اسانجا ڪم ڏسو!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادي مست وارو ڪاڪو آچار، هن دفعي پپني کي ڇڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ نڪتو، لاڙڪاڻي جي رستن تي هلندي هلندي ڇا ڏسي ته ٻه همراهه رستي جي ڀر ۾ بيٺا آهن، هڪ همراه کڏو کوٽي ٿو ته ٻيو وري ان ۾ مٽي وجهي پوري ٿو ڇڏي ۔۔۔

    ڪاڪي آچار کان رهيو نه ٿيو سو وڃي پڇيائين ته “ اڙي احمقو! هي ڇا ٿا ڪريو، ؟

    جواب آيو ته اسين ميونسپالٽي (بلديه) جا ملازم آهيون، اسانکي حڪم ٿيو آهي ته رستي جي ٻنهي پاسن کان وڻ پوکيون ۔۔۔

    ڪاڪي وراڻيو ته اڙي عقل جا دشمنو! اوهان مان هڪڙو کڏو ٿو کوٽي ته ٻيو وري کڏو ٿو پوري، وڻ ڪٿي آهن ۔۔۔؟؟؟؟

    بلديه جي ملازمن مان هڪ پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهندي جواب ڏنو ته؛ اصل ۾ اسين ٽن دوستن کي اهو حڪم مليو ته وڻ پوکيون، مونکي کڏي کوٽڻ جي ڊيوٽي ڏني وئي آهي، هن کي کڏي پورڻ جي ۽ ٻيو اسانجو دوست جيڪو اڄ بيمار آهي ۽ نه آيو آهي انکي وڻن پوکڻ جي ڊيوٽي آهي، هاڻ هو اسانجو بيمار دوست نه آيو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ڊيوٽي به نه ڪريون ڇا ۔۔۔؟

    ڪاڪي آچار جو مٿو ڦري ويو ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون ڪندي هلي پيو ۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    ڪاڪو آچار انهن آزارن جي ڪري ته لاڙڪاڻي شهر اچي ئي ڪونه پيو
     
  3. يونس جسڪاڻي

    يونس جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    ها ادا اسان ڏاڍو ڪاڪو آچار کي جهليو پر نه مڙيو ڏاڍو ضدي آهي ڀلي پيو پگهر اگهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    اڙي ادا توهان نوان آهيو توهان کي خبر ئي نه آهي ته ڪاڪي آچار کي جنهن شئي کان منع ڪبو آهي ان کي ئي انجام ڏيندو آهي۔۔۔ ^#(^
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    جي سائين ۔۔۔۔ لڳي ٿو ڪاڪو آچار پنهنجو پاڻ کي ڳالهائيندي ۽ سمجهائيندي راهي ٿيو ته برابر هتي هرڪو فرض شناس آهي ۔۔۔ ۽‌ صرف پنهنجو ئي فرض پورو ڪندو آهي ڇو ته اڳيان کيس هي منظر به نظر آيو۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  6. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    واهه ادا رشيد واهه جي سمجهاڻي ڏني اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڻ‌ کي پٽن وارا ته ٺهيا پر جي وڻ‌کي پاسي ڪري ليڪ کي سڌو ڪري ڪڍن هان ته انهن جي ڪهڙو گهران ٿي ويو۔۔۔۔۔۔۔ بس ابا مڙئي هلندي کي هلا۔۔۔۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    واهه ادا رشيد واهه جي سمجهاڻي ڏني اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڻ‌ کي پٽن وارا ته ٺهيا پر جي وڻ‌کي پاسي ڪري ليڪ کي سڌو ڪري ڪڍن هان ته انهن جي ڪهڙو گهران ٿي ويو۔۔۔۔۔۔۔ بس ابا مڙئي هلندي کي هلا۔۔۔۔



    ڪاڪي وارن جو ڪم پورو نه ٿيڻ جي شڪايت نه ڪريو، هي ڏسو مان ٿو توهان لاء وڻ پوکيان پريشان نه ٿيو۔ ماڻهون ته اهي به آهن جنهن جو تصويري مثال جناب رشيد صاحب ڏنو آهي، اگر انهن ڪم پورو نه ڪيو آهي ته اسان ٿا ڪم کي پورو ڪري وٺون۔ ورنه اهڙا ڪم چور ۽ سست ماڻهون ته هت تمام گهڻا آهن،

    ڳالهه سستي ۽ ڪاهلي جي نڪتي آهي ته توهان کي هڪ مثال ڏيندو هلان ته هڪ ڪلاس ۾ استاد شاگردن کي چيو ته توهان مان جيڪو سست آهي اهو پنهنجو هٿ مٿي ڪري ، ۽ پوء سڀنيء شاگردن مان هڪ شاگرد هٿ مٿي نه ڪيو، باقين پنهنجو هٿ مٿي ڪيو ان تي استاد ان شاگرد کان ( جنهن هٿ مٿي نه ڪيو هو ) پڇيو ته ڇا؟ تون سست نه آهين ،ته ان تي شاگرد جواب ڏنو ته سائين هٿ مٿي ڪير ڪري۔

    [​IMG]
     
  8. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    تمام سٺو ادا
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    ادي رشيد جي تصوير ۽ ادي ممتاز جي ڳالهه ته ڪاڪي آچار کي اصل ڏاڍو پريشان ڪيو هوندو پر پاڻ ڪاڪي آچار جا ڪم ڏسو،

    تازو ڪاڪي آچار ڏٺو ته پنجاب جي هڪ مولوي گهڻيون شاديون ڪري ٻارن ڄڻڻ جو ٺيڪو کنيو آهي سو کائنس رهيو نه ٿيو ۽ پپني کي راضي ڪري ٻي شادي جي تياري ڪيائين، خئيرن سان ڪجهه ڏينهن اڳ شادي ٿي گذري ۔۔۔ پر ڪاڪي آچار جي سستي به جڳ مشهور، ڀلا ڇا ڪري سنڌي جو آهي ۔۔۔

    ٿيو ڇا جو شادي جي پهرين رات تي ڪنوار جي ڪمري ۾ ويو، ڪنوار کي سلام ڪري سندس هٿ تي ڪسي ڪري سمهي رهيو ۔۔۔ ڪنوار سمجهيو ته شادي جي خفي ۾ ٿڪل هوندو سو ويچاري پاڻ به سمهي رهي ۔۔۔

    ٻي رات ٿي ته ڪاڪو آچار ڪنوار جي ڪمري ۾ آيو سلام دعا ڪري هٿ تي ڪسي ڪري سمهي رهيو ۔۔۔ ڪنوار سمجهيو ته خئير آ نينگر به ننڍي جمعا به گهڻا ۔۔۔

    ٽين رات ٿي ته به ڪاڪي آچار جي ساڳي حالت، چوٿين رات تي ڪاڪو آچار ڪنوار جي ڪمري ۾ آيو ته نه دعا نه سلام نه ڪسي بس ڪنوار کي پٺي ڏئي سمهي رهيو ۔۔۔ تنهن تي ڪنوار کي ڏاڍي مٺيان لڳي سو کيس چيائين۔

    پپني جا پي، خئير ته آهي ۔۔۔ ڀلا اڄ روزانه جيئان پيار نه ڪندي ڇا ۔۔۔؟
    ڪاڪي آچار وراڻيو؛ ڀاڳ ڀري اڄ سمهي رهه، آ اصل ڏاڍو ٿڪل آهيان۔۔۔۔
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    :)):)):)):)):)):)):)):))
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    لڳي ٿو فقير کي ڳالهه دل سان لڳي آهي ۔۔۔ جو کلي کلي چپ ٿي ويو ۽ ڪو لفظ ئي نه ڪڇيو ۔۔۔ خئير ادا فقير، نينگر به ننڍي جمع به گهڻا ۔۔۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    ڪاڪي آچار لاڙڪاڻي جي شهر گهمڻ لئه چنچي ڪرائي تي ڪئي، ڀٽي صاحب جي بنگلي کان گذرندي، اتا ترڪ واري يادگار کان گذرندي، گورمنٽ هاءِ اسڪول وارو پاسو وٺي، اچي سنمبارا هوٽل کان گذريو ته ٻاهر بينر ڏٺائين ” سنڌ جي مشهور مصور جي تصويرن جي نمائش مفت ۾ ڏسو“، سو لهي پيو چنچيءَ تان ۽ گهري ويو نمائش ۾ ۔۔۔

    هڪ حال ۾ تصويرون سجايون ويون هيون، چاچو آچار به گهمندي گهمندي هڪ ڪنڊ ۾ ڇا ڏسي ته هڪ تصوير مٿان ماڻهن جي رش لڳي پئي آهي، ڪي ماڻهون چون ته هي تصوير مصور ڪيئن ٺاهي آهي، ڪو چوي ته تمام سٺي ٺاهي آهي، ڪو چوي ته مخروطي آرٽ جو شاهڪار آهي، ڪي وري تصوير کي پنهنجو مٿو هيٺ ڪري ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۔۔۔ وغيره وغيره ۔۔۔

    ڪاڪي آچار تصوير کي غور سان ڏٺو ۽ چيائين دوستو! تصوير کي سڌو ته ڪريو، اونڌي اٽڪيل آهي ۔۔۔ اوهانکي ڳالهه سمجهه ۾ ڪيئن ايندي؟

    پريان مصور به بيٺو هو تنهن ڪاڪي آچار جو آواز ٻڌي ويجهو ٿيندي چيو، چاچا پوڙها هي تصوير مون ڄاڻي واڻي اونڌي ٺاهي آهي ، زمين مٿي ۽ آسمان هيٺ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔

    ڪاڪي آچار کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيائين يار! مصور تون به عجيب آهين آسمان مٿي هوندو آهي ۽ زمين هيٺ؛

    مصور وراڻيو، سائين اوهان به الائجي ڪهڙي دور جي ڳالهه ٿا ڪريو پر اڄڪلهه اوهان نه ڏٺو آهي ته ڪمينا مٿي آسمان تي چڙهي ويا آهن ۽ شريف هيٺ زمين تي منهن لڪائي ۽ کل بچائي پيا هلن، ۔۔۔ پوڙها چاچا زمانو بدلجي ويو آهي ۔۔۔ اڳ جيڪي مٿي هيا سي هيٺ آهن ۽ اڳ جيڪي هيٺ هيا سي مٿي چڙهي ويا آهن ۔۔۔!!!

    ڪاڪي آچار جو مٿو گهوماٽيون کائڻ لڳو ۽ نڪري آيو ٻاهر ۽ اچي وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳو ۔۔۔ ۽ هلي پيو اڳتي پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون ڪندي ۔۔۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    لڳي ٿو ڪاڪي آچار کي هاڻي ٽنڊو محمد خان جو چڪر لڳرائڻو پوندو، مون واري پُٽ جي شاديءَ جي وليمي ۾ گهرائيندوسانس۔ ٻُڌو اٿم ته ڀت کائڻ جي معاملي ۾‌ ڪاڪو هڪڙي جان لکان دا مٽ هي!
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    سائين معاف ڪجو اسان ڪاڪي آچار جي ڳالهه ڪئي آهي عبدالوهاب قمبراڻيءَ جي نه ڪئي آهي، يا وري وڏي فقير علي علي جي ڳالهه نه ڪئي آهي، باقي اوهانجي جگر جي ٽڪري جي شاديءَ جي ايتري خوشي ٿي آهي جو خوشيءَ ۾ ڄڃ جو ڀت پاڻ کائي وڃجي ۔۔۔ خئير رمضان کان اڳ شادي آهي جي پوءِ هجي ها ته اوهانکي خبر پوي ها ته اسان به پنهنجي مٽ پاڻ آهيون ۔۔۔

    ڀوڳن کان علاوهه، اوهانکي نينگر جي شاديءَ جون لک لک واڌايون ۔۔۔ @};-@};-@};-
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    سائين منهنجي خيال ۾ ته پاڻ واري ڪاڪي آچار ڏينهن واري شفٽ‌ هڻڻ کان پوءِ‌اوور ٽائيم ڪرڻ مناسب نه سمجهيو۔۔ ها ها ها

    باقي سائين اوهان اهڙي بهترين تحريرن کي نئين ڍاڳي جي صورت ۾ شروع ڪيو ها ته تمام سٺو ٿئي ها ۔۔
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    مطلب ته لاڙڪاڻي جا مصور شڪارپورين کان به چڙهي ويا۔۔ هل ڙي قسمت ۔۔ باقي سائين ڪاڪو آچار ويچارو ته هاڻي احتجاجن ۾ رڌل اٿو۔۔ ڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ‌خلاف، ڪڏهن بجليءَ‌جي اکٻوٽ‌خلاف،، ڪڏهن راشين خلاف، ڪڏهن ۔۔۔۔۔
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    سائين شڪر آهي ڪاڪي آچار کي امير ماڻهن شادي‌۾ نه ته وليمي ۾ ته ياد ڪيو۔
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    سائين اسان جو سائين نثار ناز صاحب صفا نرالو اٿوَ۔۔ توهان جي لاءِ الڳ وليمي جو انتظام ڪرائيندو۔۔ پر ننڍڙي پُٽ جي شاديءَ جي وليمي جو ۔۔۔۔ ڇو ته توهان هيل ته اچڻ‌کان رهيو۔۔۔
     
  19. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!


    ادا نثار صاحب توهان هن فورم تي سپر ايڊيٽر آهيو ما شالله توهانجيون سڀ تحريريون تمام بهترين آهن۔
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    ادا همانگير، ڀائڙا حقيقت پڇين ته آءُ هن سنڌ دوست اوطاق جون مٽيون ڀرڻ جي ڪم تي لڳو هوس پر دوستن پٽڪو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۔۔۔۔ سائين سولنگي صاحب، سچ ته بيٺو نچ، اندر ۾ خلوص ۽ سچائي هجي ته ليک به سچا لکجي ويندا آهن، سو پاڻ به ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جي هن اوطاق تي سچ ۽ حق جي پرچار جاري رکجي ۔۔۔

    ماشاء الله اوهان به هن ٿوري عرصي ۾ تمام سٺا ليک ونڊ ڪيا آهن ۔۔۔ ڪوشش ڪري مون سڀ پڙهيا آهن، خاص ڪري هو نند ڪمار وارو جيڪو موئن جي دڙي ته لکيل آهي ۔۔۔

    مٺڙا دوست، اميد ته اوهان پنهنجو ساٿ قائم رکندا ۽ پنهنجو تفصيلي تعرف پڻ ڪرائيندا ۔۔۔

    سلامن ۽ دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو