سائين منظور صاحب جي پهرين وک *ڏاهي م ٿيان* ۾ سماجي اوڻاين جا چٽا عڪس۔

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ محمد طارق مهيسر طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2019۔

  1. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    سائين منظور صاحب جي پهرين وک *ڏاهي م ٿيان* ۾ سماجي اوڻاين جا چٽا عڪس۔

    تبصرو۔ محمد طارق مهيسر

    سڀ کان پهريان ته هيء گستاخي جيڪا مان ڪري رهيو آهيان ته پنهنجي استاد جي ڪتاب ” ڏاهي م ٿيان “ بابت ڪجھ لکي رهيو آهيان جنهن لاء پنهنجي محترم سائين منظور حسين لاڙڪ صاحب کان هٿ ٻڌي معافي ٿو وٺان۔ اميد ته منهنجي هن غلطي کي درگذر ڪندا۔ سائين منظور صاحب سان منهنجو رشتو بنيادي طرح ته هڪ سينيئر ۽ جونيئر وارو آهي۔ سائين وڪالت ۾ منهنجو استاد ۽ وڏ ماڻھپي ۾ مونکي ننڍو ڀاء سمجهندو آھي۔ بهرحال سائين جي زندگي ۽ سندس سان منهنجي ملاقات ڪيئن ٿي اهو به مان ضرور چاهيندس ته پنهنجي ڪٿا به ضرور ٻڌايان پر ان لاء ڪو ٻيو موقعو ضرور حاصل ڪري ان کي به نمايان ڪبو پر هاڻي صرف ڪتاب لاء ٻه چار لفظ جيڪي لکڻ چاهيان ٿو اهي وڌيڪ اهميت جي لائق آھن۔ سائين منظور صاحب جون ڪهاڻيون جيڪي مون پوپٽ رسالي ۾ پڙهيون هيون ۽ اڄ انهن يا ٻين ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻي ڪري سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي موضوع تي لکيل ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب جو خوبصورت اضافو ڪيو آھي۔ سائين جي ڪهاڻين تي جيڪڏهن نظر ڦيرائجي ته سڀ اهي سماج جا عڪس آهن جن جو هر ماڻھو سان سڌي يا اڻ سڌي طرح واسطو ضرور آھي۔ سماج جو هڪ پاسو اهو به آھي ته ڪو فرد حساس دل رکندڙ ھوندو جنهن لاء ٻئي جو درد پنهنجو درد ۽ ٻئي جو سور پنهنجو سور هوندو۔ جڏهن ته ان ئي سماج ۾ ڪجھ اهڙا به پٿر دل فرد آھن جن کي ڄڻ ته ڪنهن جي سور، درد ۽ تڪليف جو احساس ئي نه هجي۔ انهي ماحول ۾ جهڙي نموني سان سائين منظور صاحب هر انهي اوڻائي، تڪليف، سور، درد احساس، رشتن توڙي آفيسر شاهيء جي ڪڌن ڪرتوتن تان پردو کنيو آهي۔ جنهن لاء هر ماڻهو کي ڪردار ادا ڪرڻ کپندو آھي پر شايد سائين منظور صاحب جي هن ڪتاب جي عنوان جي حساب سان ته جيڪو هن سماج ۾ ڏاهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ته تڪليف ۽ پريشاني به ان کي ئي ٿيندي۔ باقي مون جهڙو خاموش ماڻهو جنهن کي نه ڪنهن جي درد جي نه ڪنهن جي تڪليف جي خبر ان مان ته ڪنهن کي تڪليف ئي نه هوندي۔ سائين جي هن ڪتاب ۾ هڪ اها ڪهاڻي به آهي جيڪا هن ڪتاب جو ٽائيٽل پڻ آھي۔ اها ڪهاڻي هڪ جرئت مندانه آھي ۽ روايتي ڪهاڻين کان هٽي ڪري لکي وئي آهي۔ هن ڪهاڻي ته ڪجھ وقت لاء اسان کي به ڏکارو ڪري ڇڏيو پر جي ڏٺو وڃي ته هي اها ڪهاڻي آھي جنهن جو هر ماڻھو سان واسطو آھي ۽ مان ته ائين چوندو آھيان ته جيڪڏهن هن سماج ۾ ماڻهو گهر جي درد، ڏک، سور ۽ خراب روين کان آجو آهي ته اهو هن دور جو خوشنصيب ماڻھو آهي۔ ۽ ذاتي زندگي ۾ جيڪڏهن اوهان گهر جي پاسي کان تڪليف ۾ آهيو ته يقين ڄاڻيو اوهان ڪٿي به سڪون سان رهي نٿا سگهو ۽ منهنجي نظر ۾ ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو مسئلو ڏکيو آهي ته صرف پنهنجن جو خراب رويو ۽ گهر جو مسئلو آھي۔ جنهن لاء سائين تمام سهڻي نموني سان لکيو آهي ته ”الائي ڇو ماڻهو اهو نه سوچيندا آهن ته تعويذن کان وڌيڪ خطرناڪ رويا هوندا آھن“
    مونکي سائين جي ان ڪهاڻي به روئاري ڇڏيو آھي جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر جيڪي مسيحائي خدمتن کان لاتعلق ۽ سيمينار ۽ پروگرامن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو۔ مليريا ڊي هن سماج ۾ ھر ان ڊاڪٽر جي ڪردار کي وائکو ڪيو آهي۔ جيڪو مريضن کي علاج بجاء فائيو اسٽار هوٽلن تي سيمينار ڪرائڻ کي اهميت ڏئي ٿو ۽ هڪڙي پاسي هڪ مريض جنهن مرض ۾ تڙپي رهيو آھي ته ٻئي پاسي ان مرض بابت فائيو اسٽار هوٽل ۾ ڪامياب سيمينار ڪرائڻ تي ان ڊاڪٽر کي مبارڪون ملي رهيون آھن۔ ۽ هن سماج جي ڪنهن به فرد ۾ ھمت نه آهي ته ان ڊاڪٽر کي ڪير سمجهائي ته جنهن مرض بابت هتي آگاهي پيو ڏئي ان مرض ۾ ٻاهر هڪ مريض تڙپي مري رهيو آهي ۽ اوهان جي لاپرواهي جي ڪري انساني جان هلي وئي ته هن سيمينار جو ڪو به لاڀ حاصل نه ٿيندو ۽ نتيجي ۾ مريض تڙپي تڙپي مري وڃي ٿو۔ هي ڪهاڻي هر ان ڊاڪٽرن جي منهن تي چماٽ آھي جيڪي ڊيوٽي جي وقت ڪرسي تي موجود ناهن هوندا۔
    انهي سان گڏ هن ڪتاب جي هڪ هڪ ڪهاڻي هن سماج جو اهو عڪس آھي جنهن ۾ سماجي اڻ برابري، بگڙيل نسل، آفيسرن جون من مانيون، ڪرسي جو ناجائز فائدو، قانون جي حڪمراني جي کوٽ، وڏن ماڻھن جي بگڙيل اولاد جا اڍنگا پرڪار ۽ عياشيون توڙي وڏيرڪو سماج ۽ اين جي اوز جا پول به پڌرا ڪيا آھن۔ هنن ڪهاڻين ۾ سندس جو ذاتي مشاهدو ئي هنن ڪهاڻين کي سٺي لکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آھي۔ نج سنڌي ٻولي، سولن لفظن ۽ سادن جملن سان ٽمٽارهي ڪهاڻيون معاشري کي برائين، اوڻاين، دردن، تڪليفن ۽ سورن کان پاڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون۔
    هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻولي جي تمام سهڻي ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار محترم ابراهيم کرل لکيو آهي۔ جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي سنڌي توڙي اردو ادب جي ڏاهي پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ لکيو آهي۔ ان کان علاوه نامور تعليمدان سائين مولا بخش لاڙڪ ۽ سنڌي ٻولي جي تمام سهڻي شاعر ڀاء امر اقبال جا رايا پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آھن۔ پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل هن ڪتاب تي پبلشر نوٽ محترم قربان منگي لکيو آهي۔ وڻندڙ ۽ خوبصورت ٽائيٽل محترم سعيد منگي ڊزائن ڪيو آهي۔ هن ڪتاب کي سھڻي نموني سان ڀاء عرفان ڀٽو ڪمپوز ڪيو آھي ۽ لي آئوٽ پياري آصف نظاماڻي تمام خوبصورت نموني ٺاهيو آھي۔ هي ڪتاب 112 صفحن تي مشتمل آهي جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 200 روپيا رکي وئي آھي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو