سنڌ جي شاندار وادي ڇڇانگي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ جي شاندار وادي ڇڇانگي


    آصف رضا موريو

    پاڪستان ۾ ڪوههِ سليمان جو کيرٿر جابلو سلسلو گهڻو تڻو سنڌ جي ٽن ضلعن قمبر، دادو ۽ ڄامشورو جي سرحدن منجهان گذري ٿو. هي سلسلو وچ اوڀر بلوچستان ۾ واقع مولا ندي کان هلندي ڪيپ مونزي وٽان ٿيندي عربي سمنڊ تائين هليو وڃي ٿو جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان واري ٻنهي صوبن وچ ۾ هڪ قدرتي سرحد جيان بيٺل آهي. قمبر جي اتر ۾ واقع کيرٿر جو حصو قدرت جي بيش بها خزانن، آثارِ قديمه جي آثارن ۽ زميني آميرائپ سان مالال آهي جتي تيل گيس جهڙي دولتن جا پڻ تمام گهڻا خزانا موجود آهن.
    سنڌ جي هن اتراڌي ضلعي قمبر ۾ موجود کيرٿر جي پهاڙي دنيا جي هڪ وڏي حصي کي ڪاڇو پڻ چيو ويندو آهي. پراڻي چانڊڪا پرڱڻي جي وڏو حصي تي مشتمل هن علائقي ۾ مگسي سردارن ۽ چانڊيو نوابن جي جاگير وارا علائقا گهڻا مشهور آهن. قمبر جي ڪوهستان ديهه وارو ڪوهستاني علائقو 248464 ايڪڙن تي مشتمل آهي جنهن جا جابلو سلسلا اتر اولهه ۽ ڏکڻ اولهه سفر ڪن ٿا جيڪي ڪاڇي جي پاسي کان ڪنهن حد تائين لنهنوارا ۽ اٻڪپرا ٿين ٿا. ان علائقي ۾ بيشمار اونچا ۽ ارڏا پهاڙ، جابلو چوٽيون، پهاڙي چشما، درا، پاڻيءَ جون گاجون ۽ نئيون، تاريخي حيثيت جا حامل ماڳ و مڪان وغيره سمنڊ جي ڪپرن تي پيل واريءَ جيان وکريا پيا آهن جن منجهان ڇڇانگي واري ماڳ وٽ گبر واري پاڻيءَ جي ڪنب کي پڻ تاريخي ۽ جاگرافيائي طور تي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي جنهن منجهان کنجهي نئن جنم وٺي ٿي.
    ڇڇانگي وارو ماڳ ڪوهستان ديهه جي غيبي ديرو تپي ۽ يوسي ۾ واقع آهي جيڪا کيرٿر جي پهاڙي سلسلي جي ٻن پهاڙن جي وچ ۾ غيبي ديرو جي اولهندي پاسي واقع هڪ تلاءُ يا کاري آهي جنهن کان قريبن ست سو فٽ مٿان ٻنهي پاسي ڪگر ٺاهيندر پهاڙن جي اونچائي تان ڪنڌ جهڪائي هيٺ ڏسبو ته انتهائي گهرائي ۾ نيري پاڻي جو ڍورو نظر ايندو جيڪو اندازن چار پنج سو فٽ ويڪرو آهي. ڇڇانگي جو هي خوبصورت مقام قمبر ۾ موجود ڪوهستان جي هڪ اهڙي پهاڙي سنگم تي واقع آهي جتي سوين ميلن جو مفاصلو طئه ڪندڙ پاڻيءَ جا ڇهه قدرتي وهڪرا ڄڻ ته ان تلاءُ يا وشال ڍوري ۾ پهچي ٿڪ پٽي يا آرامي ٿي، پنهنجي پراڻي پهچان وساري اڳتي هلي کنجي گاج يا کنجي نئن جو نئون ويس ڪري اتي آيل ڇهئي وهڪرا جهٽ ٿي مسافري تي نڪري راهوءَ جي آئنٺي ڳوٺ کان ٿيندي ٻرڙن جي ڳوٺ دينار وٽ پڇڙي ڪن ٿا. ڇڇانگي جي ڀرسان لاکي جا ڪندا ۽ لوهيڙا نالي ڳوٺ پڻ آباد آهن.
