جسٽس سيد ديدار حسين شاهه : سنڌ جو املهه ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه لاڏاڻو ڪري ويو.

    اڳوڻو چيف جسٽس ۽ نيب چيئرمئن سيد ديدار حسين ولد سيد محبوب علي شاهه، 11 ڊسمبر 1939ع تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. مئٽرڪ 1957ع ۾ هاءِ اسڪول رتيديري مان پاس ڪرڻ بعد سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، جتان 1962ع ۾ بي اي پاس ڪيائين. بعد ۾ 1964ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد استاد مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين گورنمنٽ هاءِ اسڪول نئين ديري ۽ گورنمنٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1957ع کان 1960ع تائين رتيديري ميونسپالٽيءَ ۾ آڪٽراءِ انسپيڪٽر ٿي رهيو. 1965ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کي خيرآباد چئي، نامور قانوندان عبدالرزاق سومري جي رهبريءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ڇهن مهينن بعد پنهنجي منهن ڪيس کڻڻ جو آغاز ڪيائين. 1973ع ۾ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انرولمينٽ ملي ۽ ڊسمبر 1973ع کان هاءِ ڪورٽ جا ڪيس کنيائين. ڪجهه عرصي بعد سندس نالو سنڌ جي ناميارن قانوندانن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1970ع واري اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پولنگ ايجنٽ رهيو. 1979ع ڌاري بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. تعلقي ۾ وڏي مخالفت باوجود ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. بعد ۾ کيس بنا مقابلي تعلقي ڪائونسل رتيديري جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ايم. آر. ڊي تحريڪ جي حمايت ۾ احتجاجاً پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏنائين، ٻيهر 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو ويو. نومبر 1988ع وارين صوبائي چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي ممتاز ڀٽي کي شڪست ڏنائين. 1990ع ۾ به سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1993ع وارين چونڊن ۾ ممتاز علي ڀٽي کان اليڪشن هارايائين. سندن پ پ سان شروع کان وٺي گھرو لاڳاپو رهيو آهي. 1983ع کان تعلقي رتيديري جو صدر ۽ 1980ع کان 1993ع تائين بينظير ڀٽو طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مزار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. مارشل لا دوران 1979ع ۾ ٽن مهينن تائين سکر سينٽرل جيل ۾ نظربند رهيو ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران پڻ ايم. پي. او تحت هڪ مهيني لاءِ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو. هن سرڪاري وفدن ۾ ميمبر جي حيثيت ۾ ڪوريا ۽ چين جا دورا ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن نجي حيثيت ۾ فرانس، شام، سعودي وغيره جا دورا به ڪيا آهن. قانون جي شعبي ۾ تجربي سبب کيس 1994ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد پهرين فيبروري 2000ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو. 28 اپريل 2000ع تي چئن سالن لاءِ 10 ڊسمبر 2004ع تائين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ٿيو. 2011ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ نيب جو چيئرمئن پڻ رهيو.
    پاڻ پنهنجي زندگي جي يادگيرين بابت آتم ڪٿا لکي اٿن جيڪا ٻن جلدن ”گوندر ويا گذري “ ۽
    “ سکن لڌي سار“ جي نالن سان ڇپيل آهي. هو سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جا رڪن پڻ رهيا.
    اڄ 30 جنوري 2019ع تي ڪراچي ۾ انتقال ڪري ويا آهن.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان.


    [​IMG]


    جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه ۽ محمد سليمان وساڻ​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جسٽس سيد ديدار حسين شاهه : سنڌ جو املهه ڪردار

    عبدالعزيز مهيسر

    [​IMG]
    جسٽس رٽائرڊ سيد ديدار حسين شاهه جو جنم ۱۱-۱۲-۱۹۳۹تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري ضلعي لاڙڪاڻي جي مشهور سياسي خاندان جي فرد سيد محبوب علي شاهه جي گهر ۾ ٿيو. شاهه صاحب جو والد شاهه صاحب جي ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو. شاهه صاحب ۽ سندس وڏي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه جي پالنا سندس چاچي سيد وريل شاهه مرحوم ڪئي جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي جي خاص طرح سنڌ جي ڄاتل سڃاتل سياسي ۽ سماجي شخصيت هو. سيد وريل شاهه رتو ديرو ميونسپل ڪميٽي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ پڻ رهيو، ان سان گڏ سيد وريل شاهه مرحوم ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ڪيترائي سال منتخب ميمبر رهيو. سيد ديدار حسين شاهه پنهنجي زندگي جو آغاز گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو ۾ اسٽنٽ ماستر سان ڪيو. سيد ديدار حسين شاهه ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو مان ميٽرڪ جو امتحان ۱۹۵۸ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. ۱۹۶۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ان گريجوئيشن ڪيائين ۽ ۱۹۶۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايل ايل بي جي ڊگري ورتي ۲۲-۰۸-۱۹۶۷ تي اولهه پاڪستان بار ڪائونسل ۾ وڪيل طور رجسٽر ٿيو. سيد ديدار حسين شاهه ابتدائي طور لاڙڪاڻي جي مشهور وڪيل مسٽر عبدالرزاق سومري سان وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو ۽ ان کان ابتدائي سکيا ورتي ۽۲۴-۰۸-۱۹۷۴ تي هاءِ ڪورٽ جي وڪيل طور انرول ٿيو ۽ وڪالت جي پيشي ۾ سٺو نالو پيدا ڪيائين.

    سيد ديدار حسين شاهه تعلقي پيپلس پارٽي جو سيڪريٽري ۽ ضلعي پيپلس پارٽي جو سينيئر وائس پريزيڊنٽ به رهيو. محترم ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ان جو جنم ڏينهن ۵فيبروري ۽ شهادت ۴ اپريل واري ڏينهن کي صحيح نموني ملهائڻ جي لاءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي زير نگراني شهيد ڀٽو مزار ڪميٽي ٺاهي جنهن ۾ سيد ديدار حسين شاهه پڻ سيڪريٽري طور ڪم ڪيو ۽ مزار ڪميٽي جي پهرئين پريزيڊنٽ محترم ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي هئي ۽ ميمبرن ۾ پيپلس پارٽي جا سرڪردا اڳواڻ شامل هئا جن ۾ مسٽر عبدالرزاق سومرو، مرحوم چاڪر علي خان جوڻيجو، مرحوم عبدالواحد سومرو، مرحوم نيڪ محمد ڀٽو، حاجي منور علي عباسي، غلام مجتبيٰ اسراڻ، مرحوم نظر محمد لغاري ۽ ٻيا ميمبر هئا.
    سيد ديدار حسين شاهه ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۳ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو منتخب ميمبر رهيو ۽ ضلعي ورڪس ڪائونسل جو منتخب چيئرمين رهيو. ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۷ع تائين تعلقي ڪائونسل جو چيئرمين رهيو ۽ ۱۹۸۷ع کان ۱۹۹۱ع تائين تعلقي ڪائونسل جو چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. سيد ديدار حسين شاهه ۳۰-۱۱-۱۹۸۸ کان ۰۶-۰۸-۱۹۹۰تائين ۽ ۰۴-۱۱-۱۹۹۰ کان ۱۹-۰۷-۱۹۹۳ تائين صوبائي اسيمبلي سنڌ جو منتخب ميمبر رهيو. سندس مقابلي ۾ ممتاز علي ڀٽو هيو، جنهن اليڪشن هارائي. سيد ديدار حسين شاهه پيپلس پارٽي جي ٽڪيٽ تي ٻئي اليڪشنون لڙيون هيون. سنڌ اسيمبلي جو رڪارڊ، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا ٻڌائي ٿي ته شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي ۾ سوال به تمام گهڻا پڇيا جن جا جواب لاڳاپيل کاتن کان ورتا ويا ۽ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ريزوليوشن ۽ تجويزون ڏنيون ۽ پاس ڪرايون جن ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن تان عامر ضياءُالحق جي لڳل بندش کي متفقه ريزوليوشن پاس ڪرائي ان کي ختم ڪرايو.ريڊيو ۽ ٽي وي تي سنڌي پروگرامن کي وڌيڪ وقت ڏياريون ۽ هر سنڌ جي اهم مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ سنڌ جي عام ماڻهن جي ڀلائي عمل ۾ آندي.
    تاريخ۰۶-۰۶-۱۹۹۴تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج طور قسم کنيو. بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججز ڪيس ۱۹۹۶ع جي روشني ۾ سندس مقرري ڪنفرم ڪئي وئي. تاريخ۰۴-۰۹-۱۹۹۶ کان ۲۷-۰۴-۲۰۰۰ تائين ڪسٽم ۽ ٽيڪسيشن سنڌ صوبي جو اسپيشل جج (اپيليٽ ڪورٽ) طور به فرائض انجام ڏنا.
    تاريخ۰۴-۰۲-۲۰۰۰تي چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ طور قسم کنيو ۽ ۲۷-۰۴-۲۰۰۰ تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور ڪم ڪيو. تاريخ ۲۸-۰۴-۲۰۰۰ تي سيد ديدار حسين شاهه سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج طور ڪم قسم کنيو ۽ ۱۰-۱۲-۲۰۰۴ تي پنهنجو مدو پورو ڪري ۶۵ سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيو.

    پهرئين جنوري ۲۰۰۵ع کان ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۰ع تائين پرسٽن يونيورسٽي ڪراچي ۾ پرو چانسلر طور ڪم ڪيو. جڏھن ته تاريخ ۸ آڪٽوبر ۲۰۱۰ع کان ۱۰ مارچ ۲۰۱۱ع تائين نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو ۾ چيئرمين طور ڪم ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ هڪ تڪراري فيصلو ڪري شاهه صاحب جي چيئرمين نيب طور مقرري کي ڪلعدم قرار ڏنو. جڏھن ته پاڻ ھاڻ۰۱-۰۴-۲۰۱۱ کان پرو چانسلر پرنسٽن يونيورسٽي طور فرض انجام ڏئي رهيو آهي. سندس ۽ خاندان جو سماجي ۽ سياسي ڪيل خدمتون نمايا آهن ۽ وڪيل، ايم اپي اي ۽ جج جي حيثيت ۾ به سندس ڪردار سٺي ساراهه جوڳو ۽ بي داغ رهيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو