ڇو ٿا پنهنجي مسيحي پيشي کي لڄايو؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو،
    30-1-19
    هوئن ته گذريل ڏينهن وارين اخبارن ۾ ڪيتريون ئي خبرون پڙھڻ لاءِ مليون،هر هڪ خبر جي پنهنجي پنهنجي اهميت آھي پر ٻن خبرن پاڻ کي ڇرڪائي يا بيچين ڪري وڌو آھي، جن مان هڪ خبر هن ريت آھي، سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي ھڙتال چار حياتيون کسي ورتيون اسپتالن ۾ المناڪ صورتحال، ٻئي خبر وري هيءَ آھي ته پ پ چيئرمين جي پروٽوڪول ۾ 25 پوليس موبائليون، 22 ويگو، ست بلٽ پروف گاڏيون شامل، بلاول گمبس لاءِ ڪنهن به پئڪيج جو علان نه ڪيو، مريضن کي اسپتال مان نيڪالي،ٻنهين خبرن جو تعلق سڌي يا اڻ سڌي طرح سرڪاري اسپتالن ۽ مريضن جي حالت ظار سان آھي،انڪري ٻنهين خبرن کي رلائي هي سٽون لکي رهيو آھي ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هر روز عوامي نوعيت جي مسئلن جي حل لاءِ سياسي، سماجي، ثقافتي ڌريون توڙي عام ماڻھو اجتماعي يا انفرادي طورتي احتجاج ڪري رهيا آھن، جيتوڻيڪ هر مسئلي جي حل يا جائز ڪم جي اڪلاءَ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي کاتا ورهين کان وٺي قائم ۽ فنڪشنل آھن پر اتان عام ۽ خاص کي ڪو به قانوني رليف ڪونه ٿو ملي انڪري سنڌ اندر هاڻي احتجاج ڪرڻ ڄڻ ته هڪ قسم جو رواج يا مجبوري ٿي پئي آھي، اهي ٿيندڙ احتجاج سدائين عوام لاءِ اهنج ۽ عذاب پيدا ڪندا آھن، جنهن جو تازو مثال سنڌ ۾ تقريبن سمورين ننڍين وڏين سرڪاري اسپتالن کي احتجاجن تالا لڳل آھن، جن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين چار بيپهچ مريض الله کي پيارا ٿي چڪا آھن ۽ ڪيترائي ويچارا مريض دربدر ٿي رهيا آھن، ڊاڪثرن ۽ ٻئي عملي جو احتجاج جائز مسئلن جي حل لاءِ آھي يا صرف مالي مفادن جي حاصلات لاءِ اهو هڪ وڏو بحث آھي، مگر هن وقت سڄي سنڌ ۾ ويچارا بيپهچ ۽ مسڪين مريض صي صحت مندي لاءِ مسيحائن ڏانهن واجهائي رهيا آھن، پر انهن حضرات کي مٿن ڪا ب ڪهل يا رحم ڪونه ٿو اچي، اها به حقيقت آھي ته سنڌ جي تقريبن سڀني کاتن جا ننڍا توڙي وڏا ملازام آفيسن ۾ مقرر وقت تي ڪونه ايندا آھن ۽ مقرر وقت کان اڳ ۾ ئي آفيسون خالي ڪري هليا ويندا آھن، سندن جي اهڙي سستي يا ڪم چوريءَ ڪري عوامي مفاد وارا ڪم ڪار سدائين متاثر ٿيندا آھن، يعني ڪلاڪن وارا ڪم ڏينهن وٺيو وڃن، ڏينهن وار ڪم هفتا ۽ هفتن وارا ڪم مهينا وٺيون وڃن، اهڙي سرڪاري ملازمن جي غير ذميواري ڪري بي پهچ ۽ مسڪين ماڻھو جائز مسئلن جي حل لاءِ آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا ۽ رلندا پيا وتن، جتي سرڪاري ملازمن جي ان روش ڪري ويچارا ماڻھو ڪيتريون ئي ڀوڳنائون ڀوڳيندا رهن ٿا، اتي وري سرڪاري ملازمن عوام لاءِ جيڪا مصيبت پيدا ڪئي آھي سا آھي ڪرپشن جي وبا جنهن جي ذد ۾ به عام ماڻھو اچن ٿا، جيتوڻيڪ جيڪي به سرڪاري ملازم آھن اهي سرڪاري خزاني مان پنهنجي ڪم جو معاوضو پگهار کڻڻ جي صورت ۾ حاصل ڪن ٿا، اهو خزانو عوام جي پگهر ۽ پورهئي مان ورتل رقم جنهن کي مختلف ٽيڪسز چئجي ٿو ان مان گڏ ٿئي ٿي، سرڪاري ملازم هڪ طرف آفيسن کي پورو وقت ڪونه ٿا ڏين ته وري ٻئي پاسي ٿورڙن ۽ خصيص مامرن جي حل لاءِ احتجاجن آفيسن کي تالا لڳايو ڇڏين، جنهن جو منفي اثر عام ماڻھن تي ئي پوي ٿو، حقيقت ۾ هر سرڪاري کاتي جي ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال جو اثر عام ۽ بي پهچ ماڻهن تي پوي ٿو، پر سڀ کان وڌيڪ سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي هڙتال جو خراب اثر مسڪين مريضن تي پوي ٿو جيڪي وقت سر اعلاج نه ٿيڻ ڪري مريو وڃن، جيئن گذريل پنجن چهن ڏينهن کان ڊاڪٽرن جي هڙتال ڪري ڪيتريون ئي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، اسان جي نظر ۾ سنڌ اندر جيڪي به سرڪاري ڊاڪٽر آھن اهي پنهنجي فرضن جي ادائگي کان غافل ۽ لاپراوهه آھن اها به حقيقت آھي ته هر هڪ ڊاڪٽر کي پنهنجي پنهنجي خانگي اسپتال به هوندي آھي انڪري هو سرڪاري اسپتالن کي وقت گهٽ ۽ پنهنجي ڪلينڪ کي وڌ ڏيندا آھن جيڪو به عمل به مسڪين مريض دشمن ۽ مسيحي پيشي لاءِ هڪ بدنماءَ داغ آھي، اسان جي ڊاڪٽرن جي من مستي ۽ پيسي پرستي بلڪل اها پڻ آھي ته مريضن کان تمام گهڻي فيسز وٺن ٿا، ٻيو ته مختلف ڪمائو دوا ساز ڪمپنين کان طحفن جي حاصلات جي لالچ ۾ اچي انهن جي فرمائش تي غير ضروري ۽ مهانگيون دوائون مريضن لاءِ تجويز ڪن ٿا، مريضن جا خيسا خالي ڪرڻ واري ڊاڪٽرن جي ڪرت اتي به پوري ڪونه ٿي ٿئي، پر الٽراسائونڊ ايڪسريز ۽ لئبارٽريز وارن کان ڪميشن وٺڻ جي انڌي هوس ۾ اچي غير ضروري طورتي تمام مهانگا الٽراسائونڊ، ايڪسريز ۽ ٽيسٽون ڪرائين ٿا، چوڻ جو مطلب ته سنڌ ۾ گذريل ٻن ڏھاڪن کان وٺي سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر پنهنجي پيشي کي لڄائيندا صرف ۽ صرف پيسا ڪمائڻ جي ڪرت کي لڳا پيا آھن، سنڌ ۾ وڏو ويل اهو به آھي ته صحت ۽ تعليم جهڙا اهم کاتا به ڪرپشن، بدانتظامي اقرباپروري جي ور چڙھي ويا آھن، عام چوڻي آھي ته جتي انساني صحت ۽ تعليم پئسن تي وڪامندي هجي يا حاصل ٿئي، ته پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو يا هاڃون ٿي سگهي ٿو، جيئن ته پاڻ مٿي ذڪر ڪري چڪا آھيون ته پ پ جو نوجوان چيئرمين جڏھن گمبٽ جي هڪ اهم اسپتال گمبس اچي ٿو ته مريضن ۽ اسپتال ڪجهه ڏيڻ بدران مريضن لاءِ مسئلا پيدا ڪري وڃي ٿو ته پوءِ اهڙي شخصيت جي اچڻ جو فائدو ڪهڙو؟ واضع رهي ته مزڪوره اسپتال کي هلائڻ کي هڪ انسان دوست رحيم بخش ڀٽيءَ جو اهم ڪردار رهندو پيو اچي، جنهن مختلف فلاحي، خيراتي، ادارن توڙي ڊونر ادارن کان چندو ڪري ڪيترين ئي سالن کان وٺي اسپتال ايندڙ مريضن جي بهترين علاج معالج ڪري رهيو آھي، ان گمبس اسپتال جو نالو تبديل ڪري پير عبدالقادر شاهه جيلاني رکڻ سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي، ڇو ته نئين نالي واري شخصيت يا ان جي پوئرن جو اسپتال جي واڌ ويجهه ۾ ڪوبه اهم ڪردار ڪونه آھي، ٻيو ته مزڪوره اداري جو ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر ڊونر ادارن سان جيڪي معاهدا يا فنڊن بابت ڏيتي ليتي ٿيندي اها صرف ۽ صرف اڳوڻي نالي سان منسلڪ آھي، اسين آخر ۾ سنڌ سرڪار کان پرزور گهر ٿا ڪريون ته سنڌ اندر سرڪاري اسپتالن ٿيندڙ ڊاڪٽر جي بائيڪاٽ ختم ڪرائي وڃي ۽ ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحبان کي پڻ نماڻي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا مسڪين مريضن جي زندگين سان راند کيڏڻ بند ڪندي احتجاج جا ٻيا اهڙا طريقا اختيار ڪيو جن سان سندن جائز جائز مطالبا به پورا ٿين ۽ مريض به مرڻ ۽ تڙپڻ کان بچي وڃن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو