سائين الهنواز روڪڻائي قومي شاعر

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2019۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ورسي جي حوالي سان.
    عنوان =-
    سائين الهنواز رڪڻائي هڪ قومي شاعر

    شاعري هڪ قدرتي ڏات آهي پر ان ڏات سان گڏو گڏ ڏانء جو ڪمال هجڻ ضروري آهي شاعري رڳو لفظن جي جوڙجڪ يا لفظن جي ميڙ جو نالو نه آهي پر شاعريءَ هڪ فني فيڪر خياليات جي پختگي جي حقيقت کي بيان ڪرڻ کان وٺي ويندي رديف ڪافي کان وٺي ويندي تشبيھ تشبيھ کان وٺي ويندي بحر وزن جو پڻ خيال رکڻو پوندو آھي ھي ھڪ شاعري جون قانوني طور تي گهرجون آهن شعر لکڻ وقت انهن سڀني شين جون پابنديون پڻ ڪرڻيون. پونديون آهن باقي رديف ۽ ڪافيا ملائڻ سان ڪو شاعر ناهي ٿي ويندو سائين الهنواز رڪڻائي کي انهن سڀني گهرجن تي پابندي هوندي مختلف صنفون جو مختلف ڀهيڪ وزن هوندو آهي سائينءَ الهنواز کي انهن سڀني صنفون تي پڻ اُبور حاصل هو سائين الهنواز رڪڻائي وٽ ڏات به هئي ته ڏانء به هو سائين رڳو شاعر ئي نه هو تاريخدان ۽ پڻ محقيق به هو سائين الهنواز دادو جي تاريخ تي هڪ شاهڪار ڪتاب لکي اسان دادو واسين لاء خاص تعفو ڏنو آهي مون کي ياد آهي 2003. ۽ 2004 ۾ اڪثر جڏھن مان شام جي ٽائيم تي سائين جي اوطاق تي شعر لکي کڻي ويندو هس سائين کان اصلاح ڪيرائڻ لاء ته پاڻ مونکي شعر جي اصلاح ته ڪري ڏيندا هئا مگر شاعريءَ جا قانون قائدا به ٻڌايندا هئا ان لحاظ کان سائين الهنواز منهنجا استاد به آهن سائينءَ الهنواز رڪڻائي جي شعري مجموعي ڇليون منڇر ڇوليون جي اندر پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ ماتا جي محبت جو سمنڊ نظر ٿو اچي سائين الهنواز رڪڻائي جي دل ۾ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ جي محبت جو گلشن ٽڙيل هو سندس شعرن ۾ ڌرتي جو عشق چٽو نمايا نظر ٿو اچي جيئن سائين جي هن غزل جا ڪجهه بند آهن
    جو سر ڏئي ديس سنوار ٿو سو جوان سلامت رهڻو آ
    جو قوم جياري ٿو اهڙو انسان سلامت رهڻو آ

    جنهن هيمت ڪڏھن نه هاري آ جاکوڙ رکي جنهن جاري آ
    تنھن مرد جي اوچو عظمت جو نشان سلامت رهڻو آ


    هڪ ٻيو سائين جو غزل آهي

    پڇ ڪين امن آزادي جا آٽار اڃان ساڳيا آهن
    هن پنهنجي ڀونء ڀلاري جا پرڪار اڃا ن ساڳيا آهن

    هڪڙن کان ڇٽي جند ناهي اڃان ٻي لوڌ لٽڻ لئه اچي
    هت ڀاڳين جي لئه چورن جا آزار اڃان ساڳيا آهن

    ڪيئن پورهيت جي پوري ٿيندي ڪيئن هاري ٻچڙا تاتيندا
    زردار اڃا ساڳيا آهن ڀوتار اڃا ساڳيا آهن

    تون ويهي پري پڇندو آهين ڇا پنهنجي سنڌ جي حالت آ
    ها حال اسان جي سنڌڙي جا او يار اڃا. ساڳيا آهن

    تبديلي آھ اوس اچڻي ڪڏھين نواز اوس ايندي
    جلدي جهڙا جذبا ناهن سرتار اڃا ساڳيا آهن

    سائينءَ الهنواز جي اندر قومي جذبو تمام گهڻي هو ان جو اظهار سائينءَ. پنهنجي شاعري ۾ تقريبن هر جاء ڪندو رهيو هو ڇليون منڇر ڇوليون جي مطالعي ڪرڻ سان خبر پوئي ٿي سنڌ جي سونهن سڀيتا کان وٺي ويندي سنڌ جي اندر رهندڙ پنھنجي ماروئڙن جي ڏکن ڏولاون کي به بيان ڪندو رهيو هو

    سنڌ آزاد ٿئي جيءُ جرڪي پوي
    ديس آباد ٿئي جيءُ جرڪي پوي

    ھيڏيون بي داديون ھيڏيون بي واجبيون
    دانهن جو داد ٿئي جيءُ جرڪي پوي

    پلو پنهنجا وٺن ويري لوڌي ڪڍن
    اهڙو اولاد ٿئي جيءُ جرڪي پوي

    جنھن نواز آ سڄي سنڌ ٻاري ڇڏي
    سو جي برباد ٿئي جيءُ جرڪي پوي

    سائين الهنواز حوصلا بلند رکندڙ حوصلن کي بلند ڪرڻ جون به ڳالهيون ڪري ٿو اسان جنهن سان ناتا گنڍيندا آهيون انهن سان نڀائيندا به آهيون جڏهن ڪا مصيبت مٿان اچي به وڃي ته ان کي مڙس ٿي منهن ڏيندا به آهيون اسان پنهنجي ديس جي خاطر ڪڏهن شاہ عنايت بڻيا آهيون ته ڪڏھن مخدوم بلاول جو روپ ڌاري پنهنجي ڌرتي ديس تي پنهنجي جان واري ڇڏيندا آهيون ڌاريا سوچين ٿا ڇا آزادي کان پوء پاڻ ملڪ سنڀاري سگهنداسين سائين الهنواز جي خواهش هئي آزادي علان رڳو ٿئي اسان سنڌي قوم ۾ ايتري قوت ۽ جذبو آهي جو سڀ ڪجھ اسان پاڻ سنڀاري ڄاڻو

    ناتا رشتا پيار پرت جا وچن سڀ پاري ڄاڻو
    آهيون سادا ليڪن پوء ڀي حق جي ڳالهه پچاري ڄاڻو
    هوسوچن ٿا آزادي کي پاڻ سنواري ڪئين سگهنداسين
    آزاديءَ علان رڳو ٿئي سڀ ڪجھ پاڻ سنڀاري ڄاڻو
    ڪڏھن بلاول بڻبا آهيون ڪڏھن عنايت ٿيندا آهيون
    ديس جي عزت عظمت خاطر پنهنجي جان به واري ڄاڻو
    هڪ ٻئي غزل جا ڪجهه بند آهن

    سنڌڙي جا حالات ته ساڳيا ئي آهن
    اُلجھن ۾ اوقات ته ساڳيا ئي آهن

    اڄ به اڏين تي رت اُڏامن ڇاٽ ڪيو
    ڪنڌ ڪپڻ لئه ڪات ته ساڳيا ئي آهن

    اڄ به ته آئي جو ڄڻ آڌر ڀاءُ ساڳيو
    مائرون ۾ مرجات ته ساڳيا ئي آهن

    ڇليون منڇر ڇوليون سائين الهنواز جي شاعري جي ڪتاب جي اندر قوم جي احساسن عظمتون ۽ غلامي کان نجات جون ڳالھيون سائين پنهنجي فني ۽فڪر سان بيان ڪيون آهن ۽ عوام کي قومي غرت جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش به ڪئي آهي

    چپي چپي بُک بيحالي جا جلسا
    گهٽي گهٽي گذران اُٿي پيو آهي ڇا

    چپ ڪر ڇوري پئسن تي آئي آهين
    شوق ڪرڻ ڏي شيطان اُٿي پيو آهي ڇا

    نڪرو نڪرو سنڌ جا دشمن سنڌ ڇڏيو
    هوشو جو علان اُٿي پيو آهي ڇا

    آزادي آلاپيو آهي نواز ٻڌي
    جاگراتا جو ڌيان اُٿي پيو آهي ڇا

    هر جاءِ تي سنڌ بک ۽ بدحالي کان وٺي ويندي مسڪينن جي ڪوڪ سائين جي غزل ۾ ملي ٿي ان انسان نما شيطان جا جيڪي ڪرتوت هر ڏينهن مجبور ۽ لاچارن جون عزتون لٽن ٿا انهن لاء به سائين الهنواز پنهنجي شاعري ۾ احتجاج ڪندو ٿو نظر اچي آخر ۾ سائين جيءِ غزل جون سٽون پڙهي آئون پنهنجي جاءِ وٺندوس

    سوري کي سجائڻ خاطر جو جوان وڌي ويندو آهي
    تاريخ جي ورقن ۾ ان جو پوءِ مان وڌي ويندو آهي
    انسان عظيم آ عظمت ۾ هر ماڻهوءَ آهي مهان مگر
    ڏس پوءِ به شهيد جو هر مذهب ۾ شان وڌي ويندو آهي
    جيتر نه پڄين تون غيرن سان تيتر جذبن جي ڳالهه نه ڪر
    ڇو جو ڦوڪن سان پنهنجو ئي نقصان وڌي ويندو آهي

    جيئي سنڌ. جيئي سنڌي ٻولي

    _____________________________________
    اصغر علي جمالي / دادو
     
    ذوالفقار دولتاٹی هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو