ڊسمبر ملڪي سياست ھلچل مچائي ڇڏي آهي.

'مختلف موضوع' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڊسمبر ملڪي سياست ۾ ھلچل مچائي ڇڏي آهي..
    فقير محمد سنڌي
    ملڪي سياست ۾ غير يقيني واري فضا قائم ٿي چڪي آهي، جمهوريت پسندن هڪ ٻئي خلاف جملن جي راند کي وسيع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سياست ۾ انارڪي وارو ماحول جهڙي ويو آهي. هر پارٽي پنهنجي پاور شو جي عيوض عوام تائين پنهنجي رسائي ۽ سڻڀو جملو پهچائڻ کي اوليت ڏئي رهيو آهي، ڪرپشن جو پڙاڏو تيزي سان سياستدانن جي ذهن کي مايوس ڪري رهيو آهي.ملڪ جون سڀئي جمهوري قوتن هڪ ٻئي خلاف پنهنجا پتا واري واري سان استعمال ڪري پنهنجي مستقبل جو بچاء ڪري رهيون آهن. پر ڪرپشن ملڪ جي شھ رڳ ۾ شامل ٿي چڪي آهي اهڙي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جنھن سان ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ ڪنهن جا جذبات به مجروح نہ ٿين. جيڪڏھن اهڙي سوچ سڀني سياسي پارٽين جي ٿي پوي ته ملڪ ترقي ڪري سگھندو جيڪڏهن ملڪ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي ته وفاق پاڻ مرادو مضبوط ٿي ويندو. ڊسمبر مهيني ملڪي سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ واضع طور تي چيو آهي ته : مان پنهنجي ڌرتي ۽ عوام لاءِ وڙهي رهيو آهيان ۽ منهنجي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو هو. ماضيءَ ۾ سمورا ڪم مفاهمت سان ڪياسين، اسان کي هر قوم جي مزاج جي خبر آهي، ته ساڻن ڪيئن هلڻو آهي. هوڏانهن ملڪ جي وزيراعظم عمران خان شروع کان وٺي ڪرپشن جي واويلا ڪندو پيو اچي ته ملڪ جو پيسو ٻاهر وڃي رهيو آهي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب پاڪستان مان هر سال 10 ارب ڊالرن جي مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي، جنھن ڪري تاريخ ۾ وڏو آپريشن شروع ڪيو آهي. ملڪي سالميت لاءِ اهو به سوچڻو آهي ته عوام ڪهڙي طرح زندگي گذاري رهيو آهي، ملڪي ادارا عام ماڻهن سان ڪهڙو ورتاء ڪن ٿا. ملڪ جون واڳون جمهوريت پسندن وٽ سهڻي انداز ۾ هجڻ گهرجن، جيئن سياست ۾ مفاهمت ۽ عوام ۾ رواداري رهي سگهي، باقي پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن يا ڪري چڪو آهي اهو قانون جي نظر ۾ مجرم آهي.
    پارلياماني سياست ۾ مخالف ڌر جو اهم ڪردار آهي، جنھن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر ملڪي معاملن ۾ متفق ٿيندا آهن. ته ملڪ ۾ عدم استحڪام جي جيڪا فضا قائم ٿيندي آهي انهي کي حڪومت ۽ مخالف ڌر آساني سان حل ڪري ڇڏيندي آهي، هن وقت سياست جا رنگ ئي ڪجھ عجيب آهن، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي نفسيات هڪ ٻئي سان شروع کان ئي ڪونه ٿي ملي. جنهن جي ڪري بيان بازي، تنقيد برائي تنقيد جو ماحول جڙيل آهي، جنھن سان ملڪ کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي، اڳ ۾ ئي ملڪ شديد بحرانن جي وچڙيل آهي. ملڪ ۾ مفاهمت جي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي ته آهستي آهستي سڀ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي پاڻ۾ مفاهمت هجي ها ته حڪومت آء ايم ايف وٽ بار بار وڃڻو نه پوي ها، ملڪ جي موجوده حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ پيج تي هجن ها ته ملڪ ڪافي بحرانن مان نڪري چڪو هجي ها ، پر نظر ائين پيو اچي ته سياستدان هڪ ٻئي خلاف انتقام واري روش ۾ رڌل آهن. جنهن جو نتيجو ملڪ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، حڪومت کي عوامي مسئلن تي وڌيڪ ڌيان ڏئڻ گهرجي، مني لانڊرنگ خلاف آپريشن رڳو مخالف ڌر کي نه پر سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي. مني لانڊرنگ ڪيس کي هروڀرو سياسي نه بڻايو وڃي ته بهتر آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو