ڇا اخلاقيات لاءِ مذھب ضروري آھي؟

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    (ڊاڪٽر خالد سھيل)
    سنڌيڪار: عبدالحفيظ لغاري​

    ڪينيڊا جي HUMANIST ASSOCIATION ۾ منھنجي ليڪچر کان پوءِ ھڪ عورت مون کان سوال ڪيو ”ڊاڪٽر سھيل، آءُ ھڪ عيسائي آھيان، آءُ پنھنجي زندگي بائبل جي تعليم جي روشنيءَ ۾ گذاريان ٿي، اوھان انسان دوست آھيو، جيڪڏھن اوھان خدا يا ڪنھن آسماني ڪتاب ۾ يقين نہ ٿا رکو تہ اوھان جي اخلاقيات جو محور ڇا آھي؟“

    مون ان عورت کي چيو تہ ”اوھان جو سوال اھم آھي، انھيءَ جو جواب ڏيڻ لاءِ مون کي ھڪ مضمون لکڻو پوندو، ٿورن لفظن ۾ رڳو ايترو چئي سگھان ٿو تہ صدين جو سفر ڪري انساني ارتقا انھي منزل تي پھتي آھي جتي انساني نفس ۾ ھڪ ذاتي ضمير ۽ سماجي شعور پيدا ٿي چڪو آھي انھي ضمير ۽ شعور جي اچڻ کان پوءِ ماڻھن کي آفاقي ھدايت جي ضرورت ناھي رھي“.

    انساني تاريخ جي مطالعي مان آءُ انھي نتيجي تي پھتو آھيان تہ اخلاقيات لاءِ مذھب ضروري ناھي. ھر صديءَ ۾ ھر معاشري ۾ اھڙا مفڪر ۽ دانشور پيدا ٿيا آھن جن انسان دوستيءَ جو درس ڏنو آھي. انھي فلسفي جي بنياد انساني تجربن ۽ مشاھدن مان حاصل ڪيل تعليم تي ٻڌل آھي ۽ اھو ئي شعور اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ھدايت جو محور آھي.

    ايڪويهين صديءَ جو انسان آزاد ۽ خود مختيار آھي. کيس اھو اختيار مليل آھي تہ ھو وچ اوڀر ۾ جنم وٺندڙ انھن روايتن جي پوئلڳي ڪري جيڪي پيغمبرن ۽ صحيفن ذريعي انسانن تائين پھتيون يا وري ھو انھي سيڪيولر اخلاقيات، فلسفي ۽ نفسيات جي تعليم مان فائدو وٺي جيڪي نفسيات جي سيڪيولر ماھرن ۽ انسان دوست فلسفين چين، ھندستان، يورپ ۽ يونان مان متعارف ڪرايا. سيڪيولر دانشورن ۽ انسان دوست مفڪرن جي فھرست ڪافي ڊگھي آھي. آءُ ھن ڪالم ۾ دنيا جي مختلف خِطن مان صرف پنج انسان دوست دانشورن جي اخلاقي ۽ سماجي تعليم تي توجہ ڏيندس تہ جيئن اوھان جو انھي مڪتبہِ فڪر سان تعارف ٿي سگھي.

    1. ڪنفيوشس CONFUCIUS

    جڏھن اسان انساني تاريخ جو مطالعو ڪندا آھيون تہ اسان کي خبر پوي ٿي ڪنفيوشس اھو پھريون انسان دوست مفڪر ھو جيڪو 551 ق م ۾ چين ۾ پيدا ٿيو ھو جنھن انسانيت کي سنھري اصول سان متعارف ڪرايو ھو جيڪو ھاڻي GOLDEN RULE جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. انھي اصول کي اسان ايئن بيان ڪري سگھون ٿا تہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ رکو جنھن جي توقع اوھان پنھنجي لاءِ ڪريو ٿا تہ ٻيا اوھان سان رکن.

    ڪنفيوشس جو مؤقف ھو تہ انسان بنيادي طور سٺا آھن کين حالتون برو ٿيڻ تي مجبور ڪن ٿا.

    توڙي جو ڪنفيوشس ھڪ غريب گھراڻي جي اکين جو نور ھو پر پنھنجي علم ۽ دانائي سبب ايڏو تہ مقبول ٿيو جو ملڪ جو وزير بڻجي ويو. ھو حاڪمن کي نصيحت ڪندو ھو تہ ھو پاڻ بہ انھن اصولن تي عمل ڪن جيڪي ھو پنھنجي عوام کي سيکارڻ چاھين ٿا.

    ايڪويهين صديءَ جا ڪافي دانشور ڪنفيوشس کي انسان دوست نظرئي جو باني سمجھن ٿا ڇو تہ ان جي بھتر انسان ٿيڻ جي فلسفي ۾ ڪٿي بہ خدا، مذھب، آسماني ڪتاب، جنت ۽ دوزخ جو ڪو بہ ذڪر ناھي.

    2. ٻڌ BUDDHA

    ٻيو سيڪيولر فلسفي ٻُڌ ھو جيڪو 563 ق م ھندستان ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ ھو سڌارٿا جي نالي سڃاتو ويندو ھو. ذاتي رياضت مان جڏھن ھو خود شناسي جي منزل تي پھتو تہ ٻُڌ جي نالي سان سڏجڻ لڳو جنھن جو مطلب آھي اھو شخص جنھن معرفت حاصل ڪري ورتي ھجي. ھن پنھنجي دؤر جي مذھبي عقيدن ۽ وسوسن تي سوال اٿاريا ۽ اخلاقي روايتن ۽ قانونن کي چئلنج ڪيو. ھن ماڻھن کي اھا تعليم ڏني تہ ھو پنھنجي دل ۽ عقل تي ڀروسو ڪرڻ سِکن ڇو تہ انسان جو پنھنجو تجربو ئي ان جو وڏو استاد آھي. ٻُڌ فرمايو ھو تہ

    ڪنھن ڳالھہ تي يقين رڳو ان ڪري نہ ڪريو تہ اھا ڪنھن بزرگ ڪئي آھي

    ڪنھن ڳالھہ تي رڳو ان ڪري يقين نہ ڪريو تہ اھا سڀ مڃن ٿا

    ڪنھن ڳالھہ تي يقين ان ڪري بہ نہ ڪريو تہ اھا قديم صحيفن ۾ ذڪر ٿيل آھي

    ڪنھن ڳالھہ تي يقين رڳو ان ڪر ي بہ نہ ڪريو تہ اھو بيان غيب مان آيو آھي

    ڪنھن ڳالھہ تي يقين اھو ڏسي بہ نہ ڪريو تہ ان تي سڀني کي يقين آھي

    رڳو ان ڳالھہ تي يقين ڪريو جيڪا اوھان جي پنھنجي ذات سچ سمجھي ۽ پرکي ورتو ھجي.

    3. ھپو ڪريٽس HIPPOCRATES

    ھپوڪريٽس ٽيون وڏو فلسفي آھي جنھن کي سيڪيولر طِب جو باني سمجھيو وڃي ٿو. ھو 460 ق م ۾ يونان جي جزيري ڪوس ۾ پيدا ٿيو ھو. 100 سال ڄمار ماڻي ھئس. ھو پھريون فلسفي ھو جنھن طِب کي مذھب کان جدا ڪيو ھو ۽ انھي ڳالھہ تي توجہ مرڪوز ڪرائي ھئي تہ انسان جي ذھني بيمارين جا سبب ان جي پنھنجي ذات ۾ ئي لڪل آھن. ھپوڪريٽس ڏٺو تہ جڏھن ماڻھو بيمار ٿين ٿا تہ سمجھن ٿا خدا کين انھي عذاب ۾ وجھي رھيو آھي ڇو تہ کانئُن ڪو گناھہ ٿي ويو آھي. انھن ڏينھَن ۾ بيمارين کي دور ڪرڻ لاءِ ماڻھو ديوتائين آڏو قربانيون پيش ڪندا ھئا. ڪي ماڻھو سمجھندا ھئا تہ بيماريون ڪنھن جن ڀوت جو سايو آھي. ھپوڪريٽس گناھن جي مذھبي عقيدن تي سوال اٿاريا ۽ وسوسن کي چئلينج ڪيو ھو. ھِن پنھنجي مشاھدن ۽ تجربن آڌار بيمارين جا طبي ۽ سيڪيولر سبب پيش ڪيا. ھن اھو پڻ ٻُڌايو تہ انساني بيماريون ناقص غذا ورزش جي ڪمي ۽ ننڊ جي خرابي ۽ غير صحتمند زندگي سبب پيدا ٿين ٿيون. ھو پنھنجي مريضن کي مشورو ڏيندو ھو تہ دعائن ۽ قربانين بدران مناسب غذا کائو ۽ معمول موجب ورزش ڪريو. پنھنجي زندگيءَ جو معيار بھتر بڻايو. سندس چوڻ ھو تہ صحت جو راز دعائن ۽ قربانين ۾ ناھي بلڪہ ھڪ صحتمند زندگي جي معمول ۾ لڪل آھي.

    4. وڪٽر فرينڪل VICTOR FRANKLE

    چوٿون انسان دوست فلسفي فرينڪل ھو. ھو ھڪ يورپي ماھرِ نفسيات ھو جيڪو 1905ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪتاب MAN’S SEARCH FOR MEANING ھڪ گھڻ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب ھو جنھن جو 20 ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ھو. وڪٽر فرينڪل جيئن تہ ھڪ يھودي ھو ان ڪري ڪيئي سال نازي ڪئمپن ۾ گذاريائين. ھولوڪاسٽ ۾ سندس خاندان جا ڪيئي ڀاتي ماريا ويا. اتان آزادي کان پوءِ ھن علاج لاءِ ھڪ نفسياتي طريقو ڳولي لڌو جنھن کي LOGOTHERAPY چون ٿا. انھي علاج جي طريقي ۾ مؤقف اھو آھي تہ انسان پنھنجي ڏکن کي منھن ڏيئي سگھي ٿو جيڪڏھن انھن جي معنى تلاش ڪري. انھي فلسفي ماڻھن کي سيکاريو تہ ھو پنھنجي ڏکن جي معنى مذھب بدران پنھنجي ذات ۾ ڳولين ۽ خوش رھن.

    5. ابراھم ميسلو ABRAHAM MASLOW

    پنجون ھيومنسٽ فلاسفر ابراھم ميسلو ھو. ھو ھڪ آمريڪي ماھرِ نفسيات ھو جيڪو 1908ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪتاب MOTIVATION AND PERSONALITY ڏاڍو مقبول ٿيو ھو. انھي ڪتاب ۾ ميسلو انساني نفس جي بنيادي ضرورتن جي نشاندھي ڪئي ۽ پوءِ انھن ضرورتن کي مختلف درجن ۾ ترتيب ڏنو.

    پھريون درجو بُک ۽ اُڃ جو آھي

    ٻيو درجو ذات جي حفاظت جو آھي

    سڀني کان مٿاھون درجو انسان جي تخليقي ضرورت جو آھي. جڏھن انسان پنھنجيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري وٺندو آھي تہ ھو انھي قابل بڻجي ويندو آھي تہ ھو ٻين جي خدمت ڪري. ابراھم ميسلو جو خيال ھو تہ اھڙا ماڻھو پنھنجي ذات جي گھرائي ۾ لھي پنھنجي سچ ۽ تخليقي جوھر کي ڳولي لھندا آھن ۽ پوءِ سڄي دنيا آڏو شاعر، فلسفي، فنڪار، سنت، ساڌو، صوفي، مصلح بڻجي ظاھر ٿيندا آھن. ھي اھي دانشور آھن جيڪي انساني ارتقا جي سفر ۾ رھنما ثابت ٿيندا آھن.

    ابراھم ميسلو جو مؤقف ھو تہ روحاني تجربا انساني نفسيات جو حصو آھن ۽ انھن تجربن لاءِ انسان جي ڪنھن بہ خدا يا مذھب تي ايمان آڻڻ ضروري ناھي. اھي تجربا ھڪ دھرئي کي بہ ٿي سگھن ٿا ۽ ھڪ صوفي کي پڻ. ھن اھڙن تجربن کي PEAK EXPERINCE جو نالو ڏنو ھو. ھن روحاني تجربن جي اھڙي نفسياتي تشريح پيش ڪئي آھي جيڪا مذھبي توڙي غير مذھبي، ٻنھي مڪتبہِ فڪر جي ماڻھن پاران قبولڻ جوڳي آھي.

    دنيا جي مختلف ملڪن مان پنج انسان دوست فلسفين جي چونڊ جو مقصد اھو ھو تہ صدين کان سيڪيولر فلسفي ۽ انسان دوست نفسيات جا ماھر اخلاقيات جا بنياد رکي رھيا آھن ۽ انھي بنياد تي انسان دوستيءَ جا فلسفي جي وڏي عمارت جوڙي رھيا آھن.

    ايڪويهين صدي ۾ انسانن کي اھو اختيار آھي تہ ھو آسماني مذھبن جي روشني جي روايتن تي عمل ڪن يا جديد نفسيات ۽ فلسفي آڌار سيڪيولر روايتن کي اختيار ڪن. گذريل ٻن صدين ۾ سيڪيولر روايتن کي مڃڻ وارن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. 1900ع ۾ آزاد خيال انسان دوست ماڻھن جي سڄي دنيا ۾ تعداد ھڪ سيڪڙو ھئي. 2000ع ۾ اھا تعداد وڌندي وڌندي پنڌرھن سيڪڙو ٿي وئي. ڪينيڊا ۾ اھڙن ماڻھن جي تعداد ويھہ سيڪڙو آھي ۽ اسڪيونڊين ملڪن ۾ ان جي تعداد پنجاھہ سيڪڙو کان مٿي آھي.

    سيڪيولر انسان دوستي جي ڪاميابي جي ھڪ وجہ اھا آھي تہ اولھہ ملڪن ۾ مذھبي قانون بدران سيڪيولر قانون لاڳو ڪيا ويا آھن جن ۾ گناھہ بدران جرم جو تصور مقبول ٿي چڪو آھي. جڏھن ڪو شھري جرم ڪندي پڪڙيو ويندو آھي کيس جھنم پھچائڻ بدران عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آھي جتي جج يا منصفن جو ٽولو سندس سزا جو فيصلو ڪندا آھن. انسان دوست فلسفي جي ڪوشش آھي تہ ھر ملڪ ۾ سڀني شھرين، خاص طور عورتن ۽ اقليتن کي برابر جا حق ۽ فائدا مليل ھجڻ گھرجن. اقوامِ متحدہ جي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي سيڪيولر اخلاقيات ۽ قانون کي مقبول ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.

    جيڪڏھن اسان سڄي دنيا کي ٿلھي ليکي ڏسون تہ اسان کي اندازو ٿيندو تہ ڪيترن ئي روايتي ۽ مذھبي ملڪن ۾ بہ آھستي آھستي سيڪيولر نظرين ۽ انسان دوستي جي روايتون مقبول ٿيڻ لڳيون آھن جنھن جي نتيجي ۾ ماڻھو پنھنجي ذاتي، سماجي ۽ سياسي زندگي ۾ سيڪيولر اخلاقيات جي پوئلڳي ڪندي آزادي حاصل ڪري رھيا آھن ۽ پنھنجي حقن لاءِ پتوڙي رھيا آھن.

    Abdul Fatah Abro هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اخلاقيات لاءِ مذهب ضروري آهي، ۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اخلاقيات مذهب ئي سيکاري ٿو. مٿي جن اسڪالرن جي نظرين کي ڊسڪس ڪيو ويو آهي، اهي پاڻ مذهب کان متاثر ۽ مذهب کان شروعات ڪري چڪا هئا. نبي اڪرم ص جن جي حديث آهي ته : ”ڪل مولود يولد علي الفطره“ يعني هر ٻار فطرت تي جنم وٺندو آهي ، ان کان پوءِ ڪير کيس يهودي ڪندو آهي ڪير کيس عيسائي يا دهريو.
    دنيا ۾ دهريو ڪرڻ جا جيڪي تجربا ڪجھ وقت اڳ جنهن شدت سان ٿيا هئا، يقينا اڄ اها شدت ڪونه آهي، ڇو ته اهو تجربو به سندن ناڪام ٿي ويو، ڇو ته جيڪو به تجربو فطرت جي خلاف هوندو يقينا اهو ناڪام ٿيندو.
    محترم ڊاڪٽر صاحب! هي تمام ڪمزور لکڻي آهي، خبر نه آهي ته اوهان ان ۾ اهڙو ڇا ڏٺو جو هن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، اوهان پنهنجو نقطه نظر به ڪونه ٻڌايو ته اوهان پاڻ ان نظريي سان متفق آهيو يا ڪونه؟
    پي ڪي اڃان ياد آهي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪمزور لکڻيون پڙھبيون تہ مضبوط لکڻين جي طاقت جو اندازو ٿيندو.
    آءُ اڃان مشاھدن، سکڻ ۽ سمجھڻ جي مرحلن ۾ آھيان. راءِ ڏيڻ لاءِ علم کپي جيڪو اڃان ڪافي ناھي.
     
  4. Abdul Fatah Abro

    Abdul Fatah Abro
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2019
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     
  5. Abdul Fatah Abro

    Abdul Fatah Abro
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2019
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     
  6. نور راچپر

    نور راچپر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2020
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    Advocate
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    ڇا اخلاقيات لاءِ مذھب ضروري آھي؟ منهکي انتهائي افسوس ٿي رهيو آهي دوست عبدالحفيظ لغآري تي جنهن منهجو ترجمو ڪيل آرٽيڪل پنهنجي نالي سان سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي لڳايو آهي مون هي آرٽيڪل 2018 جي آخر ۾ ترجمو ڪيو هو جيڪو اڄ به منهجي فيس بوڪ جي ٽائيم لائين ۾ پيو آهي . منهنکي انتهائي ڏک پهتو ته منهنجي ٿيل محنت کي دوست پنهنجي نالي تي هلائين ٿا. مون وٽ اڄ به هن ترجمو ٿيل آرٽيڪل ۾ اورجنل اردو توڙي انگلش ۾ لکيل رڪارڊ ۾ پيل آهي .اگر پڙهيل ڪڙهيل دوست انهي قسم جي حرڪيتون ڪندا ته پوء عام ماڻهو جو قصور ڪيهڙو آهي . مان سنڌ سلامت جي ريگيولر پڙهندڙ ناهيان پر جڏهن اڄ آرٽيڪل تي نظر پئي ته مونکي احساس ٿيو ته دوست ڇا پيا ڪن
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا اوهان کي ڏک پهتو ان جو ارمان ٿيو. اصل ۾ هي آرٽيڪل مون کان انعام سنڌي پنهنجي مئگزين نئون نياپو لاءِ اردو مان ترجمو ڪرايو هو. ان وقت بلڪ اوهان جي اڄ هن لکڻ تائين منهنجي نطر مان اوهان جو توڙي ڪنهن ٻئي جو سنڌي ترجمو نظر مان نه گذريو هو.
    هڪ وضاحت ته مختلف مئگزين ۾ ڪيئي مضمونن لکڻ توڙي هڪ ڪتاب لکي ڇپجڻ تائين ڪڏهن به ڪنهن مواد جي ڪاپي يا چوري جو ڪو الزام ناهي لڳو. عادي چور هجان ها ته هيستائين جيڪو لکيو اٿم سڀ ضرور نشاندهي ٿئي ها. جڏهن اهو نه ٿيو ته ترجمي جي چوري جي ڪهڙي ضرورت هئي.
    اوهان جو ترجمو هن لنڪ تان کڻي هتي رکي رهيو آهيان ته جيئن ترجمي جي ٻولي جي فرق مان پڙهندڙ سمجهي سگهن ته مون چوري ڪئي يا پنهنجو ترجمو هو.

    نور راڄپر جو ترجمو
    ڊاڪٽر خالد سهيل
    ترجمو نور راڄپر
    ڇا اخلاقيات جي لاء مذهب ضروري آهي ؟
    ڪينڊا جي HUMANIST ASSOCIATION ۾ منهنجي هڪ ليڪچر کان پوء هڪ عورت مونکان سوال ڪيو ته ڊاڪٽر سهيل مان هڪ عيسائي آهيان مان پنهنجي زندگي بائبل جي تعليم جي روشني مطابق گذاريا ٿي – توهان هڪ هيومنسٽ آهيو –توهان ڪنهن به خدا يا ڪنهن آسماني ڪتاب تي يقين نٿا رکون پوء توهان جي اخلاقيات جو سر چشمو ڇا آهي ؟
    مان انهي عورت کي چيو ته توهان جو سوال ڏاڍو اهم آهي مونکي انهي جو جواب ڏيڻ لاء هڪ مضمون لکڻو پوندو ڪجه لفظن ۾ صرف مان ايترو چئي سگهان ٿو ته صدين جي سفر کانپوء انساني ارتقا ان منزل تي پهتي آهي جتي نفس انساني ۾ ذاتي ضمير ۽ سماجي شعور پيدا ٿي چڪو آهي –انهي ضمير ۽ شعور جي ٺهڻ کان پوء انسانن کي آفاقي رشد ۽ هدايت جي ضرورت ناهي – انساني تاريخ جي مطالعي مان انهي نتيجي تي پهتو آهيان ته اخلاقيات جي لاء مذهب ضروري ناهي- هر صدي ۽ معاشري ۾ اهڙا مفڪر ۽ فلاسافر پيدا ٿيا آهن جن انسان دوستي جي فلسفي جو درس ڏنو آهي انهن فلسفن جو بنياد انساني تجربن ۽ مشاهدن مان حاصل ٿيل تعليم تي ٻڌل آهي ۽ اهو شعور ئي اسان جي انفرادي ۽ اجتمائي هدايتن جو سرچشمو آهي . اڪيهين صدي جو انسان آزاد ۽ خود مختيار آهي انهي کي هي اختيار حاصل آهي ته هو وچ اوڀر ۾ جنم وٺندڙ انهن روايتن جي پيروي ڪري جيڪي پيغمبرن ۽ صحيفن جي ذريعي انهن انسانن تائين پهتيون آهن يا هو انهن سيڪيولر اخلاقيات فلسفي يا نفسيات جي تعليم مان فائدو حاصل ڪري جيڪي سيڪيولر ماهر نفسيات ۽ انسان دوست فلاسافرن چين، هندونستان يورپ ۽ يونان ۾ متعارف ڪرايا آهن - سيڪيولر دانشورن ۽ هيومنسٽ مفڪرن جي فهرست تمام گهڻي ڊگهي آهي پر مان هن ڪالم ۾ دنيا جي مختلف خطن مان صرف پنج انسان دوست ڏاهن جي اخلاقي ۽ سماجي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيندس جئين توهان جو انهن جي مڪتبي فڪر سان تعارف ٿي سگهي .

    1۔ ڪنفيوشس CONFUCIUS
    جڏهن اسان جديد انساني تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ڪنفيوشس اهو پهريون انسان دوست مفڪر هو جيڪو 551 قبل مسيح ۾ چين ۾ پيدا ٿيو ان انسانيت کي سنهري اصول سان متعارف ڪرايو جيڪي هاڻي GOLDEN RULE جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. اسان انهي اصول کي هي بيان ڪري سگهون ٿا ته ٻين سان اهڙو سلوڪ ڪيو ،جيهڙو توهان چاهيو ٿا ته هو توهان سان ڪن.
    ڪنفيوشس جو موقف هو ته انسان بنيادي طور تي نيڪ آهي پر ان کي خراب حالتون برو بنائين ٿيون - ڪنفيوشس جيتوڻڪ هڪ غريب خاندان جو چشم و چراغ هو پر پنهنجي علم ۽ دانائي جي سبب ايترو ته مشهور ٿيو جو ملڪ جو وزير بنجي ويو –هو حاڪمن کي نصيحت ڪندو هو ته هو پاڻ انهن اصولن تي عمل ڪن جيڪي هو رعايا کي سيکارڻ چاهين ٿا اڪيوهين صدي جا ڪيترائي دانشور ڪنفيوشس کي هيومنسٽ فلسفي جو باني سمجهن ٿا ڇو ته هن جي فلسفي ۾ هڪ سٺو انسان بنجڻ لاء ڪٿي به ڪنهن خدا ،مذهب ، آسماني ڪتاب ، جنت دوزخ جو ڪو به ذڪر ناهي.

    2۔ بڌھا BUDDHA
    ٻيو سيڪيولر فلسفي ٻڌها هو جيڪو 563 قبل مسيح ۾ هندونستان ۾ پيدا ٿيو – ننڍپڻ ۾ هو سڌهارٿ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو – ذاتي رياضت سان جڏهن هو عرفان ذات جي منزل تائين پهتو ته ان کي ٻڌها جي نالي سان پڪاريو ويو يعني اهو شخص جنهن (معرفت) علم حاصل ڪيو هجي –ان پنهنجي دور جي مذهبي عقيدن ۽ توهمن تي سوال اٿاريا ۽ اخلاقي روايتن ۽ قانونن کي چيلينج ڪيو – هن ماڻهن کي هي تعليم ڏني ته هو پهنجي دل، پنهنجي ضمير ۽ پهنجي عقل تي ڀروسو ڪرڻ سکن، ڇو ته انسان جو پنهنجو تجربو انهي جو سڀ کان وڏو استاد آهي ٻڌها فرمايو ته ڪنهن ڳاله تي انهي ڪري ڀروسو نه ڪيو ته ايها ڳاله ڪنهن بزرگ چئي آهي
    ڪنهن ڳاله تي انهي لاء يقين نه ڪيو ته سڀ ماڻهو ان کي مڃين ٿا
    ڪنهن ڳاله تي انهي لاء يقين نه ڪيو ته انهي جو ذڪر قديم صحيفن ۾ آهي
    ڪنهن ڳاله تي انهي لاء يقين نه ڪيو ته هن جو بيان غيب مان آيو آهي
    ڪنهن ڳاله تي انهي لاء يقين نه ڪيو ته سڀ انهي تي يقين ڪن ٿا صرف انهي ڳاله تي يقين ڪيو جنهن سان توهان جي پنهنجي ذات سچ ڄاڻيو ۽ پرکيو هجي.

    3۔ هپوڪريٽيس HIPPOCRATES
    هپو ڪريٽيس ٽيون همومنسٽ فلسفي آهي جنهن کي سڪيولر طب جو باني سمجهو وڃي ٿو –هو 460 قبل مسيح ۾ يونان جي ٻيٺ ڪوس ۾ پيدا ٿيو ۽ 100 وريه جي عمر تائين زنده رهيو – هو پهريو فلسفي هو جنهن طب کي مذهب کان ڌار ڪيو ۽ انهي ڳاله تي زور ڏنو ته انسان جي جسماني ۽ ذهني بيمارين جا سبب انسان جي پنهنجي ذات ۾ لڪيل آهن. هپوڪريٽس ڏٺو ته جڏهن ماڻهو بيمار ٿيندا آهن ته هو تصور ڪندا آهن ته خدا انهن کي عذاب ۾ مبتلا ڪري رهيو آهي ڇو ته انهن ڪي گناه ڪيا آهن –انهن ڏينهن ۾ بيمارين کي پري ڪرڻ لاء ماڻهو ديوتائن جي سامهون قربانيون پيش ڪندا هئا –ڪجه ماڻهو هي مڃيندا هئا ته مريض تي جن ڀوت يا بدروح جو سايو آهي – هپوڪريٽس گناهن جي مذهبي عقيدن تي سوال اٿاريا ۽ انهن توهمتن کي چيلينج ڪيو انهي پنهنجي مشاهدي ۽ تجربن جي بنياد تي بيمارين جا طبي ۽ سيڪيولر سبب پيش ڪيا ۔ انهي هي به ٻڌايو ته انساني بيماريون ناڪارا کاڌ کوراڪ، ورزش جي گهٽتائي ، ننڍ جي خرابي ۽ غير صحتمند زندگي جي ڪري پيدا ٿين ٿيون –هو پنهنجي مريضن کي صلاح ڏيندو هو ته دعائن ۽ قربانين جي بدران متوازن کاڌخوراڪ کائين، باقاعدگي سان ورزش ڪن، ننڍ پوري ڪن ۽ پنهنجي معيار زندگي کي بهتر ڪن – انهي جو چوڻ هو ته صحت جو راز دعائن ۽ قربانين ۾ ناهي پر هڪ صحتمند طرز زندگي ۾ لڪيل آهي

    4۔ وڪٽر فرينڪل VICTOR FRANKL
    چوٿون هيومنسٽ فلسفي وڪٽر فرينڪل هو ۔ هو هڪ يورپي ماهر نفسيات هو ، جيڪو 1905 پيدا ٿيو۔ ان جو ڪتاب MAN’S SEARCH FOR MEANING اهڙو بيسٽ سيلر ڪتاب هو جنهن جو ويهن ٻولين ۾ ترجمو ٿيو وڪٽر فرينڪل يهودي هجڻ ڪري ڪيترائي سال نازي ڪيمپن ۾ گذاريا – هولو ڪاسٽ ۾ ان جي خاندان جا ڪيترائي فرد ماريا ويا – آزاد ٿيڻ کان پوء ان هڪ نفسياتي طريقي علاج دريافت ڪيو جنهن جو نالو LOGOTHERAPY آهي انهي طريقي علاج جو موقف هي آهي ته انسان پنهنجي ڏکن سان سٺي طريقي سان ويڙه ڪري سگهي ٿو اگر هو پنهنجي ڏکن جو سبب معني تلاش ڪري - ان فلسفي ماڻهن کي ترغيب ڏني ته هو پنهنجي زندگي ۾ مذهبي معني ڳولهڻ بدران ذاتي معني تلاش ڪن ۽ خوش رهن

    5۔ ابراهم ميسلو ABRAHAM MASLOW
    پنجون هيومنسٽ فلاسفر ابراهم میسلو هو ۔ هو هڪ امريڪي ماهر نفسيات هو جيڪو 1908 ۾ پيدا ٿيو ان جو ڪتاب MOTIVATION AND PERSONALITY ڏاڍو مقبول ٿيو انهي ڪتاب ۾ ميسلو نفس انساني جي بنيادي ضرورتن جي نشاندهي ڪئي ۽ پوء انهن ضرورتن کي مختلف درجن ۾ ترتيب ڏنو
    پهريو درجو بک ۽ اڃ جو آهي
    ٻيو درجو تحفظ ذات جو آهي
    سڀ کان اونچو درجو انسان جي تخليقي ضرورت جو آهي –جڏهن انسان پنهنجي ضرورتون پوريون ڪري ڇڏيندو آهي ته هو انهي قابل ٿي ويندو آهي ته هو ٻين جي خدمت ڪري سگهي ابراهم ميسلو جو خيال آهي ته اهڙا ماڻهو پنهنجي ذات جي گهرائين ۾ اتري ڪري پنهنجو سچ ۽ تخليقي جوهر ڳولهيندا آهن ۽ پوء سڄي دنيا جي سامهون شاعر ، فلسفي ، فنڪار ، سنت ، ساڌهو ، صوفي ، مصلح بنجي ظاهر ٿيندا آهن هي اوهي دانشور آهن جيڪي انسانيت جي ارتقا جي سفر ۾ رهمنائي ڪندا آهن ابراهم ميسلو جو موقف هو ته روحاني تجربا انساني نفسيات جو حصو آهن ۽ انهن تجربن جي لاء انسان جو ڪنهن به خدا يا مذهب تي ايمان رکڻ ضروي ناهي هي تجربا هڪ دهريي کي به ٿي سگهن ٿا ۽ هڪ صوفي کي به – هو انهن تجربن کي PEAK EXPERIENCES جو نالو ڏئي ٿو ابراهم ميسلو روحاني تجربن جي اهڙيون نفسياتي اميدون پيش ڪيون آهن جيڪي مذهبي ۽ غير مذهبي ٻنين مڪتب فڪر جي ماڻهن جي لاء هڪجهڙيون قابل قبول آهن . دنيا جي پنجن مختلف ملڪن جي پنج هيومنسٽ فلاسفرن جي چونڊ ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته صدين کان سيڪيولر فلسفي ۽ هيومنسٽ ماهر نفسيات سيڪيولر اخلاقيات جا بنياد وجهي رهيا آهن ۽ پوء انهن بنيادن تي انسان دوست فلسفي جون بلند بالا عمارتون تعمير ڪري رهيا آهن اڪيوهين صدي ۾ انسانن کي هي اختيار آهي ته هو آسماني مذهبن جي روايتن تي عمل ڪري يا جديد نفسيات ۽ فلسفي جي سيڪيولر روايتن کي اپنائي – گذريل ٻن صدين کان دنيا ۾ سيڪيولر روايتن کي مڃڻ وارن ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي -1900 ۾ آزاد خيال انسان دوست ماڻهن جو سڄي دنيا ۾ تعداد هڪ سيڪڙو هو جيڪو 2000 ۾ وڌي 15 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي ڪينڊا ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد 20 سيڪڙو آهي جڏهن ته اسڪينڊلين ملڪن ۾ انهن ماڻهن جو تعداد 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي سيڪيولر هيومنزم جي ڪاميابي جو هڪ سبب هي آهي ته اوڀر جي ملڪن ۾ مذهبي قانونن جي بدران سيڪيولر قانون نافذ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ گناه جي تصور بدران ڏوه جو تصور مقبول ٿي ويو آهي جڏهن ڪو شهري ڏوه ڪندو آهي ته ان کي دوزخ رسيد ڪرڻ بدران عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي جتي جج يا جيوري ان جي سزا جو فيصلو ڪندا آهن – انسان دوست فلسفين جي ڪوشش آهي ته هر ملڪ ۾ سڀنين شهرين کي خاص طور تي عورتن ۽ اقليتين کي برابر جا حق ۽ مراعتون حاصل هجن گڏيل قومن جي انساني حقن جي بين القوامي تنظيم سيڪيولر اخلاقيات ۽ قانونن کي مشهور ۽ رائج ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي اسان اگر سڄي دنيا تي سراسري نظر وجهون ته اسان کي نظر ايندو ته ڪيترن ئي روايتي ۽ رجهت پرست مذهبي ملڪن ۾ آهستي آهستي سيڪيولر نظريا ۽ انسان دوستي جون روايتون مقبول ٿي رهيون آهن جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زاتي زندگي ۾سيڪيولر اخلاقيات جي پيروي ڪرڻ جي لاء آزادي حاصل ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجا انساني حق حاصل ڪرڻ لاء جدوجهد ڪري رهيا آهن
    ۔
     
  8. عبدالحفيظ لغاري

  9. عبدالحفيظ لغاري

  10. نور راچپر

    نور راچپر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2020
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    Advocate
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    مٺا اُهو ڪئين ٿي سگهي ٿو ته منهجي لکيل ۾ به ڪٿي ٻڌها ۽ ڪٿي بڌها لکجي وڃي ڇا . اُهو ڪئين ممڪن آهي ته مان به ساڳي غلطي ڪئي ۽ توهان به . توهان ٿورو غور سان مضمون کي ڏسو ته توهان کي غلطي جو احساس ٿيندو . ٻيو پاڻ ڪڏهن مليا ناهيون ڪڏهن خيالن جي ڏي وٺ ناهي ٿي پوء توهان جي ۽ منهنجي ٻولي ايتري هڪجهڙائي ڪئين ممڪن آهي ؟
     
هن صفحي کي مشهور ڪريو