    چيو وڃي ٿو ته پنجاهه سٺ سال اڳ ڇڇانگي آبي ذخيري ۾ واڳن جي هڪ مخصوص قسم جي چڱي خاصي آبادي رهندي هئي جنهن جو ذڪر اسان جي دوست سلمان رشيد به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو هيو جنهن هن علائقي جو دورو پنجٽيهه سال اڳ 1983ع ڌاري ڪيو هيو پر هن به پڇڻ تي ٻڌايو هيو ته هن اتي هڪ به واڳون ڪونه ڏٺو هيو پر ڪنهن کان انهن متعلق ذڪر ٻڌو هيو. تنهن ڪري غالب امڪان آهي ته انهن واڳن جي نسل هن وقت ناپيد آهي. ڇڇانگي واري علائقي ۾ سيڙهن، نورن، ڄاهن، مختلف قسم جي نانگن، لاهن، ڳوهن، گدڙن، سانڊن، جنگلي ٻلن، چمڙن ۽ لومڙن وغيره جون هن وقت به آباديون موجود آهن. وڻن ٻوٽن ۾ لوهيڙا، ڪرڙ، ڪنڊيون، ڪهو، کبڙ، لئي، اڪ، ڪانهه، انجير، ٽوهه، توت، چيهو، گدڙ ول، وڻ ويڙهي، ٻوڙا، ڪانڊيرا، مختلف قسمن جا ناڙا، سر، ڊڀ وغيره به جام ٿيندا رهندا آهن. هتي قدرتي چشمن، برسات جي پاڻي واري جمع ٿيل ڍورن، نئن ۽ ندين جي پاڻي تي علاقائي باشندا مختلف فصلن جي اوکي پوکي پڻ ڪندا رهندا آهن.
    ڇڇانگي جهڙا وشال ڍورا پهاڙي سلسلن ۾ اڪثر ڪري زلزلن جي ڪري پيدا ٿيندا رهندا آهن جيڪي پنهنجي طاقت سان پهاڙي ڳنڍين کي کولي ٽوڙي ڇڏيندا آهن جنهن کان پوءِ ورهين تائين پاڻيءَ جون ويرون انهن ڍورن ۾ وسندي ويهندي آهستي آهستي انهن جا ڪپر کوليندي کائيندي ويڪر وڌائينديون رهنديون آهن. ڇڇانگي واري کاريءَ ۾ پڻ اهڙي ريت ئي چارئي پاسان آيل پاڻي پنهنجي شاهي آباد ڪيون صدين کان وهندو رهي ٿو. چشانگي تائين پهچڻ لاءِ مختلف علائقن کان پهاڙن جا ڪيترائي انگڙ ونگڙ ۽ خطرناڪ پهاڙي پيچرا آهن جيڪي هر طرف کان پنهنجي پنهجي حساب سان اچن ٿا جن مان علاقائي ماڻهن جي اچ وڃ صدين کان ٿيندي رهي آهي. جيئن اسان جي شهرن ۾ پاڙن جا نالا هوندا آهن تيئن پهاڙي علائقن ۾ اچ وڃ جي چارن، نئن، پهاڙي چوٽين ۽ درن وغيره جا علاقائي ماڻهن طرفان نالا رکيل هوندا آهن.
    ڇڇانگي ڏانهن وڃڻ لاءِ بلوچستان مان زدي ۽ خضدار کان اوٺاڻو چارو موجود آهي جنهن کي وڏو روڊ ڪونه ٿو چئي سگهجي جنهن تي اڳتي هلي اٺن جو ساٿ ڇڏي پيرن تي ڀاڻڻو پوي ٿو. جڏهن ته سنڌ واري پاسي کان ڇڇانگي وڃڻ تمام آسان آهي جنهن لاءِ پهريان سنڌ جي چوٿون نمبر وڏي شهر لاڙڪاڻو پهچي ان شهر جي اولهه طرف ويهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع قمبر شهر ۾ منزل ڪجي جتان وري اولهه پاسي وارو رستو وٺي شيخ جو تڪ، پنهورن جا ڳوٺ، بٺي لشڪر ڪهي غيبي ديرو پهچبو.
    قمبر کان قريبن چاليهه ميلن جي فاصلي تي واقع اڍائي ٽي سو سال پراڻو، ڇهه هزار آبادي تي مشتمل، ديهه جاگير جو غيبي ديرو شهر نه رڳو چانڊيو سردارن جي طاقت جو ڳڙهه آهي پر هي سمورو علائقو پنهنجي هنج ۾ بيشمار سماجي، تاريخي ۽ تهذيبي امانتون سانڍيون ويٺو آهي جن کي پڻ هڪ سچي محقق طرفان محبت ۽ محنت جي شديد ضرورت آهي پر جن ڌڻين هٿ وس واڳ آهي تن وٽ قرب ڪمائڻ جا سلوڪ وساريل آهن. هن علائقي تي لکيل تاريخي گهڻو تڻو ڪتابن ۾ بيشمار تاريخي حقيقتون ابهامن ور چڙهيل ملن ٿيون. هاڻي دور مٽجي چڪو آهي قمبر جا موجوده بيشمار لکاري، مورخ جهڙوڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، صحبت ٻرڙو، ڀائو درمحمد ٻرڙو، دين محمد ڪلهوڙو، ستار هڪڙو، رياضت ٻرڙو ۽ انهن جا ساٿاري جيسيتائين انهن جا هٿ پهچي رهيا آهن اهي اتهاسي طاقن تي ڄميل دز آهستي آهستي صاف ڪري رهيا آهن.
    غيبي ديرو شهر ان کنجي ڍنڍ جي ڇوڙ ڀرسان ئي اڏيل آهي جنهن جو منڍ ڇڇانگيءَ مان نڪري ٿو. غيبي ديرو ۾ موٽر يا ڪاريون ڇڏي اڳتي پنڌ ڪاهڻو پوندو آهي يا وري اٺ توڏا ڪاهي ڇڇانگي جي ويجهڙي ڳوٺ “راهوءَ جو اينٺو” وٽ پيرپساهبا آهن جتان ڇڇانگي مان نڪرندڙ نئن نظر پڻ ايندي آهي. اتان پنڌ نڪري نئن جا ڪنارا ڪنارا وٺيون ڪيترن ئي ڪلاڪن جو اڻانگو پنڌ پائي وڃي ڇڇانگي واري اصل ماڳ تي رسبو آهي. ڇڇانگي جي مٿائين واري ڪناري تي بيهي چوطرف نظارن جو مزو وٺبو ته پهاڙن سان پيار ڪرڻ وارن جا هنياءَ ئي ٺري پوندا آهن جو هر طرف کيرٿر جون خوبصورت دنيائون آباد آهن. کنجي، ڊٻڙ، مردان، کرغاني، سيتا، تيراني، الڪه، ڪيهر جي، شيهار، مزاراڻي، ڪولاچي وغيره جهڙيون نئيون ۽ نديون، جاتڪ، ٺوٺ، سنڍو، ٽوڙ، ڪم ٿم وغيره جهڙيون چوٽيون ئي چوٽيون، درا، پهاڙي ماڙيون، لڪ ئي لڪ، گاجون ئي گاجون، پٽ ئي پٽ وغيره وغيره هر جاءِ گهمڻ کي لائق ۽ هر ماڳ لکڻ جهڙو. سموري ڪوهستان ۾ ته هزارن جي تعداد ۾ ننڊيون وڏيون گھاٽيون ۽ واديون آهن پر بدقسمتي سان انهن تائين اسان جا کوجي پير ۽ قلم ڪونه پڳا آهن پر ڇڇانگي رستي تي شاهه گودڙيو ڏانهن ويندي به پهاڙي رستن تي بيشمار ننڍِون ننڍيون ٻيون به واديون جم آهن.
    ڪنهن دور ۾ ڇڇانگي وڃڻ سولو هوندو هيو پر هاڻي ان علائقي تي ڪن سببن ڪري سرڪاري ادارن جي چوڪسي تمام سخت آهي. ان جو سبب شايد اهو به هجي ته تيل ۽ گيس ڪڍڻ وارين ڪمپنين اتي پنهنجون بستيون اڏائي رکيون آهن جتان اهي علاقائي طاقتور سردارن جي مدد سان صديون پراڻي ۽ اصلوڪي آبادين کي پڻ آهستي آهستي هٽائي قبضا ڪري رهيا آهن. منهنجو دوست عزيز جمالي جيڪو ڊپٽي ڪمشنر هئڻ سان گڏ پاڻ زبردست پهاڙي چاڙهو ۽ ايڊونچرسٽ آهي. تنهن خاص طور تي بلوچستان جون سموريون جابلو چوٽيون چڙهي سر ڪيون آهن. تنهن ست اٺ مهينا اڳ ڇڇانگي تي گڏجي هلڻ لاءِ مون کي فون ڪئي هئي پر مان پنهنجي ڪجهه مصروفيتن سبب ان سفر ۾ هن جو ساٿ ڏئي ڪونه سگهيو هيم. توڙي جو چانڊيا سردار سندس دوست آهن ۽ پاڻ به انتهائي طاقتور ڪامورو هئڻ جي باوجود هو ڇڇانگي طرف وڃي ڪونه سگهيو هيو ۽ تنهن کي سردار دوستن اهو چئي معذرت ڪئي هئي ته “متان کنجي وٽ ويٺل سرڪاري ماڻهو اجازت نه ڏين” . هنن ان خاص ماڻهو سان به کيس ملايو جنهن سلمان رشيد کي به 1983ع ڌاري ڇڇانگي وارو علائقو گهمايو هيو. هن جوان به زور ڪونه ڀريو جو سندس وٽ ٻيو ذريعو ۽ خيال پڻ هيو ڇڇانگي گهمڻ جو تنهن ڪري هن ڪيهر جي ۽ ڪجهه ٻيون نديون گهمي واپسي ڪئي هئي. تنهن کان ڪجهه ڏينهن بعد عزيز جمالي بلوچستان واري پاسي کان سمورو کيرٿر پنڌ اڪري خضدار کان ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري ڇڇانگي تائين ويو ۽ گهمي آيو هيو.
    ڇڇانگي تي پهچڻ واري ان ماڳ کي لوهيڙو چيو وڃي ٿو جتان ڇڇانگي اتر طرف مڙي ٿي جتان ڪجهه سو ميٽر دور کيرٿر جو خاص ماڳ مشال جي شروعات ٿئي ٿي جيڪو پنهنجي اونچائي وڌائيندي پنهنجي پنج هزار اونچي چوٽيءَ تائين پهچي ٿو. لوهيڙي جي ان گهري پاڻيءَ جي شُروعات مان کنجي ندي پنهنجو آبي وجود جوڙي پهاڙي ڪگرن جي ڇانو هيٺان وهندي رهي ٿي. ڇڇانگي جي وادي جا ٻئي پهاڙي ڪنارا ڇڇانگي جي سانت پيل پاڻيءَ واري سطح کان ٻنهي پاسي قريبن ست سو فٽن جي مٿاهين تائين آهن.
    لاکاڻي جبل وٽان ڇڇانگي مان نڪري پهاڙي حصن ۽ سلسلن مان نانگيل رستا اوريندي پهاڙي ڪڳرن هيٺان لڪ لڪوٽيون ڪندي کنجي نئن مير موندر جهڙي بيشمار علائقن مان گذرندي چانڊيو سردارن جي ان علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي جتان ڪنهن دور ۾ ساروهه ندي جو وهڪرو هوندو هيو پر هاڻي تيل گيس وارن جو بستيون آباد آهن. اهو سمورو علائقو پراڻي دور ۾ دارا نالي سان مشهور هوندو هيو جيڪو اصل ۾ ٻرڙا قوم جي رهواسين جي ابن ڏاڏن جي اصلوڪي ملڪيت آهي. سيتا نئن جيان کنجي به سال جا ٻارنهن مهينا وهندي رهندي آهي جنهن ڪري ان تي علاقائي هاري ناري نه رڳو جهوپا ۽ پکا اڏيندا رهندا آهن پر ان جي پاڻيءَ تي فصل به جهجهو ڪن ٿا ۽ اتي ڪڻڪ، تر، ٻاجهري، جو، ڀاڄيون گهڻو ڪري اپائجن ٿيون.
    تاريخي ڪتابن ۾ ڪٿي ڪٿي ڇڇانگيءَ متعلق معلومات ملي ٿي ته سو سال اڳ واري دور ۾ هن خوبصورت ماڳ کي تفريحي حيثيت پڻ رهي آهي جو هن علائقي ۾ انگريزي آفيسرن جي اچ وڃ ۽ دلچسپي جا حال احوال پڻ ملن ٿا مثلن لاڙڪاڻو جو ڪمشنر ايڇ ٽي ليمبرڪ هتي آيو يا سنڌ جو ڪمشنر ايس مينس فيلڊ ڏاڙهياڙو واري علائقي ۾ آيو ۽ پورا پنج مهينا اتي رهيو ۽ بعد ازان پڻ ايندو رهيو جو کيس هي علائقو گهڻو پسند هوندو هيو تنهن ڪري هن 1862ع ڌاري هڪ قدرتي چشمي ڀرسان اتي هڪ ريسٽ هائوس پڻ ٺهرايو هيو جنهن کي مقامي باشندا “ٽپڙ ريسٽ هائوس” ڪوٺين ٿا پر ٻاريان ماڻهو ان کي ليمبرڪ جي نالي پٺيان “ٽريور (Trevers) ريسٽ هائوس” طور سڃاڻن ٿا. ايڇ ٽي ليمبرڪ جو پورو نالو هگ ٽريور ليمبرڪ هيو جنهن 1887ع ڌاري ڇڇانگي جو دورو ڪيو هيو ۽ هن کي نالو ڏنو هيائين. ليمبرڪ جي آمد کان ٻه سال اڳ 1885ع ڌاري علائقي جو مختيارڪار مرزا قليچ بيگ پڻ هن ماڳ تي آيو هيو. انهن ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته ايس مينس فيلڊ طرفان ريسٽ هائوس ٺهرائڻ کان پوءِ سرڪاري ڪامورا هن علائقي ۾ ايندا رهندا هيا تنهن ڪري ئي شايد ليمبرڪ به هتي پڌاريو هيو.
    ڳالهه جيسيتائين Trevers Rest Houseجي نالي جي آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ان جو نالو Travelers Rest House هجي يعني مسافرن لاءِ ٺهرايل. انگريزي آفيسر پنهنجي راڄڌانين ۾ اهڙن نالن سان ريسٽ هائوس پڻ ٺهرائيندا رهندا هيا. ٿي سگهي ٿو ته اهو نالو ٽريولرز مان ڪنهن سببان بگڙجي ٽريورس ٿي ويو هجي. برٽن پنهنجي ڪتاب “سنڌ منهنجي نظر ۾ جي مضمون ”، ”شڪارپور ان جي بازار، هندو ۽ انهن جو مستقبل“ ۾ پاڻ به trevers لفظ لکي ٿو ته ”جنهن ننڍي ٽڪري وٽان اسان گذري رهيا آهيون تنهن تي بئرڪن جي تعمير جا نشان آهن جيڪي Travers Folly جي نزديڪ اڃان موجود آهن. اڳي مٿي ويندڙ چاڙهي کي ڏاچا ور وڪڙ هوندا هئا پر هاڻي سڌي سنئين آهي“. ان جملي مان ثابت ٿئي ٿو ته ٽريورس ڪنهن مخصوص پهاڙي ٽڪري کي چيو ويندو هجي. ان صورت ۾ مٿئين ريسٽ هائوس جو نالو ٽڪري تي ٺهيل ريسٽ هائوس بيهي ٿو.
    ڇڇانگي لفظ جي معني
    ڇڇانگي نج سنڌي زبان جو لفظ آهي جيڪو ٻن لفظن جي ترڪيب سان ٺهيو آهي جنهن مان پهريون لفظ آهي ڇهه يعني ڇهه ۽ ٻيو آهي ڇانگي جنهن جو مطلب ڇانگون، ٽاريون يا شاخون ٿئي ٿو يعني ڇهن پهاڙي شاخن وارو چار سو فٽ ويڪرو پاڻيءَ جو اهڙو ڍورو آهي جنهن ۾ ڪوهستان مان ڇهن مختلف طرفن کان پاڻي جا ذخيرا اچي جمع ٿين ٿا. انگريزن به پنهنجي ڪتابن ۾ ڇڇانگي لکيو آهي ته ڪنهن دور ۾ منهنجي نواب شبير احمد چانڊئي سان ٿيل ڪچهري ۾ به هن ان متعلق ذڪر کي ڇڇانگي ئي ڏسيو هيو. ساڳي ڳالهه منهنجي محسن دوست ڀائو درمحمد ٻرڙي پڻ ڪئي ته “هن ماڳ جو نالو ڇڇانگي آهي جيڪو اصل ۾ سنڌي لفظ آهي يعني اهڙو ماڳ جنهن وٽ جبلن جو ڇهه ڇانگون هجن”. اسان جي ڪجهه دوستن جهڙوڪ اويس مغل ۽ سالمان رشيد پنهنجي مضمونن ۾ ڇڇانگي کي انگريزي ۾ Tushangi ۽ Shushangi لکيو آهي جنهن جي سنڌي تشانگي يا ٽشانگي ٿيندي جڏهن ته ڇڇانگي لفظ انگريزي ۾ Chachangi ڪري لکبو.
    The Grand Canyon of Sindh
    ڇڇانگي کي The Grand Canyon of Sindh جو نالو ايڇ ٽي ليمبرڪ ڏنو هيو جنهن جو ڳوٺ شاردلو برطانيه ۾ ڊربي شائر کان چهه ميل پري هوندو هيو جتان 143 ميل پري يعني قريبن ٽي چار ڪلاڪن جي فاصلي تي سمرسيٽ واري علائقي ۾ پڻ Cheddar Gorge نالي هڪ ڇڇانگي جهڙي وادي هوندي هئي جنهن کي هن وقت به برطانيه جي قابلِ ديد نظارن مان ڀانئيو ويندو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي ليمبرڪ پنهنجي والدين سان گڏجي اها وادي گهمڻ ويندو رهندو هيو جيڪا کيس پنهنجي خوابن جيان سندر لڳندي هئي. تنهن ڪري ئي جڏهن ليمبرڪ کي لاڙڪاڻو ۾ پنهنجي ڪمشنري دوران ڪنهن واقفڪار کان ڇڇانگي واديءَ متعلق ڄاڻ ملي ته ان کي ڏسڻ لاءَ هو انتهائي اوکو پهاڙي پنڌ اڪري اوڏانهن پهتو جنهن جي خوبصورتي ڏسي کيس پنهنجي ڳوٺ واري Cheddar Gorge ياد اچي وئي ان لاءِ ليمبرڪ ان جي مٿان The Grand Canyon of Sindh يعني ”سنڌ جي شاندار وادي“ جو نالو رکيو.
    ايچ ٽي ليمبرڪ جنهن جو پورو نالو هگ ٽريور ليمبرڪ هيو سو هڪ برطانوي مورخ، آثارِقديمه جو ماهر، منتظم هيو. سندس جنم 20 اپريل 1904ع ڌاري انگلنڊ جي ڊربي شائر واري علائقي ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ شاردلو ۾ ٿيو. سو قديم سنڌ ۾ تاريخ ۽ آثارِقديمه جي حوالي سان تمام وڏو نالو آهي جنهن سنڌ شناسيءَ لاءِ تمام گهڻو مواد پنهنجي ڪتابن ۾ سهيڙيو آهي. هو 1940ع ڌاري لاڙڪاڻو جو ڪمشنر پڻ رهيو. ليمبرڪ جو مهين جو دڙو تي پڻ تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي جيڪو هن The Roots of Ancient India ۽ The Harappan Civilization and Its writings جي مصنف والٽر فيئرسروز سان گڏجي ڪيو هيو. ليمبرڪ کي انڊيئن سول سروس مان رٽائرمنٽ کان پوءِ 1951ع کان 1971ع تائين فيلو آف اوريئل ڪاليج، اوڪسفرڊ يونيورسٽي ۾ تاريخ جي ليڪچرار طور ڪم ڪندو رهيو.
    انگريزي زبان ۾ Canyon ۽ gorge وارا لفظ پهاڙي وادين لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن پر جورج اهڙي واديءَ کي سڏبو آهي جيڪا ڪنهن ندي سان سلهاڙيل هجي پر ان جي ڪنارن کي لاهين نه هجي پر بس کاهيءَ جيان هجي جنهن جي پاسن کان لهي يا چڙهي نه سگهجي جڏهن ته canyonاهڙي وادي کي چيو وڃي ٿو جنهن کي ڪجهه طرفن کان چڙهن ۽ لهڻ جا ڏاڪا يا لاهين هجي.
    ڇڇانگي ڏانهن ويندي رستي ۾ اوري پري آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڇپرن جهڙن گهرن تي مشتمل ننڍڙيون ننڍڙيون آباديون پڻ نظر اينديون جن جي ويجهو ڪٿي ڪٿي آبي ذخيرا، وڻن جا جهڳٺا، فصلن جون آباديون به نظر اينديون. پٿرن جي اوسارين سان سانڍيل لوهيڙائي ڳوٺ هنن پهاڙي علائقن ۾ صدين جو تسلسل آهن. ڇڇانگي جي چوڌاري حدِ نگاهه اڻ کٽ جابلو سلسلو آهي جتي پٿرن جا پيچرا، پٿرن جي دنيا، پٿرن جا رستا، پٿرن جا ڳوٺ، پٿرن مان ٺهيل اوطاقون، پٿريلا ننڍڙا هوٽل، پٿرن جون آباديون، پٿرن تي پلجندڙ سر، ٻوٽا، وڻ ۽ جانور جيت جڻيان ۽ مال متاع وغيره ٿين ٿا. کيرٿر جي دنيا ۾ اهي سڪا گاهه، ٻوٽا ۽ سر جيڪي برسات جي پاڻي سبب ڪئونري زمين جي پيٽ مان پيدا ٿي پوندا آهن تن کي سوڪهڙي جي موسم ۾ پاڻي جي اڻاٺ ۽ اس جي تکائي سڪائي ناس ڪندي رهندي آهي. بيشمار ماڳن تي پٿرن جون تمام وڏيون سليبون ڪٿي اڍنگي نموني پيل ته ڪٿي ڪٿي اهڙي طريقي سان پيل ملنديون آهن ڄڻ ڪنهن ٺاهي سٿي رکيون هجن.
    ڪتي جي قبر جيان ڇڇانگي پڻ سنڌ بلوچستان جي سرحدي سنگم تي سنڌ جي پاسي واقع آهي. سنڌ واري پاسي ڇڇانگي جي پسگردائي ۾ چانڊيا، چٽا، بروهي، گائنچيا. چانڊيا ۽ جکرا قومن جون تمام گهڻيون آباديون آهن جن مان بروهين ۽ ڇٽن جون آباديون بلوچستان واري حصي ۾ پڻ آهن. اتي مري ۽ ٻيا قبيلا پڻ رهندا اچن ٿا. سنڌ بلوچسان جي ٻنهي پاسي بوزدار، بگٽي، لاشاري، باريجا ۽ لنڊ پڻ رهن ٿا. ڇڇانگي واري علائقي جا پهاڙي باشندا تمام گهڻا مهمان نواز ۽ ڏاڙهي رکرائڻ جا شوقين آهن، گهڻو تڻو مردن جي آبادي سنڌي ٽوپي اوڍي ٿي. جيڪڏهن هنن وٽ ڪو مهمان گهمڻ ايندو آهي ته انهن کي گهمائڻ وقت هتان جي قربائتي ماڻهن جي هٿ ۾ جست جي پراڻي ڪاري ڪسيل ڪٽلي ۽ چانهه ٺاهڻ جو سامان هٿ ۾ هوندو آهي جڏهن ته کير هو چرندڙ پنهنجي پرائي ٻاڪري ۽ ريڍي مال مان گهمندي گهمندي ڏهي اتان ئي سڪيون ڪاٺيون جمع ڪري چانهه تيار ڪري وٺندا آهن. هتي چانهن ڪوپ بجاءِ پيالين ۾ پيئڻ جو رواج گهڻو آهي.
    هتي پٿرن جا اوساريل گهر جام هيا جن جي ٻوڙن سان ٺهيل، ڇتيل، سٿيل يا پيل يا ڇتين ۾ عجيب سونهن، حسناڪي ۽ رومانس هيو. اهي سڀئي گهر هوادار هوندا آهن جن جي اوساري لاءِ هڪ ٻئي مٿان سليقي سان سٿيل پٿرن جي وٿين مان هوا زوزاٽ ۽ سوساٽ ڪندي آر پار گزرندي رهندي آهي. انهن غريب ماڻهن جي وڏي ۾ وڏي جاگير انهن جا ڍور ڍنگهر يعني ٻڪريون، رڍون، اٺ، گڏهه، خچر، ڪتا وغيره هوندا آهن.
    ڇڇانگي وارو رستو يا علائقو تمام گهڻو ڪٺن، ڊگهو ۽ اٻاجهو آهي جتي اوکا پهاڙي رستا ڪنڊيدار سڪل ٻوڙن، پٿرن ۽ حادثن سان ڀريا پيا هوندا آهن. ڇڇانگي واري پهاڙن جي ڪناري ڪناري زمين جي سطح تان جيئين جيئين مٿي چڙهبو ته اوترو ئي مٿو ڦرندو، ٽنگون ڏڪنديون هيٺ ڪرڻ جو خدشو وڌنڌو آهي. ان چڙهائي تي چڙهڻ وقت ته گهر وارا ٻار ٻچا دوست ياد ايندا آهن پر مٿي پهچندي پهچندي اهي وسري ويندا آهن ۽ الله سائين ياد اچڻ شروع ٿيندو ايتري تائين مٿي پهچڻ تائين توهان اهي سڀئي آيتون دهرائي ويندئو جيڪي توهان کي ياد هونديون آهن. اتي گهمڻ لاءِ توهان وٽ جابلو هائڪرز جو سمورو سامان هئڻ سان گڏ هڪ عدد لٺ جو هٿ ۾ هئڻ گهڻو ضروري هوندو آهي. انهن پهاڙن ۾ هلندي گهمندي ٻيشمار پٿرن تي پراڻي دور جي رهواسين جون تصويري علامتون ۽ تحريري باقيات به اڪثر ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
    مان ڪوهه سليمان جي کيرٿر واري علائقي ۾ تمام گهڻيون رولاڪيون ڪيون آهن، ڪتي جي قبر تي ٽي دفعا ويو آهيان ته ان علائقي ۾ بيشمار دفعا ڪڏهن اڪيلي سر ته ڪڏهن مختلف بين الاقوامي ٽيمن سان. ڪيترائي ڀيرا گورخ هل اسٽيشن تي جڏهن ته اٺ نو سال اڳ ڇڇانگي تي پهريون دفعو ويو هيم جڏهن ته ٻيو دفعو قريبن چار سال اڳ. ان دور جي ياداشتن تحت هي مضمون ڀائو درمحمد ٻرڙو جي حڪم تحت لکي رهيو آهيان. ڇڇانگي ڏسڻ ۽ گهمڻ واري وقت ۽ هن مضمون لکڻ جي وچ ۾ گهڻو عرصو گزري چڪو آهي ان لاءِ بيشمار حقيقتون ذهن جي ڪينواس تان محو ٿي چڪيون آهن ان لاءِ مون کي يقين آهي ته ڪٿي نه ڪٿي غلطيون سلطيون ضرور ٿيون هونديون جن جي نشاندهي لاءِ دوستن کي گذارش ڪندم.

    ڪاوش مڊويڪ ميگزين تان ورتل

    [​IMG]
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سٺي معلومات آهي سائين. جاري رکجو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    طاهر سائين سلام
    اسان ته جاري رکيو پيا اچون... بس اوهان فورم جو گهٽ پيا ڀيرو ڀريو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو