃي.هڪ اهڙو سماج جتي ڪرپشن.بدديانتي،نااهلي،اقربا پروري،رشوت ۽ سفارش ماڻهن جي نس نس ۾ رچيل هجي اتي ڪنهن هڪڙي شخص کان اها اميد رکڻ ته اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندو ڪنهن چريي جي خواب سواء ٻيو ڪجهه به ناهي تنهن هوندي به هڪ ننڍڙي عرصي ۾ ميان ثاقب نثار چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت ۾ جيڪي خدمتون ۽ محنتون سرانجام ڏنيون آهن انهن کي ضرور ياد رکيو ويندو.

    9 جنوري 2018ع تي قصور سان تعلق رکندڙ ڇهن سالن جي معصوم زينب کي جنسي ڏاڍائيء جو نشانو بنائڻ بعد کيس دردناڪ انداز ۾ قتل ڪيو ويو،حڪومت ان معاملي ۾ بهانا بازين کان ڪم وٺندي رهي .چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي پاڻمرادو نوٽس وٺڻ جي نتيجي ۾ تڪڙو انصاف مهيا ٿيو ۽ نون مهينن جي عرصي ۾ سمورو قانوني عمل مڪمل ٿيندي ڏوهاريء کي ڦاهيء تي لٽڪايو ويو.هڪ عيسائي عورت آسيا بيبي کي گذريل سال جي آخر ۾ انصاف پلئي پيو جڏهن هن کي توهين رسالت جي مبينا الزام هيٺ هڪ ڊگھي عرصي تائين جيل ڪاٽڻ بعد سپريم ڪورٽ طرفان باعزت بري ڪيو ويو.توڙي جو ملڪ جي ڪيترن ئي مذهبي طبقن طرفان سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي سخت تنقيد جو نشانو به بنايو ويو. سائوٿ وزيرستان سان تعلق رکندڙ 27 سالا ماڊل نوجوان نجيب الله محسود جو ڪيس اڃا اڌ ۾ ٽنگيل آهي.هن کي ڪراچيء ۾ 13 جنوري 2017ع تي هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو.هن جي ڪٽنب ان وقت جي ملير جي ايس ايس پي رائو انور تي ڄاڻي واڻي نجيب کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو.اڳوڻي وزير اععظم،سندس ڌيء ۽ سندس ناٺي پڻ گذريل سال آمدنيء کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي ڏوهه ۾قانون جي لوهي وڪڙ ۾ آيا.اڳوڻي وزير خزانا ۽ سندس ڪٽنب جي ڪيتري ئي جائيداد سندس عدالتن ۽ احتساب ادارن سامهون پيش نه ٿيڻ ڪري منجمند ڪئي ويئي .هڪ اڳوڻو صدر ۽ سندس ڀيڻ به ڪرپشن،مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس جي الزامن هيٺ جاچ کي منهن ڏيئي رهيا آهن. اهڙيء طرح هڪ اڳوڻو وڏو وزير ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن هيٺ قيد ۾ آهي جڏهن ته سندس پٽن توڙي ناٺيء کي به ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.هڪ اڳُوڻو وفاقي وزير ۽ سندس ڀاء به ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ کين هڪ ريئل اسٽيٽ اسڪيم ۾ مبينا گھپلن متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي پيئي وڃي.انهي سموري صورتحال ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون به پنهنجي وقت ٿي ٿي چڪيون آهن جنهنجو ڪريڊٽ به سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار کي ڏنو وڃي ٿو. جيڪر انهن سمورن معاملن جو غور سان جائزو وٺجي ته انهن توڙي ٻين اهم عدالتي،قانوني ۽ جاچ معاملن ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جو ڪردار ڪٿي واضح ته ڪٿي هلڪو ضرور نظر اچي ٿو.هو هر وقت ۽ هر هنڌ موجود رهيوآهي.رائو انور کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سامهون پيش ٿيڻ لاء مڪمل سيڪيورٽيء جي ضمانت ڏيڻ کان زينب قتل ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ تائين،آسيا بيبيء جي بريت کان اعليٰ حڪومتي ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ بدديانتيءخلاف قدم کڻڻ تائين،اليڪشن ڪميشن کي وقت سر شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي حڪمن کان سرڪاري زمينن تان ناجائز قبضا ختم ڪرائڻ تائين توڙي جو انهن حد دخلين جي خاتمي جي رستي ۾ ڪيترن ئي مسڪينن ۽ بي پهچن جا گھر ۽ دوڪان به اجڙي ويا.هن هڪ وڏي صوبي جي وڏي وزير کي به ڪنهن پوليس عملدار جي غير قانوني بدليء جي ڏوهه ۾ عدالت ۾ حاصري ڀرائي ورتي بلڪه وڏا وڏا صحافي،ميديا هائوسز جا مالڪ،ڪنسٽرڪٽر ۽ بلڊر،بينڪار،صنعتڪار،سياستدان ۽ چوٽيء جا عملدار به سندس ڪورٽ اڳيان ڪيئي ڀيرا ڪنڌ نوائي ٻاهر نڪتا.هن بنان وقفي جي اسپتالن ۽ عوامي خدمت جي ادارن جا ايترا ته دورا ڪيا جو شايد ڪنهن ٻئي جي وس جي ڳالهه ئي نه هجي.هن اهو به ڏٺو ته اسپتالن ۾ عام مريضن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو به ڏٺو ته جيلن مان بيماريء جو ڊرامو ڪري جيڪا اشرافيا اسپتالن ۾ پناهه وٺي ٿي انهن سان ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿين ٿيون.هن ٻين ادارن سان گڏ پنهنجي ماتحت ڪورٽن جا به دورا ڪيا.پيئڻ جي پاڻيء جا فلٽر پلانٽ به پاڻ چڪاس ڪري ڏٺا.هن منرل ڪمپنين توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۽ اسپتالن جي مافيا کي به عدالت آندو ۽ گھڻن جا دماغ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.ملڪ ۾ پاڻيء جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاء وڏن ڊيمن جي اڏاوت به سندس مشن ۾ شامل رهي جنهن معاملي ۾ هن جي حصي ۾ تعريف سان گڏ ڍير ساري مخالفت به آئي.بهرحال پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پاڪستان جي تاريخ ۾ ضرور ياد رکيو ويندو،تعريفي ۽ توصيفي حوالي سان به ته تڪراري ۽ تنقيدي نڪته نگاه کان پڻ!

    ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو