لاڙ پٽي جو لاکيڻو ڪھاڻيڪار عبدالسلام ٿھيم

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    لاڙ پٽي جو لاکيڻو ڪھاڻيڪار
    اظھر امر
    لاڙ پٽي ۾ ڪئين نالي وارا شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ٿي گذريا آھن هر ڪنھن پنھنجي دور ۾ سنڌي ادب لاء پاڻ پتوڙي ڪم ڪيو. ھر ڪنھن پنھنجو نور نچوئي قلم سان ڌرتي جي سورن دردن کي پروڙي لکيو آھي، اھڙن ڏات ڌڻين ۾ منھنجي سنڌ جو بھترين ڪھاڻيڪار لاڙ پٽي جي خوبصورت علائقي جاتي ۾ رھندڙ، جتي نمن جي ڇائو ماکي ۽ مکڻ جي مکڻ جون ڳالھيون ٿيندون آھن، جتي گلاب جي گلن جي خوشبو سان سڄو ماحول واسجي وڃي ٿو..

    اھڙن ئي پٽن سان تعلق رکندڙ منھنجو پيارو دوست ۽ خوبصورت ڪھاڻيڪار عبدالسلام ٿھيم به هڪ آھي سلام ٿھيم جون ڪھاڻيون هزار داستان ڪاوش گيلري فيس بڪ جي عوامي اوطاق تان پڙھندو رهيس، ٻي ڳالھ جيڪا آئون عبدالسلام کي پھرين به چئي چُڪو آھيان هاڻي به چوندس ته تنھنجو نالو عبدالسلام هجڻ کان بھتر هو ته سلام ٿھيم هجي ها، الئي ڇو مونکي سلام ٿھيم چوڻ ڀلو ۽ سولو لڳندو آھي. عبدالسلام ٿھيم هڪ سُٺو ڪھاڻيڪار آھي, هاڻي ڏٺو وڃي ٿو ته ھڪ پاسي ڪھاڻي مختصر ٿيندي وڃي ته وري ٻي پاسي ڪافي ڪھاڻيڪار ڪھاڻي لکڻ کان لنوائيندي به نظر اچن ٿا، شايد ادبي دنيا ۾ ٻولي جي ڀيٽ ۾ ليکڪ پروفيشنل ڪالمن کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ لڳا آھن. پر اتي سنڌي نوجوان پنھنجي حصي جو ڪم ڪندي نظر اچي پيو.
    هن وقت جيڪو دور هلي پيو تنھن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو رُجحان تمام گھٽ آھي اڪثر نوجوان موبائيل فون ۾ وقت ذيان ڪن ٿا جنھن مان ڪو به فائدو ناھي ٿيندو اڪثر ڏٺو پيو وڃي ڪجھ وقت کان پوء ادبي ڪتاب اڻ لڀ ٿي ويندا اڪثر شاعر / ليکڪ پنھنجو ڪتاب ڇپرائي ٿو ته هن سان هيڪر ته وڏي جُٺ ٿئي ٿي پوء جڏھن هن جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ڪير به خريد ڪرڻ جي تڪليف نٿو ڪري اڪثر مون جھڙا اُن تاڻ ۾ هوندا آھن متان ڪتاب تحفي ۾ موڪلي.
    تحفو ڏيڻ سٺي ڳالھ آھي مگر توهان هن ڪتاب کي پڙھو ٻين کي پڙھڻ لاء اگھائي ڏيو ٻين دوستن کي چئو ته هو به ادبي ڪتابن سان لڳاءُ رکن، مان ڪٿي جو ڪٿي هليو ويس!
    عبدالسلام ٿھيم جو ڪتاب "گلن سان تعزيت" مان سمجھان ٿو ته سلام کي ڪو دلي ڌڪ لڳو هو جنھن هيترا سارا احساس دل ۾ پيدا ڪيا جو سلام لکڻ تي مجبور ٿيو ۽ منھنجي اکين مان نور ۽ جسم مان رت چوسي ڏينھن رات هڪ ڪري ڪجھ لکيو آھي
    مون ڪڏھن ڪڏھن اُھو اندازو لڳايو آھي سنڌي جديد ڪھاڻي جو دور ختم ٿيندو ٿو وڃي پر جڏھن ڪنھن ڪھاڻيڪار جو ڪتاب ڇپجندو آھي دل کي آٿت ملندي آھي دل کي سڪون ملندو آھي اڃان پيا آھن اهڙا ماڻھو جيڪي سنڌي جديد ڪھاڻي تي ڪم ڪري رهيا آھن سلام جو هڪ ڪھاڻي جو ڪتاب اوسيئڙي ۾ جڙيل آس پھرين به شايع ٿيل آھي "گلن سان تعزيت"سلام جو ٻيو ڪتاب آھي سلام ٻاراڻي ادب ته به تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي، ٻارن لاء به تمام گھڻيون ٻاراڻيون ڪھاڻيون لکيون آھن سلام سان اسان جون نيڪ خواھشون گڏ آھن، ساڻ گڏ دوستن کي چوندس ته ھو ضرور سلام جون ڪھاڻيون پڙھن.

    هي منھنجي پھريون تبصرو هيو جيڪو مون عبدالسلام ٿھيم جو ڪتاب گلن سان تعزيت پڙھڻ کان پوء لکيو هيو. جيڪو هلال پاڪستان طرفان ادبي صحفي تي شايع پڻ ٿيو هيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو