خير محمد ڏاھري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2019۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    خير محمد ڏاھري: اداڪار خير محمد ولد الهورايو ڏاھري 1 فيبروري 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاھري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. کيس شاگرديءَ واري دور کان اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو. اسڪول جي پروگرامن ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. اڳتي هلي ٽي. وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اداڪاريءَ جي سکيا استاد محمد صديق پرھيار ۽ فقير محمد عالماڻيءَ کان حاصل
    ڪيائين. سندس ڊراما سنڌي چئنلن: ڪي. ٽي. اين، مهراڻ، ڌرتي ۽ سنڌ ٽي. وي تي نشر ٿيا آهن. هن بهترين ڪردار نگاريءَ سبب پنهنجي فن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. هن وقت پرائيويٽ ٽي. وي چئنلن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاھري، تعلقي موري ۾ رهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